ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن؟
اتي هڪڙو ٻيو به وڏي عمر
جو ماڻهو اوچتو اچي ويو. هن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. هو رنگ جو مشڪي هيو. بنگلاديشي،
مالديوي ۽ سري لنڪن ماڻهن جو رنگ اڪثر ڪري مشڪي نظرآيو. هن سان بيٺي بيٺي سلام دعا
ٿي. هو به سگريٽ دکائي مون سان گڏ بيهي سگريٽ جي تماڪ ۽ پني کي ساڙي، دونهان ڪڍي
رهيو هو. مون لاءِ اهو سٺو موقعو هو ته هن ماڻهو کان هتان جي باري ۾ ڄاڻ وٺان. ان ڪري
سگريٽ جو ڪش هڻي، دونهون آسمان ڏانهن موڪليندي، هن کان پڇيم ته،”هتي توهان ٻاهرين
ملڪن جا ماڻهو ڪيئن گهرائيندو آهيو“.
هن چيو ته،”بنگلاديشي وزٽ ويزا تي اچي، ان کي هتي
ورڪنگ ويزا ۾ مٽرائي، هتي ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو. پر پاڪستاني ۽ انڊيا جا ماڻهو ائين
نه ٿا ڪري سگهن. انهن کي ڪم لاءِ الڳ ويزا وٺڻي پوندي ۽ انهن جي وزٽ ويزا الڳ
هوندي آهي.
“ڀلا ويزا جو ڪهڙو طريقيڪار آهي“؟ مون هن کان پڇيو.
هن چيو ته،”جنهن ماڻهوءَ
کي ٻاهرين ملڪ کان هتي گهرائڻو هوندو آهي ته هتان جو لوڪل ماڻهو ان کي ويزا موڪليندو
آهي“.
”ان ڪم جا گهڻا پئسا وٺندا آهن“، مون سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
” ان ڪم جا هو ڪجهه مخصوص پئسا وٺندو آهي، جنهن جي مون کي گهڻي ڄاڻ
ڪانهي ڪا، باقي جڏهن اهو ٻاهريون ماڻهو هتي پهچي ويندو آهي ۽ هتي ڪم ڪار سان لڳي
ويندو آهي ته ان کان هر مهيني ٻه ٽي سو روپيا وٺندو آهي“.
”خاص ڪري ڪهڙي ڪم جا ماڻهو ٻاهريان هتي اچي سگهن ٿا“. مون هن کي ٻيهر
سوال ڪيو.
”هتي اچڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان کي ڪو نه ڪو هنر ايندو هجي.
يعني، رازو هجي، مستري هجي، ڊرائيور هجي، يا ڀلا ٻيو ڪجهه به نه پر مزدوري ڪري
سگهي، مزدوري به سٺي آهي. اهڙو همراهه اچي سگهي ٿو“.
”اڇا انهن ملازمن کي گهڻي پگهار ملندي آهي“؟ مون هن کان پڇيو.
”هتي ڊالرن ۾ پئسا ڏيندا آهن، رازا، مستري، پلمبر مهيني ۾ 1500 کان
2000 ڊالر کڻن ٿا. ان ڪري سٺا پئسا ملي ويندا آهن. ڇو ته هتي ڪيئي تعميراتي پراجيڪٽ
هلن ٿا، انهن جو ڪم ڏينهن رات هلي ٿو. ان ڪري هتي ليبر جي سخت ضرورت هوندي آهي“.
”ڀلا هتان جا ماڻهو ڪم نه ڪندا آهن ڇا“؟. مون هن کان پڇيو.
”هتان جي ليبر ٺيڪيدارن کي گهڻي مهانگي پوي ٿي، جڏهن ته ٻاهرين ملڪ
جي ليبر هنن کي سستي ٿي پوي، ان ڪري اهي ڪوشش ڪندا آهن ته سستو ليبر رکن. خاص ڪري،
پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش يا وري نيپال جي ماڻهن کي رکن ٿا“.
”توهان پاڻ ڪٿان جا آهيو“. مون هن کان ذاتي سوال ڪيو.
”مان انڊيا جو آهيان، هتي هڪڙي هوٽل ۾ ڪم ڪندو آهيان“. هن جواب ڏنو.
برسات هاڻي بيهي رهي هئي. ٿوري
دير کان پوءِ هڪڙي انگريزياڻي ٽن ڦيٿن وارو گاڏو ڌڪيندي آئي، جنهن تي هن جو ننڍڙو ٻارڙو
ويٺل هو. هن دڪاندار کان ننڍڙي لاءِ آئسڪريم گهري. دڪاندار هن کي ڪون آئس ڪريم ڪڍي
ڏني.
”هن جا گهڻا پئسا ٿيا“. ان انگريزياڻي دڪان واري ڇوڪري کان پڇيو.
جنهن کان هن 7 يا 8 ڊالر گهريا. جيڪي اسان جي حساب
سان تمام وڏي رقم هئي. هي انگريز ڊالر کڻي اچن ٿا، جنهن جي ويليو/اهميت تمام وڏي
آهي ۽ اسان جي روپيئي جي روفئي جي اڳيان به ڪا حيثيت نه آهي. سو هتان جي ننڍي بوتل
به پاڻي جي اسان کي تمام گهڻي مهانگي پوي پئي. سو اسان هاڻي ان دڪان واري کي
الوداع چئي سمونڊ جو رخ ڪيوسين. ائين رولاڪيون ڪندا، اڳتي وڌندا، ڪچهري ڪندا هلندا
رهياسين. پر اس جي تپش ايڏي تيز هئي جو ڪٿي به ڪنهن به گهٽي ۾ سڪون نه پئي آيو.
هتي بازارون آهن ڪون. بس هڪڙو ئي مين روڊ آهي. اتي دڪان آهن. هوٽلون آهن. بس. سو
اسان وري به رلي ڦري جڏهن سمونڊ جي ڪناري تي آياسين ته اتي ئي ڪجهه سڪون آيو.
واپسي ۾ ساڳي ئي بنگلي جي دڪان تي آياسين. جتي هن جي جاءِ تي هن جو ٻيو ڀاءُ ويٺو
هيو. هن سان سلام دعا ٿي. هن کي پاڻي ۽ چانهه جو آرڊر ڏنوسين. چانهه جو وري هڪڙو ٻيو
دور هلايوسون ۽ اچي وري به هڪڙي خالي پلاٽ جي ڊي پي سي تائين ڏنل/بيٺل ديوار تي بڙ
جي وڻ جي ڇانو هيٺان گرمي پسائڻ خاطر ويهي رهياسين. ٿوري دير اتي ويٺاسين ته،
مختيار صاحب کي اتي مزو نه آيو، ڇو ته ان ديوار تي ڪا به ٽيڪ وغيره نه هئي، سو
سائين مختيار سان هون ئي ڪرنگهي جو مسئلو آهي، ان ڪري اتان اٿي سمونڊ جي ڪناري تي
اچي وياسين.
هاڻي اسان جنهن گهٽي ۾ آياسين، اتي هڪڙي عمارت جو ڪم
هلي رهيو هيو. جنهن تي ڳوڻ جون ٽپڙيون ٽنگيل هيون. سامهون کان ان گهٽيءُ ۾ سمونڊ
پوي پيو. سو ان عمارت جي سامهون ئي هڪڙي بند پيل دڪان جي اڳيان رکيل لوهي ڪرسين تي
ويهي ساهي پٽڻ لڳاسين. انهن مان هڪڙي اڌ ڪرسي ڇڳل هئي. مون واءِ فاءِ جي ڪوشش ڪئي
۽ اهو واءِ فاءِ آن ٿي ويو. مون سائين مختيار کي به اهو واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪري ڏنو.
مختيار صاحب ڏاڍو خوش ٿي ويو هو. هن پنهنجي فيملي سان لاڙڪاڻي رابطو ڪيو هو. ڪافي
دير تائين ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي. ان کان پوءِ يوسف ۽ مظفربه آيا ته اسان کي به
واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪري ڏي. سو انهن دوستن کي به ان ئي واءِ فاءِ سان ڪنيڪيٽ ڪيم.
سمونڊ جي ڪري، هتي هن گهٽي ۾ ڏاڍي ٿڌڙي هوا لڳي رهي
هئي. سڪون اچي رهيو هو، مون کي ته ننڊ اچي رهي هئي. پر واءِ فاءِ جي ڪري دوستن کي
سري لنڪا واري گروپ ۾ جيڪي تصويرون منهنجي موبائيل ۾ هيون اهي موڪليون. عجب مون کي
پنهنجي واٽس اپ تان ڪافي تصويرون موڪليون. مون ڪجهه تصويرون ٻيجل کي به موڪليون
هيون. اهڙي ريت ڪجهه وقت ويهي سڪون جي ساهه کنيوسين.
هاڻي اتي ويٺي ويٺي ڪافي وقت ٿيو هيو. پوءِ اتان اٿي
پرتاب ڏي وياسين. جنهن چيو ته،”هي ڪرسيون توهان لاءِ ئي ته بڪ ڪرائي ڇڏيون آهن.
اچو ويهو ۽ سمونڊ جو هن ڪناري تان مزو وٺو. اتي به واءِ فاءِ نيٽ ڪم ڪري رهي هئي.
مون آن لائين لائيو فيس بوڪ هلائي پرتاب، مظفر، سائين مختيار ۽ جنيد جو انٽرويو ڪيو
هو. جڏهن يوسف جو وارو آيو ته نيٽ ورڪ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. سو چوندا آهن ته جب
هماري باري آئي ته اسٽيشن آ گيا. پر مون يوسف کي مايوس نه ڪيو، هن جي وڊيو موبائيل
تي رڪارڊ ڪئي هئي. اتي سامهون ڪيئي ماڻهو ڦوڪڻي واري رنگين ڇٽيءَ تي مٿي اڏامي
رهيا هيا، ڪي وري سمونڊ ۾ اسڪوٽرن تي تيراڪيون ڪري رهيا هيا. ڪي مڇين جو شڪار انگڙي
سان ڪري رهيا هيا. ته ڪي سمونڊ جي ڪناري ليٽي ماحول جو مزو وٺي رهيا هيا. هتي هڪڙي
ڪار ڦڪي رنگ جي بيٺل هئي، هي به ڪار جي نموني ۾ ٻيڙي هئي، هن تي به چڙهي سمونڊ تي ڊرائيونگ
ڪري سگهجي پئي. جنهن آفيس ۾ اسان ويٺا هياسين. اتي به ڪيئي وڏا اسڪوٽر، وڏن ڦيٿن
سان بيٺل نظر آيا. ڪيئي صاف سٿريون هوٽلون ماڻهن جي اچڻ جي انتظار ۾ هيون. مان مٿي
ذڪر ڪري آيو آهيان ته هتان جا بيچز صاف، نيري ۽ فيروزي رنگ جي پاڻيءَ جا هيا. جتان
سمونڊ جي هر مخلوق صاف نظر پئي آئي. ڪٿي به ڪا ڌپ، بدبوءِ محسوس نه ٿي.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment