دولت، ناموس ۽ هڪ ڪنوارو امر جليل
دولت، ناموس ۽ هڪ ڪنوارو امر جليل مان ڪنوارو آهيان . پر جڏهن کان پنجوهين سالگرهه ملهائي اٿم، تڏهن کان منهنجو ڪنوارپڻو سڀني کي ککڻ لڳو آهي. بابا صبح جو سڏ ڪندي چيو؛ ” مون کي سيٺ نورو ڀائيءَ جي ڇوڪري پسند آهي.“ ان کان اڳ جو مان ڪجهه جواب ڏيان، امان پريان ئي رڙ ڪئي : ” شرم نٿو اچيو، هن عمر ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪيو؟ “ ” تون وچ ۾ بڪ بڪ نه ڪر. پنهنجو ڪم ڪر .“ ” مان بڪ بڪ ٿي ڪيان؟ “ ” توکي ٽي هزار ٽي سئو دفعا چيو اٿم ته بزنس جي معاملي ۾ نه ڳالهائيندي ڪر .“ امان جواب نه ڏنو ۽ نرم ڪشن جي صوفا سيٽ تي ڌڙام ڪري ويهي رهي. منهنجي ماءُ هن شهر جي مشهور هستي آهي. ڪيترن ئي جماعتن جي سرگرم رڪن آهي ۽ عورتن جي ترقي پسند جماعت L.P.A جي جنرل سيڪريٽري آهي. الاءِ ڪيئن بابا جي ڇڙٻ سهي ويئي. ڪوچ تي پاسا پي بدلايائين. سندس رخ مان ظاهر هو ته هوءَ جلد ڪنهن فيصلي تي پهچي. بک هڙتال جو اعلان ڪندي . بابا چيو: ”ڇوڪري مون کي پسند آهي. اهڙو سڱ سالن ۾ هڪ دفعو ملندو آهي. تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ “ ” توهان بزرگ آهيو .“ ” شاباس. فرمانبردار اولاد هجي ته اهڙي .“ ” مان توهان جو ۽ توهان جي فيصل