نظم : رجب آزاد




سنڌڙيءَ جو وڌايو تو اچي مان قلندر،
اچي درد جو هاڻي ڪر درمان قلندر
وک وک تي رهن ويري ۽ هامان قلندر
بجليءَ جو ٿيو ڪيڏو آ بحران قلندر
انسان کي وڃي سمجهيو ٿو حيوان قلندر
شهباز سخي سيد ذيشان قلندر

جنهن ديس کي بخشيو ٿو وڏو مان قلندر
تنهن ديس ۾ لٽجي پيو انسان قلندر
اڄ توکان امن جو ٿا گهرون دان قلندر
ٿئي جلد هتي امن جو اعلان قلندر
ظالم جي ڪُکين ۾ ڪو لڳي ڪانُ قلندر
شهباز سخي سيد ذيشان قلندر

اميد جي گلشن جا سڀئي گلڙا ڪو ماڻا
هن امن جي ڌرتيءَ تي وڌيا جيل ۽ ٿاڻا
جيڪو به ڪڇي تنهن لئه سزا تيار رکي آ
اڏري ويو ڪاڏي هتان امن پکي آ
وک وک تي رکيل تيار آ زندان قلندر
شهباز سخي سيد ذيشان قلندر

رجب آزاد

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت