نئين دور جا نوان سبق (سبق ٻيو) - ادل سومرو





سبق ٻيو

ب ـــ بنگلو


بنگلي جو جمع بنگلا ٿيندو آهي ۽ ڪنگلا ماڻهو بنگلا ٺهرائي نه سگهندا آهن. بنگلن ۾ رهندڙ ماڻهن جا ڪنڌ بنگلن وانگر اُڀا هوندا آهن. جيڪي مزدور تمام گهڻو پورهيو ڪري بنگلا ٺاهيندا آهن، اُهي بنگلن ۾ رهي نه سگهندا آهن، تنهن ڪري اها چوڻي غلط آهي ته:
”جيڪو پچائي سوئي کائي.“
بنگلن ۾ بادشاهه ماڻهو رهندا آهن ۽ ڪنگلا ماڻهو اُنهن جي رعيت هوندا آهن. ڪنگلا يعني مسڪين ماڻهو بنگلن جي بادشاهن کان پنهنجيون ڪکيون بچائي، ڪکن جي جهوپڙين ۾ گهڙيون گهاريندا آهن.
بنگلن جا بادشاهه جنهن وقت به چاهين ڪنگلن کي ڪاٺ ۾ هڻائي سگهن ٿا ۽ اُنهن جو داڻو پاڻي بند ڪرائي سگهن ٿا. هڪڙو وري بادشاهه عمر سومرو به هيو، جنهن کي به هڪ ماڙي يعني بنگلو هو. بادشاهن کي شڪار جو ڏاڍو شوق هوندو آهي، سو هڪ ڏينهن عمر بادشاهه به ٿر جي هڪ مارئي کي شڪار ڪري پنهنجي بنگلي ۾ قيد ڪيو ۽ کيس پنهنجي راڻي بڻجڻ جي آڇ ڪئي.
جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهو اٽڪلي نه پر اَٻوجهه هوندا آهن. مارئي جهوپڙيءَ جي رهواسڻ هئي اُن ڪري هُن اڄ جي دور جي حساب سان بي وقوفيءَ جو ثبوت ڏيندي، عمر بادشاهه جي راڻي بڻجڻ کان انڪار ڪندي عمر بادشاهه کي چيو:
عــمر مـون نه وڻن تنهنجون ماڙيون الا
اسيـــن مــــاروئـــڙا مـــال چــاريون الا.
بادشاهن جا شوق عجيب ته هوندا آهن پر غريب نه ــ جيڪو شوق بادشاهه ڪندا آهن، اُن کي بادشاهي شوق چئبو آهي.
بادشاهي شوق گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪُتا پالڻ به بادشاهي شوق آهي. پراڻي خيال جا بادشاهه ڪُتن کي رڇن سان ويڙهائيندا آهن ۽ رَتُ وهندو ڏسي خوش ٿيندا آهن.
جديد قسم جا بادشاهه ڪُتن کي ڪارن ۾ ويهاري ڪلفٽن، ايلفي ۽ طارق روڊ گهمائيندا آهن ۽ پنهنجي ڪتن جي سار سنڀال تي هزارين روپيا خرچ ڪندا آهن. جديد قسم جي بادشاهن جا ڪُتا به جديد قسم جا هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪو ڪنگلو ڀُل ۾ ڪنهن بنگلي جي ڀرسان پنهنجي ڪوجهي جهوپڙي جوڙي ويهندو آهي ته بادشاهه پنهنجي بنگلي جي سُونهن تي جهوپڙيءَ جو داغ برداشت ڪري نه سگهندو آهي ۽ هڪ ئي ڦُوڪ سان جهوپڙيءَ کي اُڏائي، پاڙيسريءَ جو حق ادا ڪندو آهي، اهو بادشاهه سلامت جي ڦُوڪ جو اثر هوندو آهي. هڪڙي ڦُوڪ وري نانگ به ڏيندو آهي. ڪنگلن جي واتان ڦوڪون نه پر بُک جون اوٻاسيون نڪرنديون آهن.
ٻارو! اوهان شوق سان پڙهي وڏا ٿي بنگلا ڀل ٺهرائجو پر دل ۾ انسانيت لاءِ به ڪجهه جڳهه جوڙجو.ڪارن ۾ ڪُتن گهمائڻ بدران مسڪين ۽ لاوارث ٻارن جي سار سنڀال لهجو.

مشق

سوال نمبر 1:       ڪنگلا ماڻهو بنگلا ڇونه ٺهرائي سگهندا آهن؟
سوال نمبر 2:       بادشاهه ۽ نانگ جي ڦُوڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
سوال نمبر 3:       بادشاهي شوق ڪهڙا آهن؟

نوان لفظ

ڪنڌ
:
جنهن ۾ ڪلو نه هجي
ڪنگلي جي ڪُکِ 
:
خالي ڀانڊو
جهوپڙي 
:
ڪنگلن جي جنت




فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت