مالديپ جي تاريخي حيثيت
مالديپ ۾ اسلام ٻارهين
صدي هجري ۾ آيو. 1314ع ۾ صوفي بزرگ ابوالبرڪات بربري جي هٿان مالديپي جزيرن جي سڀني
ماڻهن اسلام قبول ڪيو. هن کي مالديپ جا ماڻهو ”روحاني انقلاب“ جي نالي سان ياد ڪندا
آهن. اها اهڙي هوا گهلي جو ان وقت جي هندو حڪمران نالي ڌرم سانت به اسلام قبول ڪيو.
مشهور مسلمان مورخ ابن بطوطه به مالديپ آيو هو. هو هتي قاضي جي حيثيت سان پنهنجا
فرض سرانجام ڏيندو هو. ابن بطوطه جي سفرنامي ”مالديپ جا قديمي احوال“ هڪڙو تمام
قديمي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
1558ع ۾ پرتگالين مالديپ جي جزيري تي قبضو ڪيو ۽ انهن جو تسلط 1573ع
تائين قائم رهيو ۽ مسيحيت جي تبليغ جو ڪو به اثر نه ٿيو. سترهين 17 ۽ 18 اڙهين
صديءَ ۾ مالابارس Malabars جيڪي
ڏکڻ اولهه انڊيا کان آيا، انهن به هتي قبضو ڪيو. 1752ع مالبارس جي ڪاهه مالديپ جو
برو حال ڪيو. 1887ع ۾ هڪڙي معاهدي تحت برطانيا کي براعظم پاڪ ۽ هند سان گڏ مالديپ
جو به حڪمران تسليم ڪيو ويو. پر مشنري ڪوششن جي باوجود مذهب جي تبديلي جي ڪوشش ڪامياب
نه ٿي سگهي. پهرئين جنوري 1953ع جو مالديپ کي آزاد جهموريت قرار ڏنو ويو
مالديپ جو وجود
پنجين صدي قبل مسيح ۾ ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ هتي هندستان ۽ سري لنڪا جا ماڻهو آباد
هوندا هيا. اهي ماڻهو گوتم ٻڌ جا پوئلڳ هيا. پر اڳتي هلي انهن مان گهڻن اسلام قبول
ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي مالديپ اسلام جو آکاڙو بڻجي ويو. اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪيترن جاين
تي مسجدون تعمير ٿيل آهن. سلطان پارڪ ۽ اسلامڪ سينٽر پنهنجي فن تعمير جي خوبين جي ڪري
ڪافي مشهور آهن. اڳين دور ۾ ڪثرت ۾ ملندڙ ڪائوري جي کولن
cowrie shells (cypraea Moneta) ڪوڏيون جن کي ڪرنسي
جي شڪل جي طور تي استعمال ڪيو ويندو هو.
هتي ڪجهه
پرتگالي به رهندا هيا، جن کي اڳتي هلي ملڪ نيڪالي ڏني ويئي هئي. 1558ع صدي ۾ ملڪ هڪڙي
سلطنت جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويو. جنهن کي Thiladhumathi atoll وارن حڪمرانن بچايو هيو. انهن ۾ محمد ٺاڪرومانو العظم ۽ هن جا ٻه ڀائر
علي ۽ حسن هيا. 17 جولاءِ 1926ع ٻيٽ برطانيه سان هڪڙي معاهدي تحت آزادي ورتي. اڄ
هن ملڪ ۾ صدارتي جمهوريت آهي.
مالديپ تي هندستان
۽ سري لنڪن ثقافت جا رنگ چڙهيل آهن. رقص ۽ موسيقي آفريڪي تال تي هلندي آهي. ”بوڊو
بيرو“Boduberu مالديپ
جو روايتي ناچ آهي، جيڪو دهل جي تال، ڳائڻ ۽ ناچ سان پيش ڪيو ويندو آهي. هن کي
مقامي ٻولي ۾ Mallafaiy Negum Gaaodi Lava Thaara چيو ويندو آهي. هتان جي ماڻهن جو پسنديده کاڌو مڇي ۽ چانور آهن. هتان
جا ماڻهو به مختلف مصالحن سان تر کاڌن کي پسند ڪندا آهن. ”مسروشي“ Masroshi ملڪ جي روايتي ڊش
آهي. لوڪ ڪهاڻيون، داستان ۽ افسانا، هتان جي ادب جو اڻ ٽوٽ حصو آهن. هنن جون ڪهاڻيون
به نسل در نسل زباني منتقل ٿي آيون آهن. هتان جا ماڻهو پنهنجي هنري ڪاريگري جي ڪري
پڻ گهڻو مشهور آهن. جنهن ۾ ڪونر جي رسي، تڏا، ليڪن جو ڪم، خطاطي ۽ مختلف زيور ٺاهڻ
جا ماهر سمجهيا وڃن ٿا. مالديپ پهچڻ لاءِ توهان کي ريل گاڏي نه ملندي. ڇو ته هي ٻيٽن
وارو ملڪ آهي. ان لاءِ توهان جهاز جي ذريعي ئي هتي اچي سگهو ٿا. هتان جا بين
الاقوامي هوائي اڏا جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ خاص اڏا هي آهن. ويلانا انٽرنيشل
ايئرپورٽVIA، Maafaru
بين الاقوامي هوائي اڏو NMF، هانيمادهو انٽرنيشنل ايئرپورٽ HAQ، مااميگيلي انٽرنيشنل ايئرپورٽ VAM
۽ گان انٽرنيشنل ايئرپورٽ GAN اچي وڃن ٿا.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment