احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
-------
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ
قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم قَالَ اللہُ تعالیٰ اَحَبَّ عِبَادِیۡ اِلَیَّ
اَعَجَلۡھُمۡ فِطۡرًا۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی تعجیل الافطار ج 1 ص
88)
”حضرت ابو هريره ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته الله پاڪ جو ارشاد آهي (يعني حديث قدسي
آهي)ته پنهنجي ٻانهن مان مون کي اهي ٻانهان زياده محبوب ۽ پسنديده آهن جيڪي روزي
افطار ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا آهن (يعني سج لهڻ کان پوءِ بلڪل دير نه ڪندا آهن ۽ اهو ئي
مسنون طريقو آهي ۽ بلاوجه روزي افطار ڪرڻ ۾ تاخير نه ڪرڻ گهرجي.)
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ سَھۡلِ بۡنِ سَعۡدٍ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ
وسلم لاَیَزَالُ النَّاسُ بِخَیۡرٍ مَاعَجَّلُوا الۡفِطۡرَ۔ (بخاری شریف کتاب
الصوم باب تعجعل الفطر ج 1 ص 163۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور وتاکید
استحبابہ و استحباب تاخیرہ و تعجعل الفطر ج 1 ص 350۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب
ماجاء فی تعجعل الافطار ص 123)
”حضرت سهل بن سعد کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيستائين
منهنجي امت جا ماڻهون افطاري ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا رهندا ته اهي سٺي حال ۾ رهندا.“
مذڪوره بالاحديث جي مضمون جي هڪ حديث طبراني ۾ آهي ان جا الفاظ هي
آهي.
”وَعَجِّلُو الاَفۡطَارَ وَاَخِّروۡا
السُّحُوۡرَ“
يعني افطاري ڪرڻ ۾ جلدي ڪيو ۽ سحري ڪرڻ
۾ دير ڪيو
افطار ۾ دير نه ڪرڻ بلڪه جلدي ڪرڻ، ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ شريعت جو حڪم
۽ الله پاڪ جي مرضي آهي، ۽ ان ۾ عام مسلمانن جي لاءِ آساني ۽ سهولت به آهي جيڪو
الله پاڪ جي رحمت جو هڪ مستقل وسيلو آهي تنهن ڪري امت محمدي جيستائين ان تي عمل
ڪندي رهندي ته اها الله پاڪ جي نظر ۾ ڪرم جي مستحق رهندي ۽ انهن جا حالات سٺا ۽
بهتر رهندا.
۽ ان جي برعڪس اگر افطار ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ ۽ سحريءَ ۾ جلدي ڪرڻ ۾ چونڪه
الله پاڪ جي سمورن ٻانهن جي لاءِ مشقت ۽ تڪليف آهي ۽ اهو يهودن ۽ عيسائن جو طريقو
آهي تنهن ڪري اهو هن امت جي لاءِ رحمتِ خداونديءَ جي بجاءِ ناراضگيءَ جو سبب آهي.
افطار ۾ جلدي ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته جڏهن سج لهڻ جو يقين ٿي وڃي ته
پوءِ دير نه ڪئي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح سحريءَ ۾ دير ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته صبح صادق جو
وقت جڏهن قريب ۽ ويجهو هجي ته ان وقت کاڌو کائجي ۽ اهو ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول
هيو.
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَنَسٍ عَنۡ زَیۡدِ بۡنِ ثابِتٍ رضہ قَالَ تَسَحَّرۡ نَامَعَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی
اللہ علیہ وسلم ثُمَّ قَامَ اِلیٰ
الصَّلوٰۃِ قُلۡتُ کَمۡ کَانَ بَیۡنَ الآذَانِ وَالسُّحُوۡرِ قَالَ قَدۡرُ
خَمۡسِیۡنَ آیَۃً۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب قدرکم بین السحور صلواۃ الفجر ج 1
ص 257۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحہر و تاکید استحبابہ واستحباب تاخیرہ و
تعجیل الفطر ج 1 ص 35)
”حضرت انس ؓ حضرت زيد بن
ثابت ؓ کان روايت ڪري ٿو ته انهن بيان ڪيو
ته اسين پاڻ ڪريم ﷺ جن سان گڏ سحريءَ جو کاڌو کاڌوسون پوءِ (جلدي ۾ ئي) پاڻ ڪريم ﷺ
جن فجر جي نماز جي لاءِ اٿيا، حضرت انس ؓ
فرمائي ٿو ته مون انهن کان پڇيو ته سحري کائڻ ۽ فجر جي آذان جي وچ ۾ ڪيترو
وقفو هيو؟ انهن فرمايو ته پنجاهه آيتن جي تلاوت جي مقدار جيترو وقت.“
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment