ابو القاسم الزھراوي

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي








ابو القاسم الزھراوي

زھراوي 936ع ڌاران قرطبه ۾ پيدا ٿيو. ھو ھڪ وڏو مسلمان سرجن بڻيو سندس مشھوري جو سبب ان جو ڪتاب التصريف آھي جيڪو ٽيھن جلدن تي پکڙيل طبي انسائيڪلو پيڊيا آھي. ھن جا آخري ٽي جلد سرجري بابت آھن. ھن جي ھڪ حصي ۾ سرجري ذريعي اک ڪن ۽ ڏندن جي علاج جو بحث آھي. ھن ڪتاب کي مغرب ۾ ڪافي مقبوليت حاصل رھي.

زھراوي سرجري بابت اوزار به جوڙيا. جن منجھان ٽي ڪافي مفيد رھيا ھڪ اوزار جنھن جي چوٽي تي اسپنج (فوم) جو ٽڪڙو لڳل ھو ۽ ھو نڙي ۾ ڦاٿل ڪنھن شيءِ کي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪتب ايندو ھو. ٻيو اوزار زخم جي ماپ ۽ پيشاب جي نالي جي اندرين حصي جي معائني لاءِ ھو. زھراوي ھڪ ماھر ڏندساز به ھو. خراب ڏند جي جاءِ تي مصنوعي ڏند لڳائڻ ۾ ماھر ھو. ڏند سازي لاءِ ھن جي ڪتاب ۾ اوزارن جون تصويرون به ڏنل آھن ھن ڪتاب جي ذريعي يورپ ۾ سرجري جو بنياد پيو.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت