پيهي جان پاڻ ۾ - مولانا غلام محمد ”گرامي“
پيهي
جان پاڻ ۾
مولانا
غلام محمد ”گرامي“
ماڻهو
سڀ نه ماڻهو، پکي نه هنج،
ڪنهن
ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
انسان،
تخليقي ارتقا جي آخري تصوير آهي: يا چئجي ته ”انسان“ مادي مظاهر ۽ مناظر جو
ارتقائي ۽ انتهائي قالب ۽ مجسمو آهي، ۽ خالق ڪائنات جي جمال پسند ۽ حسن آفرين جذبه
تخليق جو انتهائي حسين ۽ پُر جمال، متنوع ۽ رنگين شاهڪار آهي. ”خلق الادم علیٰ
صورتہ“ جو به اهو ئي مطلب آهي. آدم جي، الله جي صورت تي تخليق ترڪيب ٿيل آهي، ۽ الله جميل آهي ۽ انسان به
جميل آهي. خالق ڪائنات تخليقي هنرن ۽ ڪاريگرن کي، پهاڙن جي هيبت خيز بلندي، آسمان
جي بلند رفعت ۽ ناقابل تسخير مسافت، سج چنڊ ۽ تارن جي گونا گون نوراني ضيا پاشي،
نباتات ۽ گلن جي باليدگيءَ ۽ عطر بيزيءَ، حيوانن جي مختلف النوع مظاهر، عادات،
اشڪال ۽ معاش ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ ان کي ”عالم اصغر“ سڏيو ويو آهي. پر انساند جو،
انهن سڀني چيزن ۽ تخليقي ڪارنامن ۽ تعميري ڪاريگرين جو جامع آهي ۽ جو نقاش فطرت جي
انتها متنوع مزاج ۽ حسن آفرين جذبه تخليق جي مورت آهي، تنهن کي ”عالم اڪبر“ سڏيو
ويو آهي. جيئن ”الله اڪبر“ آهي، تيئن ”انسان به اڪبر“ آهي. جيئن الله ۽ ان جي ڪمال
جو ڪو اندازو نه آهي، تيئن انسان ۽ سندس جمال جو به ڪو شمار ڪين آهي. جيئن الله ”لاشريڪ“
آهي، تيئن انسان به پنهنجي امتيازي تخليق ۽ معنوي عظمت جي لحاظ سان ”لاشريڪ“ آهي.
جيئن
چيو ويو آهي ته ”الله چاهيو ته کيس سڃاتو وڃي، ته پوءِ آدم کي پيدا ڪيائين“. گويا
آدم اهو ”آئينه حق نما“ آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ جو ڪمال ۽ جمال هُبهو، بلاريب و
فريب، بلاڪم و ڪاست منعڪس ٿين ٿا، جنهن ۾ ”حق“ تجلي ريز ٿئي ٿو، ۽ جو حق جي انعڪاس
جو متحمل ٿئي ٿو، جو حق جي منتشر ڪمال ۽ جمال کي هڪ هنڌ منظم ۽ مجتمع ڪري ٿو، جنهن
۾ ”حق“ ڏسجي ٿو، جنهن سان حق ڏسجي ٿو.
”وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِى آدَمَ“ جو تاج
به انسان جي ان عظمت ۽ عزت جي پاکر آهي:
”لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِى
أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ“ انسان جي حسن تخليق ۽ اقوام پسنديده ڏانهن اشارو آهي، ۽ تخليق
۽ تڪرم جا ضمر سڌا سنوان ”خالق اڪبر“ ڏانهن آهن گويا ”انسان“ جو دست قدرت جي تخليق
آهي، ان تائين ”اير غير“ جي دسترسي جو ڪو احتمال ڪونه آهي. سندس مادي ۽ خاڪي جسم
جي ڳوهڻ وارا فضيلت مآب فرشتا سڳورا آهن. پر سندس معنوي زندگيءَ جو مبدءِ فيض، خود
خالق ڪائنات آهي، ۽ سندس روح جو خروج ۽ دخول براه راست الله جي حڪم سان آهي. ٻين
جو گذر سندس روح تائين مشڪل آهي. بقول اقبال:
لحد
میں بھی یہی غیب و حضور رہتی ہیں۔
شاهـ
چيو:
اچي
عزرائيل، ستي جاڳائي سسئي،
ٿي
ڊوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
عزرائيل
فقط جسم کي ڇهي ٿو، پر روح تائين سندس رسائي ڪانه ٿي ٿئي. اهو جيئن الله جي امر
سان خاڪي جسم ۾ آيو آهي، تيئن الله جي امر سان ٻاهر نڪري ٿو، ۽ اها حقيقت ظاهر بين
حضرات کان گهڻو مٿي آهي. مولانا رومي فرمايو آهي ته:
اِتِصال
بي تَڪيَف بي قياس،
هست
رب الناس رابا جانِ ناس!
عبد
۽ معبود جو ربط ۽ ضبط نهايت نازڪ ۽ لطيف ۽ بي ڪيف آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه
فرمايو آهي:
”مَن
عَرَفَ نَفسَہُ فَقَد عَرفَ رَبہَ“ جنهن پنهنجي رب نفس کي سڃاتو،، تنهن پنهنجي رب
کي سڃاتو، ۽ شاهـ صاحب چيو:
پنهنجو
آهين پاڻ، آڏو عجيين کي!
اڄ
سائنس ۽ فلسفه ماديات جو دؤر۽ زور آهي. سائنسدان سرگردان آهن ته زندگي ڇا آهي؟
ڪائنات ڇا آهي؟ ۽ خالق ڪائنات جي حقيقت ڇا آهي؟ نظام شمي ڇا آهي؟ پر انهن جو ”علم
۽ عقل“ محدود آهي، ۽ هو ڪوريئڙي وانگر پنهنجي پيٽ مان ڪڍيل تاڃيين ۽ ڄارن ۾ خود
ڦاسي چڪا آهن، ۽ هميشه ڦاٿا رهندا. ان طرح فلسفي ويچارا اصطر لاب ۽ لئبارٽريءَ کان
سواءِ، پنهنجي عقل جي گهوري تي چڙهي ڌڪا ٿا هڻن ۽ بقول رومي ”انهن جا پير ڪاٺ جا
آهن!“ انهن جو ڪنهن سنئينءَ راهه تي پهچڻ ناممڪن آهي، اهي سائنس، فلسفي، عقل، علم،
دماغ، قلم، ڪتاب ۽ ظاهري نظر سان هن ”ڪائنات“ کي سمجهڻ گهرن ٿا، هزارين ورهيه گذري
ويا، بقول اڪبر اله آبادي:
لیکن
خدا کی بات، جہاں تھی وہاں رہی!
ٽيون
گروهه آهي صوفياءِ ڪرام جو، جي عقل ۽ علم کان گهڻو مٿي، ”ذوق“ هال ۽ وجدان سان
انهن مسئلن کي سمجهن ٿا. فلسفي ۽ سائنسدان جو پرواز اتي ختم ٿئي ٿو ته زندگي ڇا
آهي؟ پر صوفي چوي ٿو ته ”زندگي ڇو آهي؟“ هو چون ٿا ته ”ڪائنات ڇا آهي؟“ صوفي چون
ٿا ته ”ڪائنات ڇو آهي؟“ ان جي غايت تخليق ڇا آهي؟ ڪنهن پيدا ڪئي آهي؟ ۽ ڪنهن جي
لاءِ هي ايترو مانڊاڻ منڊيو ويو آهي؟ نباتات ۽ حيوانات ۽ جمادات ۽ طبقات الارض ۽
فلڪيات جي نظري، قياس، وهمي ۽ ظني علوم کي دنيا ”سائنس“ سڏي ٿي ۽ انهن کي ”سائنٽيفڪ
نظريات“ سڏي ٿي. حالانڪه ”وجدان ۽ ذوق، باطن ۽ بصيرت“ کان سواءِ اسان جا حواس
ناقابل اعتبار ۽ ساقط الاعتبار آهن. هڪ سڳوري چيو آهي ته ”جڏهن هڪ دفعو منهنجا
حواس غلطي ڪن، ته اهي هميشه لاءِ ناقابل اعتبار سڏي سگهجن ٿا. اسان جون اکيون ڄاڻي
ٻجهي به واريءَ جي رڻ کي بحر مواج ڏسن ٿيون“. اسان جون اکيون، فضا جي لا انتها پور
کي نيري رنگ جو گنبذ نما آسمان سمجهن ٿيون. حالانڪه هو رڃ آهي. پاڻي نه آهي ۽ هي
فضا آهي. اهو رنگ اسان جي اکين جي ڪوتاهيءَ جو رنگ آهي. في الحقيقت آسمان نيرو ڪين
آيه ۽ آسمان جي اها حقيقت ڪانه آهي جا نظر اچي ٿي. موجوده سائنس جو پرواز، اسان جي
”عقل ۽ نظر“ يعني ظاهري اکين تائين آهي، جن جو حال اهو آهي جو رڃ کي پاڻي ۽ فضا کي
نيرو آسمان ٿيون سڏين. انهن جي حقيقت، دل جي بصيرت سان سمجهي سگهجي ٿي.
دل
بینا بھی کر خدا سے طلب،
آنکھ
کا نور دل کا نور نہیں۔
علامه
اقبال، ”اک جي نور“ کي ”نور“ نٿو سمجهي گويا سائنس جي نطريات کي مڃي ته ٿو، پر چوي
ٿو ته دل بينا جي ضرورت آهي. ان طرح شاهـ ڪريم چيو آهي ته:
اي
ڪن گاڏهان وڪڻي، ٻيا ڪي ڪن ڳنهيج،
تنين
ساڻ سڻيج، سندي پريان ڳالهڙي!
چوي
ٿو ته هن ڪائنات کي ڇو ٿو کولين ۽ ڦولين؟ ڪائنات ۽ ان جي خالق جي حقيقت توکي
پنهنجي ”دل“ مان پوندي. سج، چنڊ، تارن، زمين ۽ مريخ جي معاملات ۾ تون ڇو ٿو پوين؟
انهن ۾ ڇا رکيو آهي؟ اهو ”عالم اصغر“ آهي. تون ”عالم اڪبر“ يعني ”انسان“ کي سمجهڻ
جي ڪوشش ڪري. اهو پتو ”پاڻ“ مان پوندئي! رسول الله ﷺ فرمائيندا هئا ”رجعنا من جھاد
الاصغر الیٰ جھاد الاکبر“ يعني ”ننڍي جهاد ڏانهن موٽياسون“.
شاهـ
لطيف ٿو چوي ته:
اصغر
ڏي آهين گهڻا، تون اڪبر ڏي آءُ!
اهو
”عالم اڪبر“ ڪير آهي؟ اهو ”انسان“ آهي ۽ ان کي سمجهڻ وڏي سائنس آهي ۽ اها سائنس،
قلم، ڪتاب، ڪاغذ، ڪاليج ۽ ان جي ناليج جي مادي دنيا کان مٿي آهي. ”اوراق“ نه
گهرجن، پر ”ادراڪ“ گهرجي.
بقول
رومي:
صد
ڪتاب وصد ورق در نارکن
روئي
دل را جانب دلدار کن!
شاهـ
چيو:
اکر
پڙهه الف جو. ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر
کني اجار، پنا پڙهندين ڪيترا!
ڪهڙي
ڪاتب پيو ڪرين، مٿي پنن پيهه،
جي
ورق وارين ويهه، ته اکر مڙيئي هيڪڙو!
هن
علم کي علم ڪامل چوڻ به غلط آهي:
الله
تعاليٰ فرمايو آهي:
”وَمَا
أُوتِيتُم مِّن الْعِلْمِ إِلاَّ قَلِيلاً“
گويا
اسان کي قليل علم مليو آهي ۽ جي پاکر به سر تي آيه. هڪ جاهل، ظالم ۽ ڪم علم
ماڻهوءَ جو پرواز ڏسو، جو پنهنجي چئن فوٽن جي دنيا کي ڇڏي وڃي سج چنڊ سان مٿو هنيو
اٿس!
بقول
سعدي:
تو
کار زمين را نکو ساختي،
که
با آسمان نيز پرداختي.
ڪنز
قدوري ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ
ڪَرَ
منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي آڀ.
منڊي
ماڪوڙي کوهه کان ٻاهر ڪابه دنيا نٿي ڏسي ۽ نٿي مڃي. اهو ساڳيو حال آهي علم ظاهريءَ
۽ علم ماديءَ جو! موجده انسان اڃان ناتجربيڪار ۽ نابالغ آهي. سندس سمجهه اڃا سالم
ڪين ٿي آهي. سندس نقل و حرڪت ٻاراڻا بانبڙا آهن. اهو انسان ترقي پذير آيه. ترقي
ڪندي ”فوق البشر“ يا ”انسان ڪامل“ جي درجي تي پهچندو، يعني بالغ ۽ ناتجربيڪار
ٿيندو. عامل ۽ عالم، فهيم ۽ دانشمند ٿيندو، علم ڪامل ۽ عقل ڪامل جو صاحب ٿيندو.
موجوده الف، ب، ت جي مَڪتبي دنيا مان نڪري، هڪ آزاد دنيا ۾ ساهه کڻندو، ساري
ڪائنات کي مسخر ڪندو. سج ۽ چنڊ کي پنهنجي تابع ڪندو. سمنڊن جي پيٽ کي چيريندو،
جبلن کي ٺوڪرن سان لوڏيندو ۽ چوندو:
نہ
میں جہاں کے لیئے ہوں، نہ آسمان کے لئے،
جہاں ہی
میری لئے، میں
ہوں بس خدا کے لئے
قابل
(ٿوري تصرف سان)
پوءِ
پنهنجي غايت تخليق تي سوچيندو. اهو سوچڻ سندس لاءِ مناسب ٿيندو. هو ڪائنات ۽ خلق
ڪائنات تي غور ڪندو ۽ پوءِ چوندو ته:
پيهي
جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون
ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
ان
”انسان ڪامل“ لاءِ اقبال چيو آهي:
پری
ہے چرخ نیلی فام سی منزل مسلمان کی
ستارے
جس کے گردارھ ہوں، وہ کاروان تو ہے
شاهـ
جو انسان ڪامل، اقبال کان گهڻو مٿي آهي. اقبال جي چرخ نيلي فام جي جواب ۾ چوي ٿو
ته:
نڪو
عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪو
چارو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اتي
آديسين جو، لڳو دڳ درو،
پري
پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهه ۾!
اقبال
جو ”پري هي چرخ نيلي فام سي“ ۽ شاهـ جي ”پري پين پرو“ غور طلب آهي. شاهـ، ”انسان
ڪامل“ جو انتهائي مقام اتي ٿو ٻڌائي، جتي نه عرش اهي، نه اڀ، نه چنڊ جو چارو، نه
سج جو سرو، ۽ ان مقام کي ”پري“ سڏي ٿو. پر شاهـ جي ”پري“ ڪا پاڻ کان ”پري“ ڪين
آهي.
شاهـ
ٿو چوي:
وڃين
ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو
ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻيءَ پار،
نائي
نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو!
نطشي،
اقبال ۽ بگسان جا ”انسان ڪامل“ ۽ ”فوق البشر“ متعلق نطريات اوهان کي معلوم آهن.
نطشي جو نظر ۾ ”نيپولين“ جهڙو شرابي، بدمست، اوارو، رنگين مزاج، خوني ۽ جنگجو
ماڻهو ”فوق البشر“ آهي، ۽ برگسان ويچارو زمان ۽ مڪان جي واديءَ ۾ گم ۽ غرق آهي. ان جي افڪار مان
نطشي پنهنجو ”فوق البشر“ بونا پارٽ کي بنايو آهي.!
اقبال
جو انسان ڪامل، گستاخ ۽ بيباڪ، شوخ ۽ شنگ، دريده دهن ۽ زبان دراز آهي. هو الله سان
هم ڪلام ٿئي ٿو، پر آداب ڪلام کان جاهل! هو الله تي چوٽون ٿو هڻي ۽ ٽوڪون ٿو ڪري.
زيان
آدم خاڪي زيان تيرا هي يا ميرا؟
ٻئي
هنڌ:
اپنا
گريبان چاڪ، يا دامن يزدان چاڪ!
پر
شاهـ انسان ڪامل لاءِ چوي ٿو:
جکري
جهڙو جوان، جڙيو ڪين جهان ۾،
مهڙ
مرني مُرسلين، سرس سندس شان،
تنهن
آگي جا احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
شاهـ
جي بشر ڪامل جا اوصاف نطشي ۽ اقبال جي فوق البسر جي وصف سان ڀيٽيو.
آديسين
ادب، آهي اکڙين ۾،
نصب
تن جو ناهه ڪو، نڪو تن حسب،
سامين
کي سڀين پرين، روح ۾ آهي رب،
ريءَ
لانگوتيءَ لب، پاڇي رکن نه پاڻ لئي!
ٻئي
هنڌ فرمائي ٿو ته:
بک
وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جُڃ،
طلب
نه رکن طعام جي، اوتيو پين اُڃ
لاهوتين
لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ،
سامي
جهاڳي سُڃ، وڃي، وَسئن کي ويجها ٿيا!
ٽئين
هنڌ فرمائي ٿو:
گندي
۽ گراهه، جنين سناسين سانڍيو،
تنين
کان الله، اڃان اڳاهون ٿيو.
شاهـ
جو انسان ڪامل گهڻو مٿي آهي:
ڪڇي
ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا
آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين
جي چوٽي، پورڀ ٿيندي پڌري!
انسان
ڪامل لاءِ ائين چيو ويو آهي ته: هو ظاهري ”موت“ ۽ ”حيات“ تي به قابض ٿيندو ۽ ”موت“
کيس نه ماريندو.
شاهـ
چيو آهي:
مرڻا
اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا
سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا!
جيئڻا
اڳي جي جيئا، جُڳ جُڳ سي جيئن،
موٽي
ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا!
افلاطون
جو بشر ڪامل هڪ حجره نشين ”ملا يا رڍ“ آهي. جنهن مان نه دشمن کي ڀئو، نه سڄڻ کي
آسرو، پر شاهـ جو ”بشر ڪامل“ بازور آهي:
هڻ
ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار!
مولانا
روميءَ جو بشر ڪامل به ذرا بيباڪ ۽ گستاخ آهي، جئين فرمايو اٿس:
بزير
ڪنگره ڪبرياش مردانند،
فرشته
صيد، پيمبر شڪار، يزدان گير!
پر
شاهـ جو بشر ڪامل، صابر، خاموش طبع ۽ اديب آهي:
آديسين
ادب، آهي اکڙين ۾!
پڇاڙيءَ
۾ ايترو ٻڌائڻ مناسب ٿو سمجهان ته بشر ڪامل جو مذهب ڇا هوندو؟ نطشي، عيسائيت جا
ڇوڏا لاٿا آهن. رومي ۽ اقبال، مذهب، نسل، رنگ ۽ ذات پات جي تفريق کان ٻاهر ٿا بشر
ڪامل مڃين. شاهـ صاحب جو به ”بشر ڪامل“ ائين آهي.
نڪو
ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من!
رومي
چوي ٿو:
مِلت
عشق زهمه دين ها جدا است،
عاشقان
را مذهب و مِلت خدا است.
اقبال
جو بشر ڪامل جڏهن خدا جي نزديڪ وڃي ٿو، تڏهن خدا بندے سے خود پوچھے، بتا تیری رضا
کیا ہے؟
موجب،
خدا، بندي جي رضا طلبيءَ لاءِ مجبور آهي. مگر شاهـ پنهنجي بشر ڪامل لاءِ چوي ٿو ته:
نر
تي تند نياز سين، ٻرائي بيجل،
راز
ڪيائين راءَ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل،
اَنا
اَحمد بلاميم چئي، سئن هئين سائل
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هر دوئي هيڪ ٿيا!
وري
ٻئي نموني ۾ شاهـ، بشر ڪامل جو حال بيان ڪيو آهي:
ڪنهين
ڪنهين ماڙوهين، پيئي ڪل ڪائي،
رسيا
جي رمز کي، تن پارسي پائي،
الانسان
سري واَنا سره، ورتي ائين وائي.
راجا
راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا!
”وحدت
الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي لفظي تعبيرات ۾ راجا ۽ راڳائي، عبد ۽ الله، احمد ۽ احد
جا بحث ڏسڻ گهرجن ۽ مڪتوبات امام رباني ۽ محي الدين ابن عربي اندلسيءَ جا ڪتاب
ڏسجن.
شاهـ
جو انسان ڪامل هميشه حجت، دليل، فخر ۽ ناز کان پري آهي:
حجت
هوت پنهونءَ سان، مون ڪميڻيءَ ڪيهي
هو
جا پائين پير ۾، تنهن جُتيءَ نا جيهي.
شاهـ
جو انسان ڪامل اياز آهي، جو فرمانبردار ۽ نياز وارو آهي، جو محمود ۾ محو آهي ۽
محمود ان ۾ گم آهي.
الله
پنهنجي محبوب لاءِ چوي ٿو ته:
لَو
لاڪَ لَمَا خَلَقت الاَ فَلاڪ!
پر
عبد چوي ٿو ته:
اَنا
عَبده و رسوله،
رومي
چوي ٿو ته:
”گفته
او گفته الله بود
گرچه
از حلقوم عبدالله بود“
قرآن
چوي ٿو ته:
وَمَا
يَنطِقُ عَنِ الْهَوَى ﴿٣﴾ إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْىٌ يُوحَى ﴿٤﴾
اقبال
چيو آهي ته:
”قاری
نظر آتا ہے، حقيقت میں ہے قرآن“
انسان
ڪامل، مجسمه مذهب، مجسمه دين، مجسمه عرفان، مجسمه اسلام هوندو، جنهن ۾ دُئي نه
هوندي ۽ نه ڪفر هوندو. ان جي دؤر۾ اسلام ڪتابن ۾ نه هوندو، پر مجسمه اسلام هوندو. ”صِبْغَةَ
اللَّهِ وَمَنْ أَحْسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبْغَةً الله“ جي رنگ ۾ رنڱيل هوندو ۽ ”انا
الحق“ چوڻ جو مجاز هوندو. جيئن لوهه باهه ۾ سڙي، ڳاڙهو ٿي ”انا النار“ چئي سگهي
ٿو. سندس خاصيت ساڙڻ واري ساڳي باهه واري رهي ٿي.
شاهـ
صاحب فرمائي ٿو:
مونا
طور سينا، سندا سناسين
سجدي
۾ سيد چئي، گوڏا گودڙين
فَكَانَ
قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى ، ٿا نانگا ايئن نمن
خَر
موسيٰ صَعقا، ٿا جوڳي جُنگ جلن
بي
يمشي بي يَنطق، ٿا اهڙي چال چلن
بي
يَسمَع بي يبصر، ٿا اهڙي روش رَون
سيد
چئي سندين، ڳالهه پڇين ٿو ڪهڙي!
جن
جو هلڻ، ڳالهائيڻ اُٿڻ، ويهڻ، ٻڌڻ سڀ الله جي تصرف سان هوندو، ۽ هو الله ۾ فنا
هوندا اهي مجسمه اسلام هوندا. قرآن ڪاغذن ۾ نه هوندو، پر قلبن ۾ هوندو، قرآن مجسمه
انسان ۾ گم ٿي ويندو ۽ ”قاری نظر آتا ہے، حقيقت میں ہے قرآن“ جو مظهر هوندو. ان وقت نه ڪفر موجده صورت ۾ هوندو
نه اسلام رسمي طرح سان هوندو. عبد ۽ الله صوري ۽ معنوي رنگ ۾ هڪ ٻئي کي ويجهو
هوندا:
عاشق
چئو م ان کي، م ڪي چئو معشوق
خالق
چئو م خام تون، م ڪي چئو مخلوق.
اهو
نه خالق آهي نه مخلوق، آئيني ۾ پنهنجي صورت صاف نطر اچي ٿي، پر ان صورت کي ماڻهو
نٿو سڏجي، پر ان آئيني جي صورت کي به ”صورت انساني“ ضرور سڏجي ٿو! اِهو انسان ”آئينه
حق نما“ هوندو. اهو معاملو ڳجهه آهي، جنهن متعلق شاعر، عالم، فلسفي، صوفي، سڀ حيرت
۾ غرق آهن. احد ۽ احمد، عبد ۽ الله، آئيني ۽ صورت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
شاهـ
صاحب فرمائي ٿو:
نابوديءَ
نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت
۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
ڪبي
ات ڪيهي؟ ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
اها
ڳجهي ڳالهه به شاهـ ڪئي آهي ته:
نڪا
ابتدا عبد جي، نڪا انتها!
برنارڊشا
اڳ ۾ مهاتما ٻڌ کي انسان ڪامل سڏيو ۽ پوءِ پڇاڙيءَ ۾ اسٽالن کي بشر ڪامل سمجهيو
اٿس. پر اسان جو شاهـ چوي ٿو ته مڙس جي ڳالهه هڪ.
پڙاڏو
سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين
هئا
اڳهين گڏ، پر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا!
گل
گل پسي گودڙيا، گهڻا م ڀائنيج
سوئي
سڃاڻيج، ”هي“ هو آهي هيڪڙو!
ساهڙ
سا سوهڻي، سائر پڻ سوئي
آهي
نجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي!
پيهي
جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ
ته
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪان
پنهون
ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا!
ڪيڏانهن
ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو
منجهئي
ڪاڪ ڪڪوري، منجيهن لڊاڻو
راڻو
۽ راڻو، ريءَ راڻي بيو ناهه ڪو!
ڪانهي
ٻي تنوار، ملڪه مڙيوئي مينڌرو
اسين
سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ
هاڻي
وڃ گماڻ، صحيح سڃاتا سپرين!
اقبال
فرمايو آهي:
کہ
يہ ٹوٹا ہوا تارہ مہ کامل نہ بنجائے
شاهـ
چيو:
نڪا
ابتدا عبد جي، نڪا انتها.
Comments
Post a Comment