Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

هوٽل جي قيدخاني ۾

 

 

هوٽل جي قيدخاني ۾

 

هي ڪمرو ڏهه باءِ ڏهه جو مس هيو. شايد اڃان به ننڍو ٿئي نه. هن ۾ هڪڙو ڊبل بيڊ ۽ ٻيو سنگل بيڊ پيل هيو. اسان کي ته ٽيئي سنگل بيڊ کپن پيا. خير پرتاب ۽ مان هڪڙي بيڊ تي ويهي رهياسين. سائين مختيار صاحب کي سنگل بيڊ ڏنوسين. واش روم جو دروازو بند نه پئي ٿيو. نه پاڻي، نه گلاس ۽ نه ئي وري ڪو صابڻ وغيره. وڏي ڳالهه ايل سي ڊي به خراب پئي هئي. نه فون، نه گهنٽي جو ماڻهو ڪنهن کي ضرورت مهل سڏ ڪري. بس مڙئي نالي جي هوٽل هئي. مون کي لڳو ته جنيد ڪراچي واري صدر جي ٿڪل هوٽل ۾ وٺي آيو آهي. پرتاب کي هن هوٽل واري روم جي ڳالهه صفا نه وڻي. جيتوڻيڪ اسان کي به نه وڻي هئي پر ڇا ڪجي. گذارو ڪرڻو هو. دوست سان ڪو آپريشن ڪرڻو هيو. پرتاب کي ڳالهه ٺپ نه وڻي هئي. سو ان معاملي جي ڪري اسان سڀني دوستن جا موڊ به خراب ٿي ويا ها. مون کي لڳو ته اڄ جنيد ڀاءُ اسان سان گهٽ نه ڪئي آهي. سو ٿوري دير ۾ اسان جو ڪمرو بغير هيٽر جي صفا گرم ٿي ويو هو، ڄڻ ته ريڊي ايٽر ڦاٽي پيو هجي ۽ ان ڪري هن ڪمري جو ٽيمريچر به ڏاڍو گرم ٿي ويو.

 پرتاب ۽ جنيد جي وچ ۾ غيرمعياري هوٽل جي بڪنگ تي معاملو خراب ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ اسان به پرتاب سان متفق هياسين. ڇو ته پرتاب جي ڪاوڙ جائز هئي. جنيد جي مجبوري اها هئي جو هن اڳ ۾ هوٽل بڪ نه ڪرائي هئي، ان ڪري رش هئڻ جي ڪري هن کي هوٽل نه پئي ملي. نتيجي ۾ شڪايت ڪرڻ تي جنيد به ڪاوڙ ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. مختيار صاحب کي اها ڳالهه بنهه نه وڻي هئي. ڪمري ۾ شور ايترو وڌي ويو هو جو هوٽل جو بيرو دروازو کڙڪائي اندر آيو. جنيد کي چيائين ته،”ٿورو آهستي ڳالهايو، توهان جي ڪري ٻيا ماڻهو به ڊسٽرپ ٿين پيا“.

 پرتاب جنيد کي چيو ته، ”بس منهنجو پاسپورٽ ڏي ته مان وڃان ٿو“.

 جنهن تي پرتاب کي مختيار صاحب سمجهائيندي چيو ته،”ادا جيڪڏهن توهان پاسپورٽ وٺو ٿا ته پوءِ اسان به توهان سان گڏ آهيون. اسان به هن هوٽل ۾ رهي ڇا ڪنداسين“.

 پر وري به ڳالهه کي ٺاهڻ لاءِ اهو سوچيوسين ته هتي آهيون ئي اڄوڪي رات جا ٻه ٽي ڪلاڪ. سڀاڻي صبح جو سوير اسان جي فلائيٽ آهي. ان ڪري رات هون ئي گذري ويندي. نيٺ پرتاب به معاملي کي برداش ڪندي تڪليف سهي ويو. اهڙي ريت جيئن تئين ڪري معاملي کي رفعه دفعه ڪيوسين. ان ڪري مون کي سڄي رات ننڊ نه آئي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more