Posts

Showing posts with the label Adal Soomro

نئين دور جا نوان سبق (سبق ٻارهون) - ادل سومرو

Image
سبق ٻارهون ڄ ـــ ڄڀ  ٻارن لاءِ طنزيه سبق ڄڀ کي عام لفظن ۾ زبان به چيو ويندو آهي . ·       زبان يعني ڄڀ جي بناوت نهايت سادي آهي. ظاهر ۾ هيءَ وات ۾ نظر ايندي آهي ۽ هن جون پاڙون ڪاڪڙي ۾ کتل هونديون آهن. ·       ڪڏهن ڪڏهن ڄڀ ڏندن جي سانچي ۾ ڦاسي زخمي به ٿي پوندي آهي. ·       ڄڀ کي ننڍڙو ۽ معمولي هرگز سمجهڻ نه گهرجي. هيءَ ڏسڻ ۾ ننڍڙي آهي پر سندس ڪم اهم آهن. ان ڪري ئي چوندا آهن ته: ”آهي ننڍڙي پر وِههُ جي ڳنڍڙي “. ڄڀ تي ضابطو ڪرڻ تمام ضروري آهي. جن ماڻهن جي زبان کي لغام نه هوندو آهي، يعني هر وقت وڄندي رهندي آهي، تن لاءِ زبان خواريءَ جو سبب بڻبي آهي. گهوڙي کي جيڪڏهن لغام نه هوندو ته هر وقت ڊڪندو رهندو ۽ سواريءَ جو سبب نه بڻبو. ان ڪري گهوڙي ۽ ڄڀ لاءِ لغام ضروري آهي . جانورن کي زبان هوندي آهي، پر پوءِ به انهن کي بي زبان چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهائي نه سگهندا آهن، يا جيڪڏهن، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا به هوندا ته اسين سمجهي نه سگهندا آهيون. تنهن ڪري اسين انهن کي بي زبان چوندا آهيون ڪن ماڻهن کي وري زبان نه هوندي آهي پر کانئن ڳالهائڻ جو حق کسيو ويندو

نئين دور جا نوان سبق (سبق يارهون) - ادل سومرو

Image
سبق يارهون ج  ـــ جتي (جُتيءَ جي آتم ڪهاڻي) آئون اڄ جنهن زبون حالت ۾، وچ رستي تي، اوهان جن پيرن ۾ لتاڙجي رهي آهيان، سدائين انهيءَ حال ۾ ڪين هئس. آئون اوهان سان پنهنجي زندگي جي احوال مختصر نموني اوريان ٿي. جيتريقدر منهنجي يادگيري آهي ته مون سڀ کان پهريائين پاڻ کي مور موچيءَ جي دڪان جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. مون سان گڏ منهنجي جاڙي ڀيڻ به ٽنگيل هئي. ان کان اڳ جون ڳالهيون مون کان وسري ويون آهن. دڪان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جُتيون هيون. پر اسان ٻنهي ڀينرن جي سونهن سڀني کان سرس هئي. جيڪو به گراهڪ دڪان تي ايندو هو، ته اسان کي ڏسي سندس واڇ گودو هڻي ويندي هئي ۽ پوءِ اسان ڏي اشارو ڪري مور کان پڇندو هو ته هيءَ جتي ڪنهن جي آهي؟ مور وڏي فخر سان کيس چوندو هو ته رئيس سڪيلڌي خان لاءِ فرمائش تي اهو جوڙو جتين جو ٺاهيو اٿم. پوءِ هرڪو اهڙي سهڻي جتي ٺاهڻ تي مور موچيءَ جي ساراهه ڪندو هو ۽ مور موچي پنهنجي واکاڻ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. اسين ٻئي ڀينرون پنهنجي مالڪ رئيس سڪيلڌي خان جو انتظار ڪنديون هيوسين . هڪ ڏينهن رئيس سڪيلڌي خان پنهنجي جيپ، مور موچيءَ جي دڪان جي آڏو اچي جهلي. مور موچي پري کان ئي مرح