جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَن سَھۡلِ بۡنِ سَعۡدٍ قَالَ إِنَّ فِي الْجَنَّةِ بَابًا يُقَالُ لَهُ الرَّيَّانُ، يَدْخُلُ مِنْهُ الصَّائِمُونَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ، لاَ يَدْخُلُ مِنْهُ أَحَدٌ غَيْرُهُمْ يُقَالُ أَيْنَ الصَّائِمُونَ فَيَقُومُونَ، لاَ يَدْخُلُ مِنْهُ أَحَدٌ غَيْرُهُمْ، فَإِذَا دَخَلُوا أُغْلِقَ، فَلَمْ يَدْخُلْ مِنْهُ أَحَدٌ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب الریان للصاءمین ج 1 ص 254۔ مسلم شریف کتاب الصوم ج 1 ص 317۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی فضل الصیام ص 119)
”حضرت سهل بن سعد الساعدي ؓ  کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جنت جي دروازن مان هڪ دروازو خاص آهي جنهن کي ”باب الرّيان“ چيو ويندو آهي. ان دروازي مان قيامت جي ڏينهن صرف روزيدار ماڻهون داخل ٿيندا. ان ڏينهن پڪاريو ۽ سڏيو ويندو ته ڪاٿي آهن اهي ٻانهان جيڪي الله جي لاءِ روزا رکندا هئا، (يعني اهي اڃ ۽ بک جي تڪليف برداشت ڪندا هئا) روزيدار انهيءَ سڏ تي هلي پوندا، انهن کان سواءِ ڪو ٻيو شخص ان دروازي مان داخل نه ٿي سگهندو. جڏهن اهي روزيدار ان دروازي مان جنت ۾ داخل ٿي ويندا ته اهو دروازو بند ڪيو ويندو. پوءِ ڪنهن ٻئي شخص جو انهيءَ جي ذريعي داخل ٿيڻ نه ٿي سگهندو.
هن حديث شريف ۾ روزيدارن جي لاءِ جنت جي خاص دروازي جي ذريعي داخل ٿيڻ جو ذڪر آهي. جنهن کي باب الريان چيو ويندو آهي. ”رَيَّان“ جي معني آهي ”پورو پورو سيراب ڊَؤ“. چنانچه جڏهن باب الريان جي ذريعي روزيدار جنت ۾د اخل ٿيندا ته جنت ۾ داخل ٿيڻ کان پهريائين انهن کي شراب . طهور (پاڪ شراب) پياريو ويندو گويا جيڪو شخص هتي دنيا ۾ خدا جي خوشنوديءَ ۽ رضا جي خاطر روزا رکندي بک ۽ اڃ برداشت ڪندو ته انهيءَ عظيم عمل جي بدلي ۾ باب الريان مان سيراب ٿي ڪري جنت ۾ داخل ٿيندو. ۽ اڳتي جنت ۾ پهچي ڪري جيڪي ڪجهه الله پاڪ جا انعامات انهن کي ملندا انهن جو علم ته صرف ۽ صرف الله پاڪ کي ئي آهي. جنهن جو ارشاد آهي ته ”ٻانهي جو روزو صرف منهنجي لاءِ آهي ۽ آءُ پاڻ ان کي ان جو بدلو ۽ اجر عطا ڪندس.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت