قيامت کان پھريان ڇا ٿيندو؟ ابو زبير صادق فقير خاصخيلي

قيامت کان پھريان ڇا ٿيندو
ابو زبير صادق فقير خاصخيلي
حضرت آدم عليه السلام کان وٺي سيدنا عيسيٰ بن مريم عه تائين ھر نبيءَ جو ھي مبارڪ طريقو رھيو آھي ته پنھنجي پويان اچڻ واري نبي جو ذڪر خوب وضاحت سان ڪندا ھئا. ان جو نالو حسب ۽ نسب عادتون وغيرھ پيشن گوئي طور ذڪر ڪندا ھئا.
ليڪن خاتم الانبياء حضرت محمد ﷺ جن آيا ته پاڻ ﷺ اھو طريقو بدلائي ڇڏيو. پاڻ ﷺ ڪنھن نئين نبيءَ جو ذڪر بلڪل نه ڪيو بلڪھ لانبي بعدي (مون کان پوءِ ڪوبه نبي ناھي) اھو فرمائي ھي اعلان فرمايائون ته انبيائ ڪرام وارو سلسلو جيڪو ھو سو ھاڻ ختم ٿي چڪو الله پاڪ کي جيڪي نبي آڻڻا ھئا سي اچي چڪا ۽ قيامت جو ذڪر ڪندي ھي ڳالھ امت جي سامھون رکيائون ته مان ۽ قيامت ائين مليل آھيون، جيئن (شھادت ۽ پاسي واري) ٻه آڱريون پاڻ ۾ مليل آھن. يعني قيامت ته ھاڻي اچي سگھي ٿي پر ڪو نئون نبي نٿو اچي سگھي.
اھڙي طرح محمد ﷺ جن نئين نبيءَ جي بدران قيامت جون نشانيون ذڪر فرمايائون.

قيامت جون ننڍيون نشانيون
قيامت جي ننڍين نشانين مان علم جو کڄي وڃڻ، زنا ڪاري، شراب نوشي جي ڪثرت، ظلم ۽ ستم جام ٿيڻ، ماءُ جي نافرماني، زال جي اطاعت، دوستن سان رغبت ۽ پيءُ کان نفرت، حيا ۽ شرم ختم ٿي وڃڻ، امانت کي ڦر جو مال سمجھي ھڙپ ڪرڻ ۽ زڪواة کي بار سمجھڻ وغيرھ.
ان کانسواءِ ٻيون به علامتون قيامت جون آھن جنھن جو ذڪر حديثن جي ڪتابن مان ملي ٿو.

قيامت جون وڏيون نشانيون
قيامت جي وڏين علامتن مان پھريائين وڏي علامت حضرت مھدي عليه الرضوان جو اچڻ آھي. لغت جي اعتبار سان ھر ھدايت يافته شخص کي مھدي چون ٿا. ان اعتبار سان ھر سچي ۽ پڪي مسلمان کي مھدي چئي سگھجي ٿو، ليڪن جنھن مھديءَ جو ذڪر حديثن ۾ آيو آھي ته قيامت ويجھي ٿيڻ مھل اھو ظاھر ٿيندو.
ان مان ھڪ خاص ۽ معين شخص مراد آھي جيڪو سيد ھوندو، حضرت فاطمة الزھرا رضه جي اولاد مان ھوندو. ان جو نالو محمد پيءُ جو نالو عبدالله ھوندو. مھدي ان جو لقب ھوندو. چاليھن سالن جي عمر کي پھچندو ته نيڪ ماڻھو ان کي سڃاڻندا. ان جي ظھور کان اڳ عيسائين جي حڪومت ملڪ شام ۽ خيبر تائين پھچي ويندي، عيسائين سان جنگ ۾ مسلمان بادشاھ شھيد ٿي ويندو ان وقت مسلمان حضرت مھدي جي انتظار ۾ ھوندا ته ھن دشمن کان نجات ملي.
حضرت مھدي ان وقت مدينه منوره ۾ ھوندا مڪي شريف ويندا اتي بيت الله جو طواف ڪندا انھي وقت مقام ابراھيم ۽ حجر اسود جي وچ ۾ نيڪ ماڻھو کين سڃاڻي وٺندا ۽ سندن ھٿ تي بيعت ڪندا. صورت ۽ سيرت ۾ حضور اڪرم ﷺ جي مشابهه ھوندا. جيڪو خزانو ڪعبة الله ۾ دفن ھوندو تنھن کي ڪڍي مسلمانن ۾ ورھائيندا سندن خلافت مشھور ٿيڻ تي بي انتھا مسلمان سندن فوج ۾ داخل ٿيندا. دشمنن جو ھڪ لشڪر مسلمانن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ايندو. مڪي مڪرمه ۽ مديني منوره جي وچ ۾ بيضاءَ نالي جاءِ تي الله تعاليٰ ھن لشڪر کي زمين اندر ڳھائي ڇڏيندو مسلمانن جي فوج جو ٻڌي عيسائي به چئن طرفن کان فوجون گڏ ڪندا ۽ حضرت مھدي سان مقابلي لاءِ ملڪ شام ۾ گڏ ٿي ويندا حضرت مھدي مڪي مڪرمه کان روانا ٿي مدينه منوره پھچندا، روضه اقدس جي زيارت ڪري ملڪ شام ڏانھن روانا ٿيندا.
ملڪ شام ۾ عيسائين جي فوج سان آمھون سامھون ٽي ڏينھن لڳاتار جنگ ٿيندي انھي جنگ ۾ مسلمانن جا گھڻا ماڻھو شھيد ٿيندا. چوٿين ڏينھن حضرت مھدي تمام گھڻن مسلمانن جي فوج کي ساڻ ڪري دشمنن سان جھادي مقابلو ڪندا ۽ الله تعاليٰ کين فتح مبين عطا فرمائيندو. عيسائي تمام گھڻا قتل ٿيندا. حضرت مھدي مال غنيمت ورھائيندو پر مجاھدين کي خوشي نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته ھن جي ڪري ھر سو ماڻھن مان صرف ھڪ بچيل ھوندو.
ان کان پوءِ حضرت مھدي قسطنطنيه جي سفر لاءِ نڪرندا ۽ اتي عيسائين سان جھاد ڪري فتح حاصل ڪندا دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندا اُتي خبر پوندي ته دجال نڪري آيو آھي. حضرت مھدي ھن خبر جي تحقيق جي لاءِ پنج يا نو سوار موڪليندو. انھن جي حق ۾ حضور ﷺ جن فرمايو مان انھن جي والدين جا نالا ۽ گھوڙن جا رنگ به ڄاڻان ٿو. ڪجھ ئي وقت کان پوءِ دجال ظاھر ٿي ويندو.

دجال جي صورت ۽ مسلمانن جي آزمائش
دجال جيڪو يھودين مان ھوندو. ان جو لقب مسيح ھوندو، عراق ۽ شام جي طرف کان ظاھر ٿيندو، اڳ ۾ نبوت جي دعويٰ ڪندو ۽ پوءِ اصفھان ھليو ويندو ۽ خدائي جي دعويٰ ڪندو اتي ان سان ستر ھزار يھودي گڏ ھوندا. زمين تي ڦڏو فساد برپا ڪندو. ماڻھن جي آزمائش جي لاءِ الله پنھنجي دستور جي خلاف ڪشف ظاھر ڪرائيندو. ھن جي پيشاني تي ڪ - ف - ر لکيل ھوندو. جنھن جي سڃاڻپ صرف اھل ايمان ئي ڪري سگھندا. جيڪو ھن کي خدا تسليم ڪندو. انھي جي لاءِ ھن جي حڪم سان مينھن (برسات) وسندو ۽ گھڻي خوشحالي ايندي. جيڪو انڪار ڪندو اھو ڏڪار جي حالت جو شڪار ٿيندو. ماڻھن کي چوندو ته آئون توھان جي ماءُ پيءُ کي به جيئرو ڪري سگھان ٿو. تان جو توھان مون کي خدا مڃيو پوءِ دجال شيطان کي حڪم ڪندو ته ھن شخص جي پيءُ جو روپ ڌاري قبر مان نڪري اچ. شيطان ائين ئي ڪندو. دجال مڪي مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ ملائڪن جو پھرو ھجڻ ڪري داخل نه ٿي سگھندو. دجال جي شر ۽ فساد جو زمانو چاليھن ڏينھن تائين رھندو جن مان ھڪ ڏينھن ھڪ سال برابر، ٻيو ڏينھن ھڪ مھيني جي برابر ۽ ٽيون ڏينھن ھڪ ھفتي جي برابر باقي ڏينھن معمول جي مطابق ھوندا.

حضرت عيسيٰ عه جو نزول
دجال جي دمشق (شام جي شھر ۾) پھچڻ کان پھريائين حضرت مھدي دمشق پھچي ويندا ۽ جنگ جي پوري تياري ڪري چڪا ھوندا فجر جي ٻانگ کان پوءِ حضرت مھدي امامت جي لاءِ مصلي تي پھچي چڪا ھوندا. مڪبر نماز جي تڪبير چئي چڪو ھوندو ته انھي دوران حضرت عيسيٰ عه جامع دمشق جي اڀرندي پاسي کان ٻن ملائڪن جي ڪلھن تي ھٿ رکي آسمان مان لھندا. حضرت مھدي نھايت خوش خلقي ۽ تواضع سان ملندا ۽ فرمائيندا:
اي الله جا نبي نماز پڙھايو، پر حضرت عيسيٰ عه انڪار ڪندا ۽ جڏھن حضرت مھدي پويان ھٽندا ته حضرت عيسيٰ عه ان جي ڪلھن تي ھٿ رکي فرمائيندا ته توھان ئي نماز پڙھايو. ڇو ته اقامت توھان لاءِ پڙھي ويئي آھي ته ان وقت نماز جي امامت حضرت مھدي فرمائيندا ۽ حضرت عيسيٰ عه مقتدي ھوندا.
ھي امت محمديه جي فضيلت آھي ته حضرت محمد ﷺ جو ھڪ امتي نماز پڙھائي ۽ الله جو نبي مقتدي ٿئي، حضرت عيسيٰ عه ان کان پوءِ قرآن ۽ سنت جي مطابق فيصلا فرمائيندو ۽ اسلام جي تبليغ ڪندا پاڻ عه جو نزول عقيده ختم نبوت جي به منافي نه ھوندو ڇو ته پاڻ عه کي نبوت حضور ﷺ کان پھريائين ملي چڪي آھي. منافي تڏھن ٿئي جڏھن کين نبوت حضور ﷺ کان پوءِ ملي.
گھڻا عيسائي صحيح عقيدن جي خبر ملڻ تي مسلمان ٿي ويندا. حضرت عيسيٰ عه حضرت مھدي سان گڏجي يھودين جو قتل عام ڪندا ايتري قدر جو يھودي ڪنھن وڻ يا پٿر جي آڏ ۾ لڪيل ھوندو ته اھو پٿر ۽ وڻ سڏي چوندو اي خدا جا ٻانھا ڏس ھي يھودي آھي. ھن کي جھل ۽ قتل ڪر.
تان جو سڀ يھودي قتل ٿي ويندا. دجال حضرت عيسيٰ عه کي ڏسي ڀڄڻ جي ڪندو حضرت عيسيٰ عه دجال جو پيڇو ڪندي مقام لد تي پھچندا ۽ اتي ئي ان کي قتل ڪندا ۽ مسلمانن کي ان جي خبر ڏيندا. حضرت مھدي ۽ حضرت عيسيٰ عه ھنن شھرن جو دورو ڪندا، جتي دجال ظلم جي انتھا ڪئي ھوندي. اتي انھن کي الله جي اجر عظيم جي بشارت ۽ تڪليف جي تسلي ڏيندا.
حضرت عيسيٰ عه خنزير کي قتل ڪندو، صليب جو نالو نشان دنيا مان ختم ڪري ڇڏيندو. حضرت مھدي 49 سالن جي عمر ۾ وفات ڪندو. جنھن جي نماز جنازه حضرت عيسيٰ عه پڙھائيندو. ان کان پوءِ سڀ انتظام حضرت عيسيٰ عه وٽ اچي ويندا. پوءِ الله تعاليٰ جي طرفان وحي ايندي ته مان پنھنجي ٻانھن تي اھڙا طاقتور ٻانھا ظاھر ڪرڻ وارو آھيان جو ڪوبه شخص انھن مان ڪنھن جو مقابلو نه ڪري سگھندو. بس منھنجي خاص ٻانھن کي ڪوھ طور تي وٺي وڃ.

ياجوج ماجوج جو خروج
حضرت عيسيٰ عليه السلام مسلمانن کي وٺي ويندا. انھي دوران ياجوج ماجوج جي قوم جيڪي حضرت يافث بن نوح جي اولاد مان آھن. ان قوم کي حضرت ذوالقرنين سندن ظلم ۽ فساد جي ڪري لوھ جي مضبوط لوھي ڀت جي وچ ۾ قيد ڪري ڇڏيو ھو. قيامت ويجھي اچڻ وقت اھي ياجوج ماجوج انھي مضبوط لوھي ديوار کي ٽوڙي ٻاھر نڪري ايندا ۽ ڌرتي جو رخ ڪندا جتي به پاڻي ڏسندا اھو سڄو پي ويندا. دريائن جا درياءَ سڪائي ڇڏيندا. ظلم ۽ قتل غارت گري ۾ مشغول ٿي ويندا. حضرت عيسيٰ عه ۽ مسلمان تنگ دل ٿي ويندا. آخر حضرت عيسيٰ عه دعا گھرڻ لاءِ بارگاھ الاھي ۾ ھٿ کڻي بيھي رھندا ۽ مسلمان پاڻ عه جي پويان آمين آمين چوندا رھندا. بس پوءِ الله پاڪ ھڪڙي اھڙي طاعون جھڙي بيماريءَ سان انھن کي ھلاڪ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو. انھن جي لاشن مان ڌپ نڪرندي ته الله پاڪ ڊگھي ڊگھي ڳچي وارا پکي موڪليندو. جيڪي انھن جي لاشن کي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اُڇلائيندا ۽ پوءِ انتھائي بابرڪت مينھن الله پاڪ وسائيندو. جيڪو چاليھن ڏينھن تائين وسندو رھندو تان جو ياجوج ۽ ماجوج جي ڌپ ۽ غلاظت ختم ٿي ويندي انھي مينھن جي پوڻ سان خوشحالي ايندي ۽ بابرڪت پيداوار ٿيندي ايتري قدر جو اناج جو ھڪ سير ۽ ڳئون ٻڪري جو کير سڄي ڪٽنب لاءِ ڪافي ٿيندو. ياجوج ماجوج جون تير ڪمانون ڪيترن ڏينھن تائين ٻارڻ طور ڪم ۾ اينديون نانگ بلائون ماڻھن کي تنگ نه ڪنديون.
ھڪ اھڙو وقت ايندو، جڏھن سڄي دنيا ۾ اسلامي مذھب کان سواءِ ٻيو ڪوبه مذھب نه ھوندو. سڄي دنيا ۾ ڪافر ڪونه ملندو. حضرت عيسيٰ عه اچڻ کان پوءِ نڪاح ڪندا. سندن اولاد به ٿيندو. نزول کان پوءِ چاليھن سالن تائين دنيا ۾ رھندا. پوءِ پاڻ عه وفات ڪندا ۽ روضه اقدس ۾ ھينئر ٽي قبرون آھن جنھن مان ھڪ ۾ ٻنھي جھانن جا سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ آرامي آھن. باقي ٻن قبرن ۾ پاڻ ﷺ جا ساٿي وقت جا خليفا حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر رضه آرام فرمائين پيا باقي ھڪڙي قبر جي جاءِ خالي آھي. اتي حضرت عيسيٰ عه جي تدفين ٿيندي. پاڻ عليه السلام جي وڃڻ کان پوءِ چند ٻين بادشاھن جي حڪومت ايندي، انھن جي دور ۾ ڪفر ۽ جاھليت جون رسمون عام جام ٿي وينديون ۽ علم گھٽجي ويندو.

سج اوڀر کان اڀرڻ بجاءِ اولھندي کان اڀرندو
ان کان پوءِ ماھ ذوالحج ۾ ھڪ رات اھڙي ايندي جيڪا ايتري قدر ڊگھي (وڏي) ٿيندي جو مسافر تنگ ٿي ويندا. ٻار سمھي سمھي جاڳي پوندا. ماڻھو پريشان ۽ تنگ اچي ويندا آخر ٽن راتين جيتريون راتيون اچڻ کان پوءِ ھڪ ھلڪي روشني سان سج بجائي اڀرندي کان الھندي کان نڪرندو. انھي نشاني کان پوءِ نه ڪنھن ڪافر جو ايمان معتبر ۽ نه ڪنھن گنھگار جي توبه قبول ٿيندي پوءِ وري سج ساڳئي طريقي سان اڀرندو رھندو.

وڏو دونھن
انھي ڏينھن ۾ ھڪ وڏو دونھن ظاھر ٿيندو، جيڪو زمين تي پکڙجي ويندو، جنھن دونھن جي ڪري مسلمانن کي صرف نزلو ۽ زڪام ٿيندو انھي نزلي ۾ سڀ مبتلا ٿي ويندا. پر منافقين ۽ ڪافرائين بي ھوش ٿي ويندا جو ڪتابن ۾ لکيل ملي ٿو ته ڪي ھڪ ڏينھن ڪي ٻھ ڏينھن ڪي ٽن ڏينھن کان پوءِ ھوش ۾ ايندا ھي دونھن چاليھن ڏينھن تائين رھندو.

عجيب الخلقت جانور جو نڪرڻ
انھي ڏينھن ۾ يا انھي جي اڳئين ڏينھن ۾ ھڪ عجيب الخلقت جانور ڪعبة الله جي اڀرندي پاسي جتي صفا جبل آھي ھو جبل زلزلي سان ڦاٽندو ۽ اتان ھي جانور نڪرندو ۽ ماڻھن سان ڳالھيون ڪندو ۽ قيامت جي خبر ڏيندو مومنن جي منھن تي ھڪ نوراني نشان لڳائيندو جنھن سان مومنن جو منھن روشن ٿي ويندو ۽ ڪافرن جي اکين جي وچ ۾ ھڪ ٺپو ھڻندو. جنھن سان انھن جا منھن ڪارا ٿي ويندا.

ٿڌي ھوا جو لڳڻ
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ھڪ ٿڌي ھوا ھلندي جنھن سان سڀ اھل ايمان مري ويندا. ايتري قدر جو جيڪڏھن ڪو مومن ڪنھن غار يا جبل ۾ لڪل ھوندو ته اھا ھوا اتي به اچي پھچندي ۽ ھو انھي ھوا لڳڻ سان مري ويندو. غرض ته سڀ ايمان وارا مري ويندا.

غلبو حبشه
انھي کان پوءِ ڪافرن جو زور زمين تي ٿي ويندو، سڄي سلطنت انھن جي ھوندي، ڪعبي جي عمارت کي ڊاھي ڇڏيندا، شرم ۽ حيا ويندي رھندي جھالت ايتري قدر وڌي ويندي جو ڪوبه شخص الله تعاليٰ جو نالو وٺڻ وارو نه ھوندو.

باھ جو نڪرڻ
قيامت جي آخري نشاني ھي آھي ته باھ نڪرندي جيڪا انسانن کي گھيري محشر جي ميدان ڏانھن آڻيندي يعني ملڪ شام ڏانھن جڏھن سڀ انسان اتي گڏ ٿي ويندا ته ھي باھ غائب ٿي ويندي. ان کان پوءِ الله جي حڪم سان حضرت اسرافيل عه ھڪ صور ڦوڪيندو ته جبل ڪپھ وانگر اڏامڻ لڳندا، ڏڪڻي طاري ٿي ويندي ۽ قيامت واقع ٿي ويندي.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت