روزي جا مقاصد ۽ فائدا - احڪامِ روزه
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزي
جا مقاصد ۽ فائدا
-------
پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ڪائي به تعليم رباني صرف حڪم جي طور تي نه ڏني وئي
آهي، بلڪه حڪمتن ۽ مصلحتن سان ڀرپور آهي انهيءَ تعليم جي فرائض جي عمارت روحاني،
اخلاقي، اجتماعي ۽ مادي فائدن ۽ منافع جي ستونن ۽ ٿنڀن تي قائم آهي ۽ انهن مصلحتن
۽ منافع جي اصولن ۽ جوهرن کي خود سرور ڪائنات جن الهامي صحيفي ۾ ظاهر ڪيو ۽ ٻڌايو
آهي، چنانچه روزن جا اغراض ۽ مقاصد هنن ٽن فقرن ۽ جملن ۾ بيان ڪيا ويا آهن.
1) ته جيئن خدا جيڪا توهان کي هدايت ڪئي
آهي تنهن تي ان جي وڏائي ۽ عظمت بيان ڪريو.
2) ته جيئن ان جي هدايت ملڻ تي توهان خدا
جو شڪر ادا ڪريو.
3) ته جيئن توهين پرهيزگار بڻجو ۽ توهان ۾
تقويٰ پيدا ٿئي.
شڪر گذاري
روزو صرف انبياء ڪرام جي پيروي ۽ تقليد نه آهي بلڪه درحقيقت الله پاڪ
جي انهيءَ عظيم الشان احسان جيڪو ان پنهنجي سچن پيغمبرن سڳورن جي ذريعي انسانن تي
فرمايو آهي، ان جو شڪريو آهي.، ۽ اهو ان جي احسان شناسيءَ جو احساس آهي. اهو احسان
ڪتاب الاهي ۽ تعليم رباني آهي جيڪا انسانن ڏانهن موڪلي ويئي آهي جنهن جي ذريعي
انسانن کي پستيءَ ۽ ذلت جي گِهري گڏ مان ڪڍ ڪري اعليٰ مقام تي پهچايو آهي، انهن جي
وحشت کي تهذيب ۽ اخلاق سان ۽ انهن جي جهالت کي علم و معرفت سان ۽ انهن جي نادانيءَ
کي حڪمت ۽ دانائيءَ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ۽ قرآن ڪريم روزي جي انهي حقيقت کي
هنن لفظن ۾ بيان فرمايو آهي:
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
وَلِتُكَبِّرُواْ اللَّهَ عَلَى مَا هَدَاكُمْ وَلَعَلَّكُمْ
تَشْكُرُونَ
(سورۃ البقرۃ رقم الآیۃ185)
”۽ (اهي رمضان المبارڪ جا روزا انهيءَ ڪري فرض ڪيا ويا) ته جيئن
توهين الله پاڪ جي وڏائي بيان ڪريو جو ان توهان کي هدايت ڏني ۽ تانته اوهان ان جو
شڪر ادا ڪريو.“
انهيءَ هدايت ربانيءَ ۽ قرآن ڪريم جي عطا تي شڪر گذاريءَ جو اهو
اشارو آهي ته رمضان المبارڪ جي راتين ۾ مسلمان انهيءَ پوري ڪتاب کي نمازِ تراويح ۾
پڙهن ۽ ٻڌن ۽ انهيءَ مهيني جي اختتام تي الله اڪبر الله اڪبر جو ترانو بلند ڪندي
عيد گاهه ڏانهن روانا ٿين ۽ ٻه رڪعتون شڪراني جون ادا ڪن ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪن.
تقويٰ ۽ پرهيزگاري
روزي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مقصد تقويٰ ۽ پرهيزگاري آهي. ارشاد باري
تعاليٰ آهي:
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ ءَامَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ
كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ (سورۃ البقرۃ رقم الآیۃ183)
”اي ايمان وارؤ توهان تي به اهڙيءَ طرح روزا فرض ڪيا ويا آهن جهڙيءَ
طرح توهان کان پهرين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن اوهين تقويٰ حاصل ڪريو.“
تقويٰ دل جي ان ڪيفيت جو نالو آهي جنهن جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ دل کي
گناهه ڪندي جهجهڪ محسوس ٿيندي آهي ۽ نيڪ ڪمن جي طرف انسان زياده مائل ٿيندو آهي ۽
نيڪي جي طرف تڙپ پيدا ٿيندي آهي. ۽ روزي جو مقصد هي آهي ته انسان جي اندر اها
ڪيفيت پيدا ٿئي، انسان جي دل ۾ گناهن جا جذبا اڪثر طور تي حيواني قوت جي اضافي جي
ڪري پيدا ٿيندا آهن، ۽ روزا انسان جي انهن جذبن جي شدت کي گهٽ ڪندا آهن، تنهن ڪري
پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن نوجوانن کي جيڪي مالي مجبورين جي ڪري شادي ڪرڻ جي طاقت نه ٿا
رکن ۽ پنهنجي نفس تي به ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن ته انهن جي لاءِ روزن رکڻ جو حڪم
فرمايو آهي. ۽ پاڻ فرمايائون ته روزو شهوت کي ٽوڙڻ ۽ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بهترين شئي
آهي.
غريبن سان تعاون
اسلام جي مختلف احڪامن تي غور و فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته روزي جي
مشروعيت ۾ هڪ خاص راز هي آهي ته ٻارهن مهينن مان هڪ مهينو مسلمانن کي اهڙيءَ طرح
به گذارڻ گهرجي جو ڏينهن رات ۾ هڪ وقت جو کاڌو کائين ۽ ٿي سگهي ته هڪ وقت جو کاڌو
پنهنجي فاقي زده، محتاج ۽ غريب مسلمان ڀائرن کي کارائي ۽ انهن تمام احڪامات تي نظر
وجهجي جيڪي فدئي ۽ ڪفاري سان متعلق آهن ته معلوم ٿيندو ته انهن سمورن مواقع ۾ روزي
جو بدل غريبن کي کاڌو کارائڻ قرار ڏنو ويو آهي. ان مان معلوم ٿيو ته روزو ۽ غريبن
کي کاڌو کارائڻ ۽ انهن سان تعاون ۽ مدد ڪرڻ اهي ٻئي هڪ ٻئي جي قائم مقام آهن.
غربت جو احساس
روزو ئي اميرن ۽ دولتمندن کي ٻڌائيندو آهي ته فاقي ۽ بک، اڃ ۾ ڪيتري
قدر تڪليف ۽ اذيت پهچندي آهي، ۽ روزي جي حالت ۾ ان کي پنهنجي غريب مسلمان ڀائرن جي
تڪليف جو احساس ٿيندو آهي ۽ خبر پوندي آهي ته چند لقمن سان انهن جي تڪليف کي دور
ڪرڻ ڪيترو وڏو ثواب آهي، جنهن شخص بک نه ڪاٽي هجي ۽ جنهن شخص اڃ نه ڪاٽي هجي ان کي
بک ۽ اڃ جو ڪهڙو احساس ٿيندو. روزو انهيءَ احساس کي زنده ڪندو آهي ۽ ايثار و
قرباني ۽ همدرديءَ جي جذبي کي پيدا ڪندو آهي. چنانچه پاڻ ڪريم ﷺ جن جو حال اهو
هوندو هيو جو رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت بارش وانگر هوندي
هئي ۽ انهيءَ جو اثر آهي جو اڄ تائين مسلمانن وٽ ان مهيني ۾ غريبن ۽ فقيرن جي
امداد ۽ اعانت ڪئي ويندي آهي.
وقت کي عبادت ۾ صرف ڪرڻ
انسان اگر پنهنجي ڏينهن رات جي مشغوليتن ۽ مصروفيتن تي ٿورو غور ڪري ته ان کي معلوم
ٿيندو ته ان جي وقت جو هڪ وڏو حصو صرف کائڻ پيئڻ ۽ ان جي انتظام ۽ بندوبست ۾ صرف ۽
خرچ ٿيندو آهي، اگر انسان هڪ وقت جو کاڌو پيتو گهٽ ڪري ڇڏي ته ان جي وقت جو وڏو
حصو بچي پوندو، ۽ اهو وقت خدا جي عبادت ۽ خلق خدا جي خدمت ۾ خرچ ڪري سگهجي ٿو. اگر
هميشه نه ته ڪم از ڪم سال ۾ هڪ ڀيرو ته ان غير ضروري ضرورت کي گهٽ ڪري اها سعادت
حاصل ڪئي وڃي ته جيئن دنيا ۽ آخرت سينگارجي سگهجي.
مشڪل وقت جي لاءِ مشق
انسان اگرچه ڪيترن ئي نازن ۽ نخرن سان پليو ۽ وڏو ٿيو هجي ۽ دولت ۽
مال سان مالا مال هجي تڏهن به زماني جو انقلاب ۽ تبديلي ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ان کي
مجبور ڪندي آهي ته اهو پنهنجي جسم کي مشڪلاتن ۽ سختين جو عادي بڻائي، جهاد جي هر
متوقع ميدان جي لاءِ بک ۽ اڃ کي برداشت ڪرڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ
کي تيار رکي ۽ انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪري. اهو ئي سبب آهي جو مسلمان مجاهد ۽ سپاهي
ميدان جنگ و جهاد ۾ بک ۽ اڃ جي تڪليف کي جهڙيءَ طرح خوشيءَ سان برداشت ڪندو آهي
ائين ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي.
روزو گوياڪه هڪ قسم جي فوجي مشق ۽ ايڪسرسائز آهي جيڪا هر مسلمان کي
سال ۾ هڪ ڀيرو ڪرائي ويندي آهي ته جيئن هو هر قسم جي جسماني تڪليف کي برداشت ڪرڻ
جي لاءِ هر وقت تيار رهي ۽ دنيا جي سختيءَ سان پوريءَ طرح مقابلو ڪري سگهي.
گناهن جو ڪفارو
روزو گهڻن گناهن کان انسان کي روڪي ٿو ۽ محفوظ رکي ٿو تنهن ڪري اهو
گهڻن گناهن جو ڪفارو به آهي ته تورات ۾ روزي کي خاص ڪفارو ئي چيو ويو آهي. (احبار
16-3 کان 34 تائين) ۽ اسلام ۾ به روزي کي گهڻن جڳهن تي ڪفار چيو ويو آهي
چنانچه اگر ڪوئي شخص قسم کڻڻ کان پوءِ ان کي ٽوڙي ڇڏي ته ان جي ٽوڙڻ جي گناهه جي
معافيءَ جي صورت اها آهي ته ڏهن مسڪينن کي کاڌو کارائي ۽ اگر ان جي طاقت نه هجي ته
پوءِ ٽي ڏينهن روزا رکي. اهڙيءَ طرح حج جي موقعي تي حاجي سڳوري جي لاءِ شڪار ڪرڻ
جي اجازت نه آهي اگر ڪنهن شڪار ڪيو ته انهي جانور جي برابر جانور جي قرباني ڪندو
اگر ائين به نه ٿي سگهي ته پوءِ چند مسڪينن کي کاڌو کارائي ۽ اگر ائين به ممڪن نه
هجي ته پوءِ ان جي برابر روزا رکي. اهي احڪامات سورت مائده ۾ تفصيل سان مذڪور آهن.
اهڙيءَ طرح اگر ڪوئي ذِمي ڪافر ڪنهن مسلمان جي هٿان قتل ٿي وڃي ته
انهيءَ مسلمان تي خون بها لازم آهي ته اهو ڪنهن هڪ غلام ۽ ٻانهي کي آزاد ڪري ۽ اگر
غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت نه هجي ته پوءِ ان گناهه جو ڪفارو اهو آهي ته اهو قاتل شخص
مسلسل ٻه مهينا روزا رکي ته ان جو گناهه معاف ٿي ويندو اهي روزا ان جي گناهه جو
ڪفارو آهن. انهن تفصيلات مان معلوم ٿيو ته روزو گهڻن گناهن جو ڪفارو به آهي.
تمام گناهن کان بچڻ جو ذريعو
مذڪوره بالا ڳالهين کي سامهون رکڻ کان پوءِ ان ڳالهه کي آسانيءَ سان
سمجهي سگهجي ٿو ته روزو صرف ظاهر بک ۽ اڃ جو نالو نه آهي، بلڪه اهو درحقيقت دل ۽
روح جي بک ۽ اڃ جو نالو آهي جو الله پاڪ روزي جي غرض و غايت تقويٰ کي قرار ڏنو
آهي، اگر روزي مان ان جي اها غرض حاصل نه ٿئي ته پوءِ ڄڻ ته روزو رکيو ئي نه ويو
آهي، يا ائين چوڻ گهرجي ته جسم جو روزو ته ٿيو مگر دل ۽ روح جو روزو نه ٿيو. اهڙي
وضاحت پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمائي آهي ته روزي کان پوءِ به اگر ڪوئي شخص ڪوڙ ۽ فريب جا
ڪم نه ڇڏي ته خدا کي ان جي بکي ۽ اڃي رهڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. (بخاري شريف ڪتاب
الصوم ج 1 ص 255 ــ ترمذي شريف ابواب الصوم ج 1 ص 64)
حڪ ٻي حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته روزو انهيءَ وقت
تائين ڍال آهي جيستائين ان ۾ سوراخ نه ڪيو وڃي، صحابه ڪرام عرض ڪيو ته اي الله جا
رسول ﷺ ان ۾ سوراخ ڪنهن شئي سان ٿيندو آهي، پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته “ڪوڙ ۽ غيبت
سان” (مجمع الفوائد ص 152)
بي رياء عبادت
سمورين عبادتن مان روزي کي تقويٰ جو اصل ۽ بنياد ان ڪري به چيو ويو
ته هيءَ هڪ مخفي ۽ لڪل ۽ خاموش عبادت آهي جيڪا رياڪاري ۽ نمائش کان خالي آهي
جيستائين پاڻ انسان ان جو اظهار نه ڪندو تيستائين ٻي کي خبر نه پوندي ۽ اها ئي شئي
تمام عبادتن جي جڙ ۽ بنياد آهي. تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن روزي جي نسبت جي باري ۾
فرمايو ته ارشاد خداوندي آهي ته:
اَلصَّوۡمُ لِیۡ وَاَنَا اَجۡزِیۡ بِہٖ (مؤطا امام مالک کتاب الصوم)
”روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ آءُ ان جو بدلو عطا ڪندس“
يعني روزو ڏيکاء ۽ رياڪاريءَ کان پاڪ عبادت آهي تنهن ڪري الله پاڪ
پنهنجي شايانِ شان ان جو اجر ۽ ثواب عطا فرمائيندو.
صبر جو مادو پيدا ٿئي ٿو
روزو به صبر جو هڪ قسم آهي بلڪه اهو چوڻ گهرجي ته روزو صبر ۽ برداشت
ڪرڻ جي مشق جي هڪ آسان ۽ بهترين صورت آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته رمضان
المبارڪ جو مهينو صبر جو مهينو آهي يعني ڏينهن ۾ بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ ۽ رات جو نماز
۽ تراويح پڙهڻ اهو وڏي صبر جو ڪم آهي، ۽ صبر ڪرڻ وارن کي صبر ڪرڻ جي مڪمل ۽ پوري
مزدوري ڏني ويندي.
اجر عظيم جو حصول
روزو به انهن عبادتن مان آهي جنهن جي لاءِ الله پاڪ وڏي اجر ۽ ثواب
جو اعلان فرمايو آهي:
ارشاد خداوندي آهي:
وَالصَّائِمِينَ وَالصَّائِمَاتِ وَالْحَافِظِينَ فُرُوجَهُمْ
وَالْحَافِظَاتِ وَالذَّاكِرِينَ اللَّهَ كَثِيرًا وَالذَّاكِرَاتِ أَعَدَّ
اللَّهُ لَهُم مَّغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا ﴿٣٥) (سورۃ الاحزاب﴾
”۽ روزيدار مرد ۽ روزيدار عورتون ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا
مرد ۽ عورتون، ۽ خدا کي زياده ياد ڪرڻ وارا مرد ۽ عورتون انهن جي لاءِ الله پاڪ
معافي ۽ وڏي مزدوري ۽ اجر عظيم تيار ڪيو آهي.“
جسم جو علاج
جهڙيءَ طرح حد کان وڌيڪ فاقو ۽ بک انسان کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي ان
کان به وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته حد کان زياده کائڻ سان انسان جي جسم کي بيمارين ۽
امراض سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. طب جي تجربن ۽ مشاهدن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي
ته اڪثر حالت ۾ انسان جي بکيو رهڻ ان جي صحت ۽ تندرستيءَ جي لاءِ ضروري آهي، ۽
مختلف بيمارين جو قطعي ۽ يقيني علاج اهو ئي آهي ته انسان روزو رکي ۽ بک ۽ اڃ کي
برداشت ڪري.
طبيبن جوچوڻ آهي ته انسان کي گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو کاڌي جو ناغو
ڪرڻ گهرجي، ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو جسماني فضلن ۽ گندگين کي هلڪي ڪرڻ جي لاءِ فرض روزا
رکڻ نهايت مفيد آهن تنهنڪري رمضان المبارڪ جا روزا هڪ قسم جو سالانو جسماني علاج
آهي.
دماغ جو علاج
انسان جي دماغي ۽ روحاني يڪسوئي ۽ صفائي جي لاءِ مناسب بک ۽ فاقو
بهترين علاج آهي، جڏهن انسان جو معدو هضم ۽ فتور کان خالي ۽ دل دماغ تبخير معده جي
مصيبت کان پاڪ هوندو ته انسان جو دماغ تيز ٿيندو ۽ بهتر نموني سان ڪم ڪندو رهندو.
تنهن ڪري روزو دماغ جو بهترين علاج آهي.
Comments
Post a Comment