محمد ميلان ٻيڙي وارو
واٽر ايڪٽوٽي جي جنهن وٽ بڪنگ ڪرائي هئي، هي اهو ئي
ڇوڪرو هيو، جنهن اسان کي پنهنجي فاسٽ ٻيڙي ۾ مافوشي ٻيٽ کان کنيو هو. هي به هن هوٽل
جو ئي ملازم آهي. هڻي هڻي وڃي 35 ڊالرن ۾ سڀ واٽر ايڪٽوٽين جو طئي ڪيو ويو. هن وڏئي
پڪائي ڪندي ۽ ڪوڙا دليل ٻڌندي چيو هو ته،” مان توهان کي پاڻي جون سڀ رانديون ڪرائيندس.
توهان جا ڦوٽو ڪڍندس، سمونڊ ۾ ترڻ مهل توهان جي وڊيو ٺاهيندس، توهان کي ٻي نئين ٻيٽ
تائين وٺي ويندس“.
مطلب ته هي ڏاڍو پڪو ڇوڪرو هو. هن جي ڏندن ۾ تار لڳل
هئي. هن پنهنجو نالي بعد ۾ محمد ميلان ٻڌايو هو ۽ ٻيڙي هلائڻ واري پائليٽ جو نالو
محمد اسماعيل ٻڌايو هيو. اسان هوٽل تي ناشتو ڪري، هن سان گڏ سمونڊ تي نڪتاسين.
گرائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي ئي ساڳيو فاسٽ بوئٽ (تيز موٽر لڳل ۽ پيٽرول تي هلندڙ ٻيڙو)
بيٺو هيو. جنهن ۾ اهو ساڳيو ئي ڊرائيور هيو جنهن اسان کي مافوشي کان کڻي گرائيدو ٻيٽ
پڄايو هو. اسان سڀ هڪ هڪ ٿي ان ٻيڙي ۾ پنهنجي پنهنجي مرضي سان سيٽن تي ويهي
رهياسين.
هي سامونڊ فاسٽ بوٽ هاڻي گرائيدو ٻيٽ جو ڪنارو ڇڏي
سمونڊ جون تيراڪيون ڪندي اڳتي روانو ٿي چڪو هو. ميلان ٻيڙي ۾ موجود وڏن لائوڊ اسپيڪرن
کي آن ڪري ڇڏيو. هاڻي موسيقي جو زوردار آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو هو، پر لفظ هڪڙو به
سمجهه ۾ نه پئي آيو. ان ڪري دوستن جو خيال هو ته ”نيري ڏند“ (بلوٽوٿ) جي ذريعي
پنهنجي پسند جا گانا هلايا وڃن. سو ان ڏس ۾ سڀ کان پهرئين پهل ڪندي اسان جي دوست
يوسف عجب هن ٻيڙي واري محمد ميلان کان اسپيڪر جو بلو ٽوٿ بند ڪرائي، پنهنجي
موبائيل کي ان سان ڳنڍي ڇڏيو هو. يوسف عجب پنهنجو لکيل براهوي ٻولي ۾ گانو هلايو.
جنھن جا اھا ٻول هيا ته زندگي ۾ بس تنهنجي ئي ڪمي آ، ٻيو ته ڪو عذاب ڪونهي ڪو.
يوسف جي هن غزل جي ڌن تمام پياري آهي. يوسف ٻڌايو ته هن جو غزل بلوچستان جي مشهور
فنڪار قادر چنيل ڳايو آهي. قادر چنيل جو آواز به تمام کليل، چٽو ۽ مٺڙو آهي. يوسف
بار بار پئي هن غزل کي هلايو. جنهن جي ڪري اسان جي ذهن ۽ روحن ۾ هي ڌن ويهي وئي
هئي. ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. مزو پئي آيو. موسيقي، سمونڊ ۽ سنگت جي ساٿ جو ميلاپ، مٿان
موسم جي مهرباني. ڏاڍو خوبصورت منڊل جڙي ويو هو.
سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇي ۽ ڪميون
ان کان پوءِ تقريبن اڌ کن ڪلاڪ کان پوءِ پاڻ هڪڙي
سرسبز، ڊگهن ناريلن جي وڻن واري ٻيٽ جي پاسي ۾، ڪناري تي اچي بيٺاسين. هن ٻيٽ جو
نالو Sand Bank High Tide هيو. هتي هن ٻيڙي
جو رسو جنهن ۾ ٻلي لڳل هوندو آهي. اهو هيٺ سمونڊ ۾ اڇلايو. اتي ئي ٻيڙي کي
لنگرانداز ڪيو. اسان جي سامهون هڪڙو ٻيو وڏو جهاز به اچي بيٺو هو. اتي به ماڻهو
سمونڊ ۾ سنورڪلنگ ڪري رهيا هيا. هتي اسان کي هي به سنورڪلنگ ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هيو.
ٻيڙي جي رسي کي پٿرن سان ڦاسائڻ کان پوءِ، ميلان ٿيلهي مان ڊبل روٽي ڪڍي، ان کي ٽڪرا
ٽڪرا ڪري هيٺ ٻيڙي جي پاسي کان اڇلائيندو پئي ويو.
هتي پاڻي جو رنگ نيرو فيروزي صاف شفاف هيو. هيٺ
سمونڊ جي پاڻيءَ ۾ نظر وجهڻ کان پوءِ هيٺ جي دنيا ۽ ان جي سموري مخلوق نظر پئي
آئي. مٿي مٿي پٿر پئي نظر آيا. جنهن مان لڳي پيو ته هيٺ پاڻي گهرو نه آهي. ڊبل روٽي
ٽڪرن کي هيٺ اڇلڻ جي ڪري ٿوري دير ۾ ئي ننڍڙين مڇين جو جهنڊ هيٺ گڏ ٿي ويو هو.
ميلان هڪڙي ڊبل روٽي جو سلائيس مون کي ڏيندي چيو ته،”توهان به هنن کي کارايو“. مان
به ان کي ڀوري هيٺ مڇين کي کارائڻ لاءِ ڊبل روٽي جا ٽڪرا هيٺ ٻيڙي جي پاسي ۾ ڪيرائي
رهيو هئس. ڪيڏو خوبصورت نظارو هو. ننڍڙيون، وڏڙيون مڇيون اچي گڏ ٿيون هيون. ٻيڙي
هوا ۽ پاڻي جي ڇولين جي ڪري هيٺ مٿي ٿي، لڏي رهي هئي.
ڪي ڪي وڏيون مڇيون به نظر آيون. هون به هن جاءِ تي
ميلان ٻڌايو ته،”هتي وڏيون مڇيون گهڻيون آهن“. مالديپ جي زمين اهڙين چند جاين مان
هڪڙي آهي جتي ڪا به خوبصورت وهيل مڇي يا شارڪ کي توهان پنهنجي سامهون دوبدو ڏسي
سگهو ٿا. جيڪا دنيا جي مڇين ۾ سڀني کان وڏي مڇي آهي. هتي اهي مڇيون سمونڊ ۾ پوري
سال پيون نظر اينديون آهن. سو به گهڻي تعداد ۾. هتان جي ساحلن تي گهڻو ڪري سفيد
رنگ جي، نرم ملائم واري هوندي آهي. جيڪا دنيا جي مڙني ساحلن جي ڀيٽ ۾ پنج سيڪڙو
آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي زمين کي جنت جو ٽڪرو تصور ڪيو وڃي ٿو.
مالديپ دنيا جي سامونڊي ڪمين جي ستن قسمن مان پنج
قسمن جو گهر آهي. هتي ليدر بيڪ، اوليو رڊلا ڪمي، لوگر هيڊ، گرين ٽرٽل ۽ هاڪس بل وڏي
تعداد ۾ نظر اينديون آهن. جيڪڏهن توهان کي ڪمين ڏسڻ جو شوق آهي، ته توهان لاءِ هي
جڳهه انتهائي خوبصورت آهي.
هاڻي ميلان جي ڊبل روٽي ختم ٿي ويئي هئي. ٻيڙي کي
اوسي پاسي، چئني پاسن کان ننڍڙين توڙي وڏين مڇين جو جهنڊ گهيرو ڪري ويو هو. ان عمل
کان پوءِ ميلان ٻيڙي جي اڳين حصي کان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته،”مون کي غور سان ٻڌو
مان توهان کي ڪجهه هدايتون ڏيئي سمجهائڻ چاهيان ٿو“.
اسان سڀني جو ڌيان مڇين کان هٽي هن طرف ٿي ويو. هي ڏاڍو
خوش مزاج، ملڻهار ۽ سٺو ڇوڪرو هو. هن جي طبيعت ۾ مذاق مستي جو عنصر ڪجهه سوايو هو.
مون کي خبر نه هئي ته هو اردو به سمجهي ٿو. سو ڪنهن ڳالهه تي مون چيو ته،”هي وڏو
حرامي آهي“.
ته ان تي هن چيو ته،”نه نه مان حرامي ناهيان توهان
گهٻرايو نه“. پر هن صفا مائينڊ نه ڪيو هو. پر مان دل ئي دل ۾ شرمندو ضرور ٿيو هئس.
پر پوءِ ته اهڙو دوست ٿي ويو جو ڇا ڳالهه ڪجي.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment