ساھ کڻڻ واري مٿاڇري سطح جون ڪهڙيون خاصيتون آھن؟
ساھ
کڻڻ واري مٿاڇري سطح جون خاصيتون جذب ڪرڻ جي مناسب قوت، ساھ کڻڻ لاءِ گھرڙن جي
مٿاڇري جي ڪُشادگي ۽ گھرڙن جي ڀتين جي مٿاڇري سطح جو گھميل ھجڻ آھن ته جيئن گئسون
آرپار ٿيڻ کان پھرين ڳار ۾ جذب ٿي سگھن. گئسن جي مٽاسٽا سڀني جاندارن ۾ سڌي يا اڻ
سڌي طرح عمل نفوذ (Diffusion) ذريعي ٿئي ٿي.
ٻوٽن ۾ گئسن جي مٽاسٽا ڪيئن ٿئي ٿي؟
ٻوٽن
۾ گئسن جي مٽاسٽا ٿڙ ۽ وڏين پاڙن ۾ موجود ننڍڙن سوراخن ليٽيسلس (Lenticles) جي وسيلي ۽ پن جي مٿاڇري ۽ سوراخن اسٽوميٽا (Stomata) جي مدد سان ٿئي ٿي. پاڙن ۾ آڪسيجن پاڻيءَ مان داخل ٿئي ٿي پر
جيئن ته پن گھڻي تعداد ۾ ٿين ٿا ۽ سندن مٿاڇرو به ڪشادو ٿئي ٿو ان ڪري گھڻي ۾ گھڻي
گئس جي مٽاسٽا پنن ۾ موجود سوراخن ذريعي ٿئي ٿي. پنن ۾ موجود سوراخ اسٽوميٽا گئسن
جي مٽاسٽا جو خاص مرڪز آھن ٻه ٻج پن يعني ڊائيڪاٽيليڊنس ٻوٽن جي پنن جي ھيٺين سطح
تي سوراخ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا جڏھن ته گاھھ ۽ ھڪ ٻج پن يعني مونو ڪاٽيليڊنس ٻوٽن
جي اندرين ۽ ٻاھرين سطح ۾ سوراخ اسٽوميٽا ڪافي تعداد ۾ ٿين ٿا.
پن
۾ جيئن ئي گئس اسٽوميٽا جي ميزوفل گھرڙن جي وچ وارين وٿين ۾ پھچي ٿي ته اُتي گھڙن
۾ عمل نفوذ شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گھرڙن جي ڳار (Cell Sap) ۾ جذب ٿي پوءِ روشنائي ترڪيب ۽ ساھ کڻڻ واري عمل لاءِ استعمال
ٿئي ٿي.
اسٽوميٽا جي بناوت ۽ ڪم
پنن
۽ ٿڙ جي مٿاڇري واري ڀت تي خاص سوراخن کي اسٽوميٽا چئبو آھي. ھر سوراخ جي چوڌاري
ٻه ترميم ٿيل خال ۽ انھن جي شڪل جھڙا گھرڙا موجود ٿين ٿا جن کي محافظ گھرڙا (Guard Cells) چئبو آھي محافظ گھرڙن جي اندرين ڀت ٻاھرين ڀت جي مقابلي ۾ ٿُلھي
۽ گھٽ لچڪدار آھي. اسٽوميٽا جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو دارو مدار ان جي ڀتين جي ڳار جو
دٻاءُ جي گھٽ وڌاءُ تي ٿئي ٿو. جنھن پاڻي اسٽوميٽا جي چوڌاري محافظ گھرڙي ۾ داخل
ٿئي ٿو ته اھي سوراخن جي مُنھن کي ڪُشادو ڪن ٿا ۽ جڏھن پاڻي گھرڙن ۾ ان نيڪال ٿئي
ٿو ته اھي گھرڙا سُسي سوراخ کي بند ڪن ٿا. اسٽوميٽا جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو وقت ماحول
تي منحصر ھوندو آھي. عام رواجي حالتن ۾ اسٽوميٽا ڏينھن جو کُلن ٿا ۽ رات جي وقت
بند ٿين ٿا.
Comments
Post a Comment