I had never spent a night on an island before.
پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
15.07.2024 جي صبح جي ويل
آهي. پکين جو آواز ڪنن تي پيو آهي. ٻيٽ جي خاموشي جو به پنهنجو مزو آهي. مون هن
کان اڳ ۾ ڪنهن به ٻيٽ تي رات نه گذاري هئي. جيئن ئي گيلري واري دري کولي ته مهڪندڙ
مٽي ۽ واري جي خوشبو منهنجي ساهن کي محسوس ٿي. ائين لڳو ته رات برسات ٿي هجي. هتي
مون کي لڳو ته برسات جي بوندن به شور نه ڪيو هو. بوندن مان پيدا ٿيندڙ رڌم تي مون
کي ويتر گهري ننڊ آئي هئي. رات نه بادلن جو گجگوڙ ڪنين پيو هو ۽ نه ئي وري انهن
اسان جي ننڊ ۾ خلل وڌي هئي. ان کان پوءِ وهنجي سهنجي صبح جو تيار ٿي، هي چنڊ سٽون
لکڻ شروع ڪيون اٿم. مون جاڳڻ کان پوءِ يا وري ائين چئجي ته منهنجي حرڪتن ۽ چرپر جي
ڪري مختيار صاحب جي ننڊ ۾ خلل پئجي ويو هو. پر مون مختيار صاحب کي سوير جاڳندي ڏٺو
آهي. هو به تيار ٿي رهيو آهي، انهي دوران پرتاب جي اک کُلي ويئي هئي ۽ هو بيڊ تي
ليٽيل رهيو هو ۽ پرتاب شاعري جي ترنم سان مالديپ ۾ مانڊاڻ مچائي رهيو آهي.
پيلا گل پلاند ۾، وينگس ڳاڙهو ويس،
اسان لاءِ پرديس رسڻ آهي پرين جو.
مون چيو، پرتاب! خير ته آهي، صبح سان پرديس ۽ پرين
جو ڳالهيون پيو ڪرين“.
چيائين،”بس يار ڪنهن شوخ حسينا جي ياد اچي ويئي، ان
ڪري مٿيون شعر پڙهيم“.
پرتاب جي اها خوبي ڏاڍي وڻي ته هو صبح جو سوير اٿڻ
مهل، ڪڏهن اياز ته ڪڏهن لطيف، ڪڏهن ڪبير ته، ڪڏهن گلزار پئي ٻڌايو. يا وري ڪڏهن
ادبي ڪچهري ڪري، اسان کي صبح سان ئي تازو توانو ڪري ٿي ڇڏيو. ان کان علاوه جڏهن هو
موج مستي ۾ هوندو آهي ته سنڌ جي نالي وارن ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ ڏاهن جي ساروڻين
جا ساز کڻي ڇيڙيندو هيو. اوڏي مهل هن گلزار جو هي شعر ٻڌايو ته:
دن کچھ ایسےگزارتا ہے کوئی،
جیسے احسان اتارتا ہے کوئی۔
تیری یاد یوں سنبھالتا ہوں،
جیسے زیور سنبھالتا ہے کوئی۔
جنيد رات جو ئي چيو هو ته هو صبوح جو سوير اسان کي
اچي اسان جي ڪمري ۾ اٿاريندو. پر ان کان اڳ ۾ جو هو اسان کي اٿاري، مان اٿي تيار ٿي
ويهي رهيس. هنن کي اٿارڻ لاءِ هن جي روم جو دروازو کڙڪايو. ٻه ٽي دفعا دروازو کڙڪايو
پر اندران ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. جنهن تي مون کي لڳو ته هي دوست اڃان ننڊ مان
نه اٿيا آهن. هي دوست اڃان تائين سڀ ستا پيا هيا.مان به اتي ئي دروازي تي بيٺو
هيس. دروازو اندران بند هو. آخري دفعو اهو سوچي دروازي کي کڙڪايم ته جيڪڏهن هن مهل
به نه اٿيا ته پوءِ مان موٽي ويندس.
جنيد ٿوري دير کان پوءِ اکيون مهٽيندي دروازو
کوليو. هن جي هٿن ۾ چارجر هيو. هن مون کي چارجر ڏيندي چيو ته،”اچي هي وٺو چارجز“.
مان حيران ٿي ويس ته هي ڇا پيو ڪري. سو مون هن کي
چارجر موٽائي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته،“ادا! مان چارجر وٺڻ نه آيو آهيان ۽ نه ئي هي
منهنجو چارجر آهي. خبر ناهي تو ڪنهن کان چارجر ورتو آ ۽ خبر ناهي هي ڪنهن جو چارجر
آ”.
”اڙي ها يار!
معاف ڪجو“. جنيد اکيون مهٽيندي چيو.
”ادا! رات تو ته
چيو هو ته تون پاڻ اسان کي اٿارڻ ايندي“. مون هن کي يادگيري ڏياريندي چيو.
”ها يار ننڊ اچي
ويئي بس پنج منٽ ڏيو، پنجن منٽن ۾ تيار ٿي هيٺ لهون ٿا“. هن مرڪ چپن تي آڻي پيار ڀري
لهجي ۾ چيو.
مان پنهنجي روم ۾ موٽي آيو آهيان. سائين مختيار
وهنجي فريش ٿي، تيار ٿي رهيو آهي. پرتاب اياز گل جو ٽيڙو ٻڌائي رهيو آهي:
تنهنجو خط مليو،
ٽي بي جي مريض کي
نئون رت مليو.
پرتاب اياز، سائينداد ساند ۽ صادق فقير جون ڳالهيون
پيو ڪري. رات هن رجب فقير جي به ڳالهه پئي ڪئي. هن وقت جنيد ڪمري ۾ اچي ويو هو. هن
چيو ته،”اسان سڀ تيار آهيون، هيٺ ناشتي جي ٽيبل تي وڃون پيا. مان هن کان ناشتي
لاءِ اڦراٽا ٺهرايان ٿو. توهان به هيٺ لهي اچو ته گڏجي ناشتو ڪري، پوءِ نڪرون“.
Comments
Post a Comment