افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
-------
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ
قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم قَالَ اللہُ تعالیٰ اَحَبَّ عِبَادِیۡ اِلَیَّ
اَعَجَلۡھُمۡ فِطۡرًا۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی تعجیل الافطار ج 1 ص
88)
”حضرت ابو هريره ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته الله پاڪ جو ارشاد آهي (يعني حديث قدسي
آهي)ته پنهنجي ٻانهن مان مون کي اهي ٻانهان زياده محبوب ۽ پسنديده آهن جيڪي روزي
افطار ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا آهن (يعني سج لهڻ کان پوءِ بلڪل دير نه ڪندا آهن ۽ اهو ئي
مسنون طريقو آهي ۽ بلاوجه روزي افطار ڪرڻ ۾ تاخير نه ڪرڻ گهرجي.)
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ سَھۡلِ بۡنِ سَعۡدٍ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ
وسلم لاَیَزَالُ النَّاسُ بِخَیۡرٍ مَاعَجَّلُوا الۡفِطۡرَ۔ (بخاری شریف کتاب
الصوم باب تعجعل الفطر ج 1 ص 163۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور وتاکید
استحبابہ و استحباب تاخیرہ و تعجعل الفطر ج 1 ص 350۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب
ماجاء فی تعجعل الافطار ص 123)
”حضرت سهل بن سعد کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيستائين
منهنجي امت جا ماڻهون افطاري ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا رهندا ته اهي سٺي حال ۾ رهندا.“
مذڪوره بالاحديث جي مضمون جي هڪ حديث طبراني ۾ آهي ان جا الفاظ هي
آهي.
”وَعَجِّلُو الاَفۡطَارَ وَاَخِّروۡا
السُّحُوۡرَ“
يعني افطاري ڪرڻ ۾ جلدي ڪيو ۽ سحري ڪرڻ
۾ دير ڪيو
افطار ۾ دير نه ڪرڻ بلڪه جلدي ڪرڻ، ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ شريعت جو حڪم
۽ الله پاڪ جي مرضي آهي، ۽ ان ۾ عام مسلمانن جي لاءِ آساني ۽ سهولت به آهي جيڪو
الله پاڪ جي رحمت جو هڪ مستقل وسيلو آهي تنهن ڪري امت محمدي جيستائين ان تي عمل
ڪندي رهندي ته اها الله پاڪ جي نظر ۾ ڪرم جي مستحق رهندي ۽ انهن جا حالات سٺا ۽
بهتر رهندا.
۽ ان جي برعڪس اگر افطار ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ ۽ سحريءَ ۾ جلدي ڪرڻ ۾ چونڪه
الله پاڪ جي سمورن ٻانهن جي لاءِ مشقت ۽ تڪليف آهي ۽ اهو يهودن ۽ عيسائن جو طريقو
آهي تنهن ڪري اهو هن امت جي لاءِ رحمتِ خداونديءَ جي بجاءِ ناراضگيءَ جو سبب آهي.
افطار ۾ جلدي ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته جڏهن سج لهڻ جو يقين ٿي وڃي ته
پوءِ دير نه ڪئي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح سحريءَ ۾ دير ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته صبح صادق جو
وقت جڏهن قريب ۽ ويجهو هجي ته ان وقت کاڌو کائجي ۽ اهو ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول
هيو.
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَنَسٍ عَنۡ زَیۡدِ بۡنِ ثابِتٍ رضہ قَالَ تَسَحَّرۡ نَامَعَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی
اللہ علیہ وسلم ثُمَّ قَامَ اِلیٰ
الصَّلوٰۃِ قُلۡتُ کَمۡ کَانَ بَیۡنَ الآذَانِ وَالسُّحُوۡرِ قَالَ قَدۡرُ
خَمۡسِیۡنَ آیَۃً۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب قدرکم بین السحور صلواۃ الفجر ج 1
ص 257۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحہر و تاکید استحبابہ واستحباب تاخیرہ و
تعجیل الفطر ج 1 ص 35)
”حضرت انس ؓ حضرت زيد بن
ثابت ؓ کان روايت ڪري ٿو ته انهن بيان ڪيو
ته اسين پاڻ ڪريم ﷺ جن سان گڏ سحريءَ جو کاڌو کاڌوسون پوءِ (جلدي ۾ ئي) پاڻ ڪريم ﷺ
جن فجر جي نماز جي لاءِ اٿيا، حضرت انس ؓ
فرمائي ٿو ته مون انهن کان پڇيو ته سحري کائڻ ۽ فجر جي آذان جي وچ ۾ ڪيترو
وقفو هيو؟ انهن فرمايو ته پنجاهه آيتن جي تلاوت جي مقدار جيترو وقت.“
Comments
Post a Comment