راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
-------
 (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ اُمَامَۃَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم مَنۡ صَامَ یَوۡمًا فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ جَعَلَ اللہُ بَیۡنَہٗ وَبَیۡنَ النَّارِ خَنۡدَقٌ کَمَا بَیۡنَ السَّمَآءِ وَالاَرۡضِ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب فی صیام یوم فی سبیل اللہ ص 124)

”حضرت ابو اُمامھ ؓ  کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪو شخص خدا جي رستي ۾ هڪ ڏينهن روزو رکندو ته الله پاڪ ان جي ۽ (دوزخ جي) باهه جي درميان هڪ اهڙي خندق کي رڪاوٽ بڻائيندو جيڪا آسمان ۽ زمين جي فاصلي جي برابر هوندي.

هن حديث شريف ۾ راهِ خدا ۾ روزي رکڻ جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي. راهِ خدا ۾ روزي رکڻ جو مطلب هي آهي ته جهاد جي دوران يا حج جي سفر جي دوران يا عمري جي دوران يا طالب علميءَ جي زماني ۾ يا صرف الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنوديءَ جي خاطر هڪ ڏينهن روزو رکي ۽ حديث شريف ۾ خندق مان وڏي رڪاوٽ ۽ سخت قسم جو پردو ۽ حصار وغيره مراد آهي.

(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ سَعِیۡدِ الۡخُدَرِیِّ رضہ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم  مَنۡ صَامَ یَوۡمًا فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ بَعَّدَ اللہُ وَجۡھَہٗ عَنۡ النَّارِ سَبۡعِیۡن خَرِیۡفًا۔ (بخاری شریف کتاب الجھاد۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل الصیام فی سبیل اللھ لمن یطیقۃ بلا ضرر ولا تفویت حق ج 1 ص 364)

”حضرت ابو سعيد خدري رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جنهن شخص خدا جي راهه ۾ هڪ ڏينهن روزو رکيو ته الله پاڪ ان جو منهن يعني ان جي ذات کي (دوزخ جي) باهه کان ستر سالن جي مسافت جي بقدر پري ڪري ڇڏيندو.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت