مافوشي آئلينڊ: قدرت جو خوبصورت ماڳ
اسان جي ٻيڙي آهستي آهستي ڪناري سان لڳڻ لڳي ۽ اسان
به هڪٻئي پٺيان هڪ هڪ ڪري سڀ هيٺ لهي آياسين. جنيد ۽ نظير ٻيڙي واري کي پئسا ڏيئي،
اهي به هيٺ لهي آيا. نظير سوڊاني پنهنجي فيملي سان گڏ پنهنجي منهن سان گهمڻ لاءِ
روانو ٿي ويو ۽ اسان وري پنهنجي منهن سان. هرڪو پسي پرين کي. سو لهڻ سان ئي مافوشي Maafushi لفظ جيڪو وڏن اکرن سان لکيل هيو، ان اسان جي آجيان ڪري
پاڻ ڏانهن گهرايو. هي ڪافو اٽول جو هڪڙو ٻيٽ آهي. هي ٻيٽ مالي کان 26.8 ڪلوميٽرن
جي مفاصلي تي آهي. اسان سڀ ان لفظ جي موهه ۾ موهجي وياسين ۽ انهن اکرن کي ساڳيو ئي
پيار ۽ سنڌي ثقافت وارو مان ڏيندي انهن جي پٺيان بيهي، تصويرون ڪڍرائي، اکرن کي
مان بخشيو. لفظ مافوشي جي معنيٰ آهي وڏو ٻيٽ
"Big Island". ڇو ڊيهيوي
Dhivehi مالديوي ٻوليءَ ۾ لفظ “ما "Maa"” جي معنيٰ وڏو "big" آهي ۽ “فوشي”
"Fushi" جي معنيٰ ٻيٽ "island"آهي. سو ان
حساب سان ان جو مطلب ٿيو “وڏو ٻيٽ”.
هر خطي جي مٽيءَ جي پنهنجي خوشبوءَ هوندي آهي، هن
سامونڊي ٻيٽ واري مٽيءَ/وارِي جي پنهنجي منفرد ۽ نرالي خوشبو محسوس ٿي. ناريلن جي ڊگهن
وڻن، سمونڊي جي فيروزي رنگ جي صاف شفاف پاڻي جي خوشبو به ڪنهن دلربا محبوب جي بدن
جي خوشبو کان گهٽ نه لڳو. جيئن ئي ٿوري دير لاءِ اتي بيهي چوڏس نظر ڦيرايم ته هر
طرف ناريلن جا ڊگها وڻ، نظر آيا. پاسن کان وڏيون وڏيون عمارتون، فليٽن جا اپارٽمينٽ
جن مان ڪن جو ڪم هلي رهيو هو ته ڪي مڪمل ٿي چڪا هيا.وڏا ڪشادا روڊ، روڊ جي وچ تي ۽
پاسن کان ٻوٽا، کجين جا، ناريلن جا ۽ گلن جا ننڍڙا ٻوٽا ماحول کي کنيو بيٺا هيا.
پريمي جوڙن ۽ پريمڪائن جي هن ديس کي ”پيار وارن جو ديس“ چئجي ته به منهنجي خيال ۾ ڪو
وڌاءُ نه ٿيندو. وشال سمونڊ جي جهولي، ڪيڏي نه صاف سٿري ۽ موهيندڙ آهي. سمونڊ جي ڪنارن
سان ٽڪرندڙ ڇولين جو آواز، شور، گوڙ اهو ٻڌائي
ٿو ڄڻ ته ڪن ٻن دلين جو ٽڪراءُ ٿيندي ميلاپ ٿيندو هجي. سمونڊ جي دل ڪيڏي وسيع آهي.
پاسي ۾ نوٽيس بورڊ تي ڇوڪرين لاءِ خاص هدايتون لکيل هيون. جنهن ۾ ٻين هدايتن سان گڏ
هيءُ به لکيل هو ته بڪني ۽ برا پائي هلڻ بيچ تي سخت منع آهي. پر مردن کي اجازت هئي
ته اهي ڀلي چڍا پائي گهمندا وتن. انهن کي ڪو به نه ٿو چئي سگهي. ان نوٽيس بورڊ کي
غور سان ئي پڙهي رهيو هيس ته اسان جي سامهون هڪڙي ٻيڙي اچي ڪناري تي لٿي، جنهن مان
ڪيترائي گورا لٿا. انهن مان هڪڙي چائني ڇوڪري به لٿي، ان کي بڪني پاتل هئي، شايد
هن جي نظر ان بورڊ تي پئجي ويئي هجي، ان ڪري هن هڪدم لهڻ شرط ئي اتي سرعام ٽارائوز
ڪڍي پاتو. منهنجي خيال ۾ اهڙن جاين تي ڪپڙن مٽائڻ جي لاءِ، ننڍڙا ننڍرا ڪمرا هجن.
ته جيئن پبلڪ مان ڪو به ماڻهو چينج ڪرڻ چاهي ته هو ان ۾ وڃي، عوامي نظر کان اوجهل ٿي،
ڪپڙا مٽائي وٺي.
اسان اتان اڳتي نڪري سامهون کان مختلف دڪانن جو
ديدار ڪندا اڳتي وڌياسين ته نظير هڪ دفعو ٻيهر اسان سان ٽڪرائجي ويو. هو به گهمي
پيو، اسان به. هن چيو ته،”واپسي ۾ گڏ هلنداسين، ساڳي ئي فيري ۾“. اسان هن سان سهمت
ٿياسين.
نظير سان ۽
هن جي فيملي سان ڪجهه تصويرون نڪتيون پوءِ هر ڪو پنهنجي منهن سان وري. پاڻ گهمندا
گهمندا، دڪانن جو جائزو وٺندا هلندا رهياسين. اسان جي واپسي 4 وڳي هئي. ان ساڳي ئي
ڪناري تي جتي ٻيڙي اسان کي لاٿو هو. صبح واري نڪري ويل ٻيڙي اتي ئي اچي لڳندي. سو
گهمندا گهمندا پاڻ هڪڙي عمارت جي هيٺان لنگهاسين ۽ پرتاب ان ۾ اندر هليو ويو. ڪائونٽر
واري کان هوٽل جي ڪمرن جا اگهه پڇي آيو. هن ٻڌايو ته،”هوٽل ۾ ڪو به روم خالي نه
آهي. سڄي دنيا جا سياح خاص ڪري آسٽريليا، اسپين، آمريڪا، چائني، سعودي عرب جا ماڻهو
لٿل آهن. هوٽلن ۾ وڏي رش آهي. هر هوٽل جو ڪرايو في بيڊ روم جو 185 ڊالر هيو، ٻي جو
70 کان 80 يا 100 ڊالر آهي. جيڪو اسان جي حساب کان تمام گهڻو مهانگو هو. هن علائقي
۾ گهٽ کان گهٽ هوٽل 35 کان 40 ڊالرن تائين هئي. سو به سنگل بيڊ“. اسان جي رهائش
گريدو ۾ اٿينس وويو ۾ 25 ڊالرن ۾ هئي، جيڪا ٽرپل شيرنگ آهي. اهو ڪريڊٽ جنيد ڏي وڃي
پيو ته هن گهٽ ۾ گهٽ، سستي ۽ معياري هوٽل بڪ ڪرائي هئي. سوڊاني ڊاڪٽر نظير به اسان
واري ٻيٽ ۾ ئي رهائش پذير هيو. هن ٻڌايو ته هن جي رهائش جنهن هوٽل ۾ آهي، ان جو ڪرايو
22 ڊالر آهي. جيئن ته نظير ڏهن ڏينهن لاءِ آيل هيو ۽ اسان فقط چار ڏينهن هياسين.
ان ڪري هن سان رعايت ڪئي ويئي هئي. اتي ئي هڪڙو ٻيو اسپين جو جوڙو مليو. نوجوان ڇوڪرو
۽ حسين جميل ڇوڪري. ڇوڪري ڏاڍي خوش هئي. هن جي خوشي هن جي چهري مان ليئا پائيندي
نظر آئي. هن سان ڪچهري دوران انهن ٻڌايو ته اهي هر ٻيٽ ۾ چار ڏينهن گذاريندا. گهٽ
۾ گهٽ مهينو کن رهندا. مان سمجهان ٿو ته انهن جي صحت ۽ وڏي عمر جو راز به اهو آهي
ته اهي دنيا جي جهنجهٽن کي خدا حافظ چئي، مالديپ ايندا ئي ان ڪري آهن ته اهي سک جو
ساهه کڻن.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment