سُر مارئي - داستان يارهون
سُر
مارئي
داستان
يارهون
1
مَلِيران
مارُو، پَکي
پيهِي آئِيو؛
وَرِيا
واهارُو، هاڻُو
سَڀِ هِيڻا
ٿِيا.
2
پَهِي
سُکَ پيرَنِ
کِيہَ! ڪو
نِينهَن نِياپو
مارُئين؟
اَتِ
اُڪَنڍِي آهِيان،
تَنهِن آتَڻَ،
تَنهِن ڏيہَ؛
سَندِي
جا ساڙيہَ،
کِہَ کَٿُوري
ڀانـئِيان.
3
سَکَرِ
سيئي ڏِينهَن،
جي مُون
گھارِيا بَندَ
۾؛
وَسايَمِ
وَڏَ ڦُڙا،
مَٿي ماڙِيُنِ
مِينهَن؛
واجھاڻِـيَس
وِصالَ کي،
ٿِـيَس تَهِوارُون
تِيئَن؛
نِيَرُ
مُنهِنجي نِينهَن،
اُجاري اَڇو
ڪَيو.
4
عُمَرَ!
اَڄُ گَڏِيامِ،
ڏوٿِي اُنَهيِن
ڏيہَ جا؛
پاراڀا
پِرِيُنِ جا،
اُڀِي اُن
چَيامِ؛
لهِي
لوهَ پِيامِ،
لُطفَ ساڻُ
لَطِيفُ چئي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment