Rights of Wives



زالن جا حق

ڪن ماڻهن کي اهو ڏک ھوندو آهي ته:
·       اسان جي ماءُ پيءُ کان غلطي ٿي ويئي۔
·       اسان جي زال جيتري خوبصورت هجڻ کپي ها اوتري ناهي۔
·       امان جي چونڊ غلط آهي۔
·       اک ۾ ڪو موتيو هيس الائي ڇا؟
·       سنڱ ڪرڻ وقت يارهن نمبر جي عينڪ پائي وئي هئي الائي ڇا؟


الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمایو آهي ته:
وَعَاشِرُوهُنَّ بِالْمَعْرُوفِ
(سورۃ نساء، آیت 19 پارہ نمبر 2)
پنهنجي زالن سان ڀلو برتاءُ ڪريو.

·       زال ڀلي جوان هجي يا پوڙهي۔
·       ڀلي زال جي وات ۾ ڏند به نه هجن۔
·       زال جڏهن پوڙهي ٿي وڃي ته ان جو گهڻو خيال ڪجي۔
·       زال جڏهن جوان هئي تڏهن ته گهڻي محبت هئي۔
·       هاڻي زال جا جڏهن ڏند ڀڄي پيا ۽ حسن هليو ويو ته ان کي حقير پيو سمجهي۔

اها ڳالهه صحيح ناهي۔
ان پوڙهيءَ زال جو به خيال ڪجو ڇو جو، اها توهان سان گڏ پوڙهي ٿي آهي. پهرين نفس جي ڪري محبت ڪندا هيا هاڻي الله جو حڪم سمجهي ان کي پيار ڏيو، جيڪڏهن بيمار آهي ته دوا وٺي ڏيوس ۽ رحم و ڪرم وارو برتاءُ ڪريوس.


علامه آلوسي رحه روح المعاني ۾ سيپاري نمبر 27 ۾ سورت رحمان جي تفسير ۾ لکيو آهي ته:

حضرت ام سلمه رضه پڇيو ته:
’’اي الله جا رسول ! جنت ۾ حورون زياده حسين هونديون يا مسلمان زالون؟”


سرور عالم جن فرمايو ته:
اي ام سلمه! جنت ۾ مسلمان عورتون، حورن کان به گهڻيون حسين هونديون۔

حضرت ام سلمه رضه پڇيو:
ڀلا اهو ڇو؟

ته پاڻ فرمايائون:
·       حورن نماز ڪانهي پڙهي۔
·       حورن روزا ڪونه آهن رکيا۔
·       حورن مڙسن جي خدمت ناهي ڪئي۔
·       حورن ٻار ڄڻڻ جي تڪليف ڪانهي سٺي ۔
۽ مسلمان عورتن نمازون پڙهيون آهن، روزا رکيا آهن، حج ڪيا آهن، مڙسن جي خدمت ڪئي آهي، ٻار ڄڻڻ جي تڪليف سٺي آهي.

حديث جا لفظ هي آهي:
بِضَلاَمِھِنَّ وَصِیَامِھِنَّ وَ عِبَادَھِنَّ الَلۡمَسَ اللہُ وُجُوۡھَھُنَّ النُّوۡرَ۔
(روح المعانی ص 129۔ ج 2)
انهن جي نماز، روزن ۽ انهن جي عبادت جي ڪري الله تعاليٰ انهن جي منهن تي نور وجهي ڇڏيندو.


جيڪڏهن ملڪ جو وزير اعظم توهان کي خط لکي ته پنهنجي زال سان ڀلو برتاءُ ڪجان، ڇو جو تنهنجي زال منهنجي ڌيءَ سان گڏ پڙهي آهي.
پوءِ ٻڌايو توهان پنهنجي زال کي ستائيندا؟


جنت ۾ زالون حورن کان به وڌيڪ حسين بنايون وينديون
دنيا ۾ جهڙي زال ملي ان سان نڀاهه ڪر، ريل جي پليٽ فارم تي ڪا سٺي چانهه ڪانهي ملندي، اتي ته توهان چوندا آهيو ته اَبا، جهڙي به آهي پي ڇڏيو. گرم پاڻي ئي سهي، نزلي، زڪام کان ته بچي وينداسين، گهر هلي، ڀلي چانهه پيئنداسين.
دنيا به هڪ پليٽ فارم آهي، هتي جهڙي زال ملي آهي، ان سان نباهه ڪر، جنت ۾ اهي ئي زالون حورن کان به وڌيڪ حسين بنايون وينديون۔

ائين نه ڪجي ته جيڪڏهن زال گهٽ خوبصورت آهي ته پوءِ هر وقت اُن کي طعنا پيا ڏين، ستائين پيا.

گهر ۾ جڏهن پنهنجي زال ڏانهن وڃجي ته مُرڪندي وڃجي. مرڪڻ ۽ کلڻ به عبادت ۾ داخل آهي

حضرت عائشه صديقه رضه فرمائين ٿيون ته :
حضور جڏهن گهر ۾ داخل ٿيندا هئا ته مُرڪندا رهندا هئا. زمين وارن جا حق به ادا ڪندا هئا، جيتوڻيڪ سائين جن کي امت جو ڪيترو غم هو ۽ هر وقت ڪافرن سان مقابلا. هڪ جهاد ختم ئي مس ٿيو، اڃا تلوار ئي نه رکيائون ته ٻيو جهاد شروع ٿي ويو. پر انهن سڀني ڪمن جي هوندي ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو سائين جن گهر ۾ داخل ٿيا هجن ۽ منهن مبارڪ تي مُرڪ نه هجي.

حضور جن فرمائين ٿا ته:
سڀ کان وڌيڪ ڀلي اخلاق وارو اُهو ئي آهي جنهن جا پنهنجي زال سان اخلاق ڀلا آهن۔
هوءَ ويچاري ڪمزور آهي، تنهنجي قبضي ۾ آهي، ان جا ڀائر ۽ ڀينرون ان کان پري آهن ۽ ٻن ٽن ٻارن کان پوءِ ته اڃا گهڻي ڪمزور ٿيو وڃي ۽ هي مڙس آنا کائي کائي سڄي رهيو آهي، پوءِ ان کي ڏنڊا هڻي پنهنجي طاقت ٿو ڏيکاري.
۽ چوي ٿو ته:
ادا، ڇا ڪريان، ڪاوڙ ۾ بس چريو ٿيو وڃان، چوانس ٿو ته ٽوال ڌوئي ڏي ته نه ٿي ڏي، اڄ ئي چيو مانس ته ڌوئي ڏي ڪو نه ڌوئي ڏنئين.
اڙي ادا:
·       توهان زال کي نوڪرياڻي آخر ڇو سمجهيو آهي؟
·       پنهنجو ٽوال پاڻ نه ٿو ڌوئين۔
·       هن ويچاريءَ کي ڇو ٿو ستائين۔
·       ڪاوڙ ۾ ڇو ٿو چريو ٿين.
·       ڪاوڙ ڪڏهن به چري ڪانهي ٿيندي۔
·       ڪاوڙ وڏي هوشيار آهي۔
·       ڪاوڙ رڳو ڪمزورن تي چري ٿيندي آهي۔
·       سوا سير وارو، اڌ سير واري تي ڪاوڙ لاهيندو آهي۔

پر جيڪڏهن اچي ويو محمد علي ڪلي جهڙو باڪسر جيڪو هڪڙي ئي مُڪ ڏيکاري، تڏهن ان جي ڪاوڙ ڇا چوندي آهي، معاف ڪر ٻيلي، معاف ڪر ۽ هٿ ٻڌي آلي ٻلي بڻجي ويندو آهي.

·       هاڻي اهو معافيءَ وارو عقل ڪٿان آيو۔
·       هينئر ته هي چريو هو پوءِ عقل واريون ڳالهيون ڇو پيو ڪري۔
·       خبر پيئي ته ڪاوڙ ۾ ڪو به چريو ڪونهي ٿيندو۔


حضور جو ارشاد آهي:
خَیۡرُکُمۡ خَیۡرُکُمۡ لِاَھۡلِہٖ۔
(جامع صغیر ص 10 ج 2)
توهان مان سڀ کان وڌيڪ ڀلو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ ڀلو هجي ۽ انهن جون غلطيون معاف ڪرڻ وارو آهي.




گهريلو جهڳڙن کان بچڻ جو طريقو
هڪ گهر ۾ ڪجهه خاندان گڏ نه رهن ڇو ته هڪ گهر ۾ ڪيترن ئي عورتن جو گڏ رهڻ ئي فساد جو ڪارڻ آهي.
(ارشادات حضرت ٿانوي رحه، ص 12)

زال مڙس جا حق
زال مڙس ۾ جهيڙي جو اصل سبب
·       هڪ ٻئي جا حق ادا نه ڪرڻ آهن.
·       هڪ ٻئي جا حق ادا نه ڪرڻ جي ئي ڪري جهيڙا ٿيندا آهن.
ان ڪري زال مڙس تي لازم آهي ته:
هڪ ٻئي جا حق سڃاڻن ۽ پوءِ انهن مڙني حقن کي ادا ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن.

مڙس تي زال جا هي حق آهن
(1)         زال سان ڀلي اخلاق سان پيش اچي.
(2)         وچٿرائيءَ سان ان جي تڪليف تي صبر ڪرڻ مطلب ته جيڪڏهن زال جي طرفان ڪا طبيعت جي خلاف نه وڻندڙ ڳالهه ٿي وڃي ته ان تي صبر ڪرڻ ۽ سهڻ ۽ نرميءَ سان ان کي سمجهائڻ جيئن آئنده هوءَ ائين نه ڪري ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙ نه ڪرڻ.
(3)         غيرت ۾ وچٿرائي رکجي مطلب ته خواه مخواه زال سان بدگماني نه ڪري ۽ نه ئي زال جي باري ۾ بلڪل غافل ٿي وڃي.
(4)         خرچ ۾ وچٿرائي رکي مطلب ته نه حد کان وڌيڪ تنگي ڪري ۽ نه ئي وري اجائي خرچ جي اجازت ڏيئي، وچٿرائيءَ کان ڪم وٺي.
(5)         حيض ۽ نفاس جا حڪم سکي پنهنجي زال کي سيکارڻ، نماز پڙهن ۽ دين تي هلڻ جو تاڪيد ڪرڻ، بدعتن ۽ رسمن کان روڪڻ.
(6)         جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ زالون آهن ته انهن سان برابر وارو برتاءُ ڪرڻ.
(7)         ضرورت مطابق همبستري ڪرڻ.
(8)         ضرورت مطابق رهائش لاءِ گهر ڏيڻ.
(9)         ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زال کي سندس ويجهن مائٽن سان ملڻ جي اجازت ڏيڻ.
(10)  ان سان همبستريءَ جون ڳالهين ٻين تي ظاهر نه ڪرڻ.
(11)  ضرورت مهل زال کي تنبيهه ڪرڻ جي حد جيڪا شريعت ٻڌائي آهي.

زال تي مڙس جا هي حق آهن
(1)         هر جائز ڪم ۾ پنهنجي مڙس جي فرمانبرداري ڪرڻ، پر ها شريعت جي خلاف ۽ گناهن جي ڪم ۾ انڪاري ڪري ڇڏي ان ۾ فرمانبرداري نه ڪري.
(2)         مڙس جي حيثيت کان وڌيڪ خرچ نه گهري.
(3)         مڙس جي اجازت کان بغير ڪنهن کي گهر ۾ اچڻ نه ڏيئي.
(4)         مڙس جي اجازت کان سواءِ ان جي گهر مان نه نڪري.
(5)         مڙس جي اجازت کان سواءِ ان جي مال مان ڪنهن کي به ڪجهه نه ڏي.
(6)         مڙس جي اجازت کان سواءِ نفل نماز پڙهي ۽ نه ئي نفلي روزو رکي.
(7)         جيڪڏهن مڙس پنهنجي ضرورت لاءِ سڏي ته شرعي رڪاوٽ کانسواءِ انڪار نه ڪري.
(8)         مڙس کي سندس غريبت يا بدصورتيءَ جي ڪري حقير نه سمجهي.
(9)         جيڪڏهن مڙس ۾ ڪا شريعت جي خلاف ۽ گناهه واري ڳالهه ڏسي ته پوءِ ادب سان روڪي.
(10)  مڙس کي ڪڏهن به نالو وٺي نه سڏي.
(11)  ڪنهن جي سامهون ان جي شڪايت نه ڪري.
(12)  پنهنجي مڙس سان ڪڏهن به زبان درازي ۽ بدزباني ۽ گار گند نه ڪري.
(13)  پنهنجي مڙس جي ماءُ پيءُ کي پنهنجو مخدوم سمجهي انهن جو ادب، احترام ڪري، انهن سان ڪڏهن به ڪو جهيڙو نه ڪري ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن طريقي سان تڪليف پهچائي.

مولوي مجيب الرحمان منصور
مولانا شاهه حڪيم محمد اختر صاحب رحه

Digital Sindh - Digital People



Sindh
Digital Readers





Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت