دادو شھر



دادو شھر
واٽس اپ گروپ تان ڪاپي ڪيل.



دادو سنڌ جو مشھور شھر آھي ھن شھر جي آباد ٿيڻ جا مختلف رايا ملن ٿا.
گھڻن جو خيال آھي تہ دادوءَ تي نالو “سيد دادن شاھ“  جي نالي پويان پيو آھي.
دادن شاھ جو ڳوٺ دادو- مورو روڊ جي ڏکڻ طرف کان ڳوٺ لنڊ جي اڀرندي طرف ڪچي جي ديھ “چوئي“ ۾ موجود شھر کان پنج ڪلوميٽر اڀرندي پاسي ھو.
جڏھن ان ڳوٺ کي درياھ پائي ويو تہ دادن شاھ ڪورائين ۽ مستوئين جي ڀر ۾ ڳوٺ ٻڌايو جيڪو ٿوري عرصي ۾ شھر جي صورت اختيار ڪري ويو.
اڳتي ھلي دادن شاھ وفات ڪري ويو ۽ سندس پيڙھيءَ مان سيد جيئندل شاھ ميرن جي آخري دور ۾ ھن وقت جي شھر دادوءَ کي پنھنجي ذاتي 50 ايڪڙ زمين شھر لاءَ وقف ڪري ڳوٺ جي ماڻھن کي آباد ڪيو.
سيد جيئندل شاھ چارڻن جي محلي اڳيان پنھنجو ڪشادو ڪوٽ اڏايو ان ڪوٽ ۾ 1843ع دوران انگريزن ۽ ميرن جي جنگ سبب اتان جون ھندو توڙي مسلم عورتون پناھ وٺي ويٺيون ھيون.
1858ع ڌاري انگريز حڪومت جي طرفان ھڪ صوبيدار سيتارام شھر جو انتظام سنڀالڻ لاءَ مقرر ٿيو.
ھن وقت جنھن جڳھ تي ريلوي اسٽيشن آھي ان جاءَ تي اول ميرن جي وقت ۾ سرڪاري آفيس ھوندي ھئي جتي عوام جا ڪم ڪار ٿيندا ھئا بعد ۾ انگريزن آفيس کي ڊاھي 1889ع ۾ ريلوي اسٽيشن ٺاھي.
1889ع ڌاري دادو، ڪوٽڙي، رڪ اسٽيشن تائين ريلوي لائين وڇائي وئي اھو منصوبو انگلينڊ جي سرمائيدارن کي پنج لک روپين جي ٺيڪي ۾ ڏنو ويو.
دادو ضلع 1931ع ۾ ڪراچيءَ کان ڌار ضلع ٺھيو ۽ ھن وقت دادو شھر ۾ مختلف نالن سان پاڙا مشھور آھن جئين شاھاڻي پاڙو، موندر شاھواڻي ھندن جي نالي سان سڏجي ٿو، جڳت آباد محلو راء  بھادر جڳت سنگھ “ان وقت جو ڪليڪٽر“ جي نالي سان سڏجي ٿو، جڙيل شاھ مارڪيٽ جڙيل شاھ جي نالي سان قائم آھي، نظام بازار نظام الدين ميمڻ جي نالي موجود آھي، نئون چوڪ جيڪو 1955ع کان بعد ٺھيو، مکي بازار آھي.
دادو  ۾ پھريون پرائمري اسڪول 1886ع ڌاري کليو ٻيو 1908ع  ۽ ٽيون مين اسڪول 1916ع ۾ کليو.
دادو شھر ۾ اسپتال جو سنگ بنياد 16 مارچ 1940ع تي ليڊي گراھم سنڌ گورنر جي زال رکيو ھو.
دادو ضلع جي ايراضي 19070 چورس ڪلوميٽر آھي 2010ع جي انگن اکرن موجب دادو ضلع جي آبادي آھي 1689000 ۽ خواندگيءَ جي شرح %35.56 سيڪڙو ھن شھر ۾ سنڌي ۽ سارائڪي ڳالھائيندڙ گھڻي تعداد ۾ رھن ٿا ۽ ڪجھ بلوچي ۽ اڙدو ڳالھائيندڙ بہ آھن.
ضلع دادوءَ ۾ پرائمري اسڪول جو تعداد 1961 جڏھن تہ مڊل اسڪول 71 ايليمنٽري اسڪول 44 سيڪنڊري اسڪول 52 ھائير سيڪنڊري اسڪول 10 ڪاليج 8 ٽيڪنيڪل ڪاليج 2 ۽ ھنري سکيا گھر 7 کن قائم آھن  ۽ بھتر ڪم ڪري رھيا آھن.
ضلع دادوءَ ۾ ھڪ سول اسپتال 3 تعلقا اسپتال ان کان بعد 33 ڊسوينسريون وري 46 بنيادي صحت جا مرڪز 2 ٽي بي جي علاج لاءَ اسپتالون ۽ 43 جانورن جو اسپتالون بہ ڪم ڪن ٿيون.
ضلع دادوءَ جا 1713 ڪلوميٽر پڪا رستا ٺھيل آھن.
نوٽ: دادو شھر ڪئين اڏيو ۽ شھر جي ماڻھن جو احوال پورو جو پورو قلمبند ٿيل آھي جيڪو نسخو برٽش ميوزيم لائبرئري لنڊن ۾ موجود آھي


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت