هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
7:30 شام جو Bloom & grow هوٽل
جو ڪمرو ڇڏي، رولاڪيون ڪرڻ لاءِ هيٺ لٿاسين. برسات کان پوءِ ماحول جو مزو ئي ٻيو ٿي
ويو هو. هڙومالي جو نئون جرڪندڙ روپ سامهون اچي ويو هو. اتي ئي هڪڙي هوٽل ۾ ماني
کاڌي سين. هن هوٽل جي ماني ڏاڍي مزيدار هئي. ڏاڍو سٺو ذائقو هيو. ماني ۾ چڪن نوڊلز
(سيويون)، خالي سفيد سادا اوٻاريل چانور، ويجيٽيبل چانور، دال جا ٻه پيالا. ٽوٽل
بل 212 روفيا آيو، جنهن ۾ پاڻي جي بوتل، سوجي جو حلوه، پاپڙ به شامل هيا. پاڪستاني
3820.27 بل آيو. مان سمجهان ٿو ته تمام مناسب اگهه هيو. هون به اسان وٽ ڪنهن سٺڙي
هوٽل ۾ ٻه ڄڻا ماني کائن ٿا ته 1500 کان 2000 روپيا بل مزي سان اچي وڃي ٿو.
ماني کائي اتان نڪري، پنهنجي هوٽل طرف آياسين. رستي
جي ٻنهي پاسن کان ڦوٽ پاٿ هيا. ڦٽ پاٿن سان وري وڻ ٽڻ، گل ۽ ٻوٽا پوکيل هيا. هر دڪان،
آفيس يا گهر جي اڳيان ساوڪ ئي ساوڪ آهي. رنگين، مختلف قسمن جا گل هر گهٽي جي سونهن
بڻيل آهن. مون چوراهي جي ڪنڊ تي موجود ڪيبن ٽائيپ دڪان کان ڪيمل سگريٽ ورتو. سگريٽ
دکائي رستي سان ئي ڪچهري ڪندا پنهنجي هوٽل تي آياسين. رستي تي هن وقت به رات جو
عورتون ٻهاريون ڏيئي رهيون آهن. ڪنهن ٻڌايو ته هتي ملازمن جون ٻه شفٽون ٿينديون
آهن. هڪڙي صبح جو نائين وڳي کان ٻين 2 وڳي تائين ۽ ٻي وري پنجين وڳي کان 9 نائين وڳي
تائين.
هينئر رات جا پوڻا نو 9 ٿين پيا. صبح جو ساڍي ستين
وڳي اسان جي مالديپ ايئرپورٽ کان سري لنڪا لاءِ فلائيٽ آهي. ان ڪري اڄ رات اسان کي
سوير سمهڻو پوندو، ته جيئن اسان صبح جو سوير اٿي سگهون. ان لاءِ اسان دوستن اهو
طئي ڪيو ته اسان کي هوٽل پنجين وڳي يا ساڍي پنجين وڳي ڇڏڻو پوندو ۽ هن بنگالي هوٽل
واري کان موڪلاڻي ڪرڻي پوندي.
هن شهر ۾ مون کي لڳو ته ڪٿي ڪٿي چوري چڪاري جو خطرو
رهي ٿو. ڇو ته واڪ ڪندي ڦوٽ پاٿ جي پاسي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا سائيڪل زنجير سان ٻڌل نظر
آئي. ان کان علاوه هوٽل واري بنگالي جو پڻ اهو چوڻ هيو ته پنهنجي سامان جي پاڻ
حفاظت ڪيو. ڇو ته هن هوٽل جي گيٽ تي پڻ ڊجيٽل لاڪ لڳل هيو. جيڪو اسڪين ڪارڊ جي
وسيلي کُلي پيو ۽ بند ٿئي پيو. جنهن جو مطلب اهو هيو ته، بنا ڪارڊ وارو ڪو به ماڻهو،
خاص ڪري ڪو ايرو گيرو نٿو خيرو نه اچي سگهي ۽ نه وڃي سگهي. هيڏي وڏي شهر ۾ اهي ٿوريون
گهڻيون حرامپايون ضرور ٿينديون هونديون.
جنيد اسان جي روم ۾ آيو آهي. هن کي جيڪو ايڊوانس
سفر جي خرچ لاءِ پئسا ڏنا هياسين، يا پول ۾ جمع ڪرايا هياسين. ان رقم جو حساب ڪتاب
ڪرڻ ويهي رهيو. حساب دوران هن ٻڌايو ته سڄو خرچ پکو لاهي، وري به توهان جا مون ڏي
پئسا ٿين ٿا. سو هن اسان کي اسان جا بقايا پئسا واپس ڪري، صبح جو ايئرپورٽ تائين
حساب چڪتو ڪري، پنهنجي روم ۾ هليو ويو. پرتاب جي موڊ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ چرچا کل ڀوڳ
۽ ٽهڪڙن جو سهارو ورتوسين پر اهي ڦڪيون بيڪار ويون. انهن جو هن جي صحت تي ڪو به
اثر نه ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ سڀ سمهي پياسين.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment