روزو بيمثل عبادت آهي



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزو بيمثل عبادت آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنَ اَبِیۡ اُمَامَۃَ قَالَ قُلۡتُ یَا رَسُوۡلِ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم مُرۡنِیۡ بِاَمۡرٍ یَنَفَعُنِیَ اللہُ بِہ قالَ عَلَیۡکَ بِالصَّوۡمِ فَاِنَّہٗ لاَمِثۡلَ لَہٗ۔ (نساءی شریف ج 2 ص 165 و 166۔ مسند احمد بن حنبل ج 5 ص 249۔ صحیح ابن حبان ص 929۔ 930)
”حضرت ابو امامھ ؓ  کان روايت آهي ته 


مون پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته مون کي ڪنهن عمل جو حڪم فرمايو، جنهن سان الله پاڪ مون کي نفعو ڏيئي، پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته روزو رکندو ڪر، ان جي برابر ۽ مثل ڪوئي به عمل نه آهي.

هن حديث شريف ۾ روزي جي باري ۾ چيو ويو آهي ته 
”ان جي برابر ڪوئي عمل نه آهي.“ 
يعني نفس کي مغلوب ڪرڻ ۽ ان جي خواهشات کي دٻائڻ جي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ صفت ۾ ڪوئي ٻيو عمل روزي جي مثل ۽ برابر نه آهي. لهذا انهيءَ عظيم ترين عمل کي ضرور اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ بينظير عمل کي اختيار ڪندي زياده نفعو حاصل ڪرڻ گهرجي.





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت