نذرانه عقيدت : ذاڪر حسين کٽي




لال قلندر، شهباز قلندر!
دل جو سڻ، آواز قلندر!

ساري سنڌ ، ڪري ٿي سائين،
تو تي ئي، ناز قلندر!

واهه وڻي ٿو، دل کي سائين،
ڌمال سان گڏ، ساز قلندر!

ملنگ تنهنجا، مست آهن،
عجب آ جن، انداز قلندر!

روضي ۾ آ، راحت ڏاڍي،
روماني آهي، راز قلندر!

ذاڪر” تنهنجي، در جو سوالي،
پيار جو ٿئي، پرواز قلندر!


ذاڪر حسين کٽي

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت