ڏند جي بناوت

ڏند جي بناوت
ھر ڏند جا ٽي حصا ٿين ٿا جيڪي ڪرائون (Crown)، نيڪ (Neck)  ۽ روٽ (Root) آھن. ڪرائون يا تاج  ڏند جو مھارن کان ٻاھر نڪتل حصو ھوندو آھي جنھن جي مدد سان ڪنھن شيءِ کي چڪ ھڻي يا چٻاڙي سگھبو آھي. ڏند جو وچيون حصو جيڪو مھارن جي وچ ۾ ھوندو آھي ان کي نيڪ يا ڳچي چئبو آھي جڏھن ته ھڏن جي خانن سان جڙيل ڏندن واري حصي کي پاڙ  (Root) چئبو آھي.
ڪرائون جو ٻاھريون تَھَ انتهائي سخت ھوندو آھي جنھن کي ميناڪاري (Enamel) چئبو آھي. اھو بيجان حصو آھي ۽ ڏند کي سونھن بخشي ٿو ۽ ڏند جو بچاءُ ڪري ٿو پاڙ ۽ ميناڪاري يا انيمل جي وچ واري تَھَ  کي ڏند جو مادو  (Dentine)  چئبو آھي. جيڪو انيمل کان نسبتاً نرم آھي ان جي اندر  ھڪ خال (Cavity) آھي جنھن کي گودي جو خال (Pulp cavity) چئبو آھي جنھن ۾ اندر نرم تاندورو گودو آھي. ان خال ۾ رت جون ناليون به آھن جيڪي رت ۽ خوراڪ پھچائين ٿيون. ڏند جي پاڙ ھڪ سخت مادي سيمينٽ (Cement) سان ڍڪيل آھي. ڏند جي ٻاھرن پيريڊونٽل ميمبرين (Periodontal  membrane) ۾ موجود سنھا تاندورا ڏند کي سيمينٽ جي مدد سان مھارن سان مضبوط ڳنڍين ٿا.

ڏندن جا قسم
شڪل۽ ڪم جي لحاظ کان ڏندن جا چار قسم آھن.
(1)           اڳيان ڏند ڪٽڻ وارا ڏند (Incisors)
(2)           چيرڻ وارا يا تکا ڏند (Canines)
(3)           پھرئين ھوڙ (Premolars)
(4)           ھوڙ (Molars)

(1)           اڳيان ڏند ڪٽڻ وارا ڏند (Incisors)
ڄاڙي جي اڳيان واري حصي ۾ لڳل تراکڙا ڇڻيءَ نما (Flat chisel shaped) اٺ ڏند آھن جن مان چار ھيٺ ۽ چار مٿي آھن. اھي ڏند ڪٽڻ جي ڪم اچن  ٿا.

(2)           چيرڻ وارا يا تکا ڏند (Canines)
اڳين ڏندن جي ڀرسان ٻنھي پاسي ھڪ ھڪ ڏند آھي. يعني ٻه ڏند ھيٺين ڄاڙيءَ ۾ ۽ ٻه مٿئين ڄاڙيءَ ۾ آھن. اھي ڏند چير ڦاڙ جي ڪم اچن ٿا. گوشت خور جانورن ۾اھي ڪافي وڏا ۽ ٻاھر نڪتل تيز ڏند ٿين ٿا. جڏھن ته سبزي خورن ۾ نه  ھوندا آھن.

(3)           پھرئين ھوڙ (Premolars)
 تکن ڏندن جي ھڪ پاسي ٻه ۽ ٻئي پاسي به ٻه ھر ڄاڙيءَ ۾ آھن يعني ڪل اٺآھن ھي کاڌي کي ھيڏانھن ھوڏانھن  ڦيرائڻ لاءِ مدد گار آھن.

(4)           ھوڙ (Molars)
ھي ھر ڄاڙيءَ ۾ ڇھ آھن ٽي ھڪ پاسي ۽ ٽي ٻئي پاسي. ھي کاڌي کي ڦيرائڻ۽ ڀورڻ جو ڪم ڪن ٿيون. آخري ھوڙ کي عقل جي ھوڙ (Wisdom tooth) چئبو آھي. ڏندن جي ترتيب  ظاھر ڪندڙ فارمولا (Dental formula) ھن ريت آھي.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت