روزن جي مذهبي تاريخ - حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزن جي مذهبي تاريخ
-------

قرآن ڪريم انهيءَ ڳالهه جي صراحت فرمائي آهي ته روزو اسلام سان مخصوص نه آهي بلڪه اسلام کان اڳ به تمام مذاهب جي مجموعي احاڪامات جو هڪ جزء رهيو آهي، جاهل عرب جو اُمّي پيغمبر جيڪو بقول مخالفين جي دنيا جي تاريخ کان واقف نه هيو. اهو دعويٰ ڪري ٿو ته دنيا جي تمام مذاهب ۾ روزو فرض عبادت رهيو آهي،


اگر اها دعويٰ پوري صحت تي مبني آهي ته پوءِ ان جي علم جي مافوق ذرائع ۾ ڪهڙو شڪ رهجي وڃي ٿو؟ انهيءَ دعويٰ جي تصديق ۾ يورپ جي محقق ترين ماخذ جو اسين حوالو پيش ٿا ڪريون، انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا مضمون نگار روزي کي (فاسٽنگ) لکيو آهي،

روزي جا اصول ۽ طريقا اگرچه آب و هوا، قوميت،تهذيب، ۽اردگرد جي حالات جي مختلف هجڻ جي ڪري گهڻومختلف آهن، ليڪن مشڪل سان اسين ڪنهن اهڙي مذهب جو نالو وٺي سگهون ٿا جنهن جي مذهبي نظام ۾ روزي کي مطلقاً تسليم نه ڪيو ويو هجي“.

برهمڻ به روزي کان آزاد نه آهن، هر هندي مهيني جي يارهين ۽ ٻارهين تاريخ تي برهمڻ جي مٿان اڪاوشيءَ جو روزو لازم آهي، ان حساب سان برهمڻن تي به سال جا چوويهه (24) روزا لازم آهن، هندو ۽ جوڳي وغيره چلوڪشي ڪندا آهن، يعني چاليهن چاليهن ڏينهن  جو به انهن وٽ هڪ روزو هوندو آهي.
 قديم مصرين جي نزديڪ به روزو ٻين مذهبي ڏهاڙن وانگر نظر اچي ٿو. يونان ۾ صرف عورتون ٿموفيريا جي ٽئين تاريخ تي روزو رکنديون هيون. (انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا ج 10 ص 193 ــ 194)
يهوديت ۾ به روزو فرض الاهي آهي، حضرت موسيٰ عليھ السلام جن ڪوهِ طور تي چاليهه ڏينهن بک ۽ اڃ جي حالت ۾ گذاريا (خروج 34-38) چانچه عام طور تي يهوديت حضرت موسيٰ عليھ السلام جي پيرويءَ ۾ چاليهه ڏينهن روزن رکڻ کي سٺو سمجهندا آهن، ليڪن چاليهن ڏينهن جا روزا انهن تي فرض آهن، جيڪي انهن جي ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي هوندا آهن. تنهن ڪري ان کي عاشوراء (ڏهون) چوندا آهن، اهو ئي عاشوري جو ڏهاڙو آهي، اهو ئي ڏهاڙو هو جنهن ۾ حضرت موسيٰ عليھ السلام کي تورات جا ڏهه احڪام عطا ڪيا ويا هئا. تنهن ڪري تورات ۾ انهيءَ ڏينهن جي روزي جي نهايت تاڪيد آيل آهي. (تورات سفر الاحبار 16-209-34-22-27)) ان کان علاوه يهودي صحيفن ۾ ٻين روزن جا احڪام به صراحت سان موجود آهن. (اول سموايل 7-6- ويرميا 63-6)
عيسائي مذهب ۾ به روزن جو حڪم موجود آهي، چنانچه حضرت عيسيٰ عليه السلام جن به چاليهن ڏينهن تائين جهنگ ۾ روزا رکيا هئا. (متي 4-2)
يهودن مختلف وقتن ۾ مختلف واقعن جي يادگار ۾ بيشمار روزا وڌائي ڇڏيا هئا ۽ انهن مان گهڻون ڪري غم ۽ ڏک جا روزا هئا ۽ انهيءَ غم ۽ ڏک کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ظاهري صورت ۽ شڪل کي به اداس ۽ غمگين بڻائيندا هئا. (سموايل اول 7-6 ،31-31” لوقا 6-16)
حضرت عيسيٰ عليھ السلام جن پنهنجي زماني ۾ غم ۽ ڏک جي انهن هٿرادو روزن کان منع فرمايو هيو. غالباً اهڙي قسم جي ڪنهن روزي جي موقعي تي ڪجهه يهودين اچي ڪري حضرت عيسيٰ عليھ السلام  تي اعتراض ڪيو ته تنهنجا شاگرد روزو ڇو نٿا رکن، ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام جن ان جي جواب ۾ فرمايو “ڇا ڄاڻجي جڏهن انهن سان گڏ گهوٽ هجي ته اهي روزو رکي سگهن ٿا، جيستائين گهوٽ انهن وٽ آهي روزو نٿا رکي سگهن، ليڪن اهو ڏينهن ايندو جڏهن گهوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو، تڏهن انهن ڏينهن ۾ روزا رکندا. (مرقس 2 _ 18)
هن مثال ۾ گهوٽ مان مراد حضرت عيسيٰ عليھ السلام آهي ۽ ڄڃ مان مراد ان جا پيروڪار آهن، ظاهر آهي ته جيستائين پيغمبر پنهنجي امت جي درميان موجود آهي، تيستائين امت کي غم ۽ ڏک ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، انهن جملن مان ظاهر آهي ته حضرت عيسيٰ عيلھ السلام جن موسوي شريعت جي فرض ۽ مستحب روزن کان منع نه فرمايو هيو، بلڪه غم ۽ ڏک جي هٿرادو روزن کان منع فرمايو هو، انهن خود پنهنجي پيروڪارن کي بي ريا ۽ مخلصانا روزن رکڻ جي نصيحت فرمائي آهي، چنانچه حضرت عيسيٰ عليھ السلام پنهنجي حوراين کي فرمائي ٿو ته “پوءِ جڏهن توهين روزا رکو ته پوءِ رياڪارن وانگر پنهنجو منهن اداس نه بڻايو، ڇو جو اهي (يعني يهودي) پنهنجو منهن بگاڙڻ ۽ خراب ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن جي نظرن ۾ روزيدار لڳؤن، آءُ اوهان کي سچ چوان ٿو ته اهي پنهنجو بدلو حاصل ڪري چڪا، پر جڏهن توهان روزا رکو ته پوءِ پنهنجي مٿي ۾ تيل وجهو، منهن ڌوئو، تانته توهان ماڻهن تي نه بلڪه پنهنجي پيءُ تي جيڪو لڪيل ۽ پوشيده آهي، روزيدار ظاهر آهيو، ۽ پنهنجو پئ جيڪو پوشيدگيءَ ۾ ڏسندو آهي اهو توهان کي سٺو بدلو ڏيندو. (متي 6-6-7)
عرب وارا به اسلام کان اڳ روزو رکندا هئا، مڪي جا قريش جاهليت جي ڏينهن ۾ عاشوري (يعني ڏهه محرم الحرام) جو روزو ان ڪري رکندا هئا جو ان ڏينهن بيت الله تي نئون غلاف چاڙهيو ويندو هيو. انهن صراحتن مان معلوم ٿيو ته قرآن ڪريم جي هئي آيت ڪيتري قدر تاريخي صداقت ۽ سچائي تي مبني آهي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
یٰا أَيُّهَا الَّذِينَ ءَامَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ ﴿١٨٣﴾    (سورۃ البقرۃ الآیۃ 183)
”اي ايمان وارؤ توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جهڙي طرح توهان کان پهرين ماڻهن (امتن) تي فرض ڪيا ويا هئا“.




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت