مياسز ۽ مائٽوسز جي اھميت

مياسز ۽ مائٽوسز جي اھميت

مياسز جي اھميت

مياسز اھڙو عمل آھي جيڪو ھڪ ئي قسم (Species) جي گھرڙن ۾ ڪروموزومس جي تعداد کي ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين مستقل رکڻ جو ڪم سرانجام ڏي ٿو. ھئپلائيڊ نرگيميٽ ھئپلائيڊ مادي گيميٽ سان ميلاپ ڪري زائيگوٽ ٺاھين ٿا. انھن ۾ ڪروموزومس جو تعداد ڊپلائيڊ (2n) ٿي وڃي ٿو
(n+n=2n)

مياسز جو عمل جينياتي تعمير جو سبب به ٿي سگھي ٿو يعني ھڪ ئي پيءُ ماءُ جا اولاد ھڪٻئي کان مختلف ھجن اھو ڪراسنگ اوور جي ڪري ٿيندو آھي جيڪو پروفيز I جي وقت عمل ۾ ايندو آھي ۽ اھا جينياتي تعمير ئي دراصل ارتقا جو سبب آھي. اھوئي عمل ارتقا جي لاءِ بنياد به فراھم ڪري ٿو.

مائٽوسز جي اھميت

جاندارن جي زندگيءَ ۾ مائٽوسز ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو اھو جاندارن جي بناوت ۽ واڌ ويجھ لاءِ ڪم ڪندو آھي انھن ڪمن جي دوران جيوگھرڙن جي تعداد ۾ واڌ جو عمل مائٽو سز جي ذريعي ٿئي ٿو. ڪجھ غير جنسي پيدائش کانسواءِ باقي سڀني قسمن جي غير جنسي پيدائش مائٽوسز جي ڪري ٿئي ٿي. جسم ۾ نون جيوگھرڙن جي پيدائش جھڙوڪ رت جي جيوگھرڙن جو دارو مدار مائٽوسز تي ھوندو آھي. زخمن جو ڀرجڻ يا ڇٽڻ ۽ جسم ۾ گھرڙن جي ٽٽڻ جودارو مدار به مائٽوسز تي آھي.





Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت