Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس

  

نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس

 

جنيد ۽ پرتاب کان پو منهنجو وارو هيو. اسان هون ئي واڻيا ٻروچ. سو دل ٻڌي سمونڊ ۾ لهڻ لاءِ سندرو ٻڌو سين. مون ميلان کي چيو ته،“ تون پري ٿي بيهه بس، مان پاڻ ئي لائيف جيڪيٽ ٻڌان ٿو”. مون پاڻ ئي پنهنجو لائيف جيڪيٽ ٻڌي ورتو. ان کان پوءِ ڏاڪڻ جي ذريعي هيٺ لهي آيس. مون سان گڏ ميلان به هيو. ميلان کي ڪن ۾ چيم،”ميلان پارت ٿئي، مان زندگي ۾ سمونڊ سان ڪڏهن به نه ڦٽائي آ“.

ميلان وڏو ٽهڪ ڏيندي کلڻ ۾ پورو ٿي ويو. چوڻ لڳو،”سائين ڪو مسئلو ناهي، همت ڪريو“.

جڏهن مان سمونڊ ۾ لٿس ته هيٺ لهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي اندر ۽ ذهن ۾ پاڻيءَ جو جيڪو خوف ويٺل رهي ٿو، اهو ٻاهر نڪري آيو. اهو خوف مون به محسوس ڪيو هو. مون کي ائين لڳو ته مان ٻڏي ويندس. ڇو ته هڪڙو ته پير هيٺ کپي ئي نه پيو. وري مٿان ميلان به هٿ ڪڍي ڇڏيا. هن کي منهنجي وڊيو ٺاهڻي هئي، سو وڊيو ٺاهڻ جي چڪر ۾ ۽ مون کي ٻڏڻ جو خوف. ملوڪان موت اشقان شڪار. مون کي پهريون ڀيرو موت جو ڪيڏو ڊپ لڳو هو. نيٺ ٿوري دير کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته مان گهڻو وقت هيٺ نه بيهي سگهندس ۽ مان هي ڪم نه ڪري سگهندس. سو ميلان منهنجي مدد ڪندي مون کي ٻيڙي تائين وٺي آيو. مون سان ساهه جو مسئلو هون ئي آهي. پر پوءِ به آڱر ڪٽرائي شهيدن ۾ شامل ٿياسين ته مظفر کي به ريس اچي ويئي.

 هن به دير ئي نه ڪئي. مظفر جذباتي ٿي ويو هو. سو هن لائيف جيڪٽ ٻڌي اسٽيل واري ڏاڪڻ کان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جو هٿ ڏاڪڻ کان نڪري ويو ۽ هن جو پير به هيٺ اسٽيل واري ڏاڪي کان ترڪي ويو. جنهن جي ڪري مظفر زوردار چنبو ميلان کي ٺڪا ڪرايو. جيڪو لوهي شيخ کي پڪڙڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. مظفر جي جسم جو وزن هيٺ پاڻي ۾ مسئلو ڪيو پئي. ان ڪري هن هڪدم ڏاڪڻ تي جيئن تيئن ڪري، هٿ وجهي مٿي نڪري آيو. چوڻ لڳو ته،“ مان نه ڪري سگهندس”.

ان کان پوءِ پرتاب کي ايڏو مزو اچي ويو هو، جو پرتاب هڪ دفعو ٻيهر سمونڊ ۾ لهي پيو ۽ ترڻ لڳو. پرتاب هن دفعي به پري وڃڻ لڳو پر ميلان هن کي منع ڪئي ته گهڻو پري سمونڊ ۾ نڪري نه وڃو. هاڻي ته جنيد کي به مزو اچي ويو هو. سو هو به پرتاب جي ڪڍ لڳي پيو هو. ٻيڙي جي هڪڙي پاسي پرتاب ته ٻي پاسي جنيد ٻيئي سمونڊ جي خاموشي جو ناجائز فائدو وٺي رهيا هيا. اسان سڀ دوست ويٺي ٻيڙي ۾ ڦوٽا پئي ڪڍرايا. گانا پئي ٻڌا ۽ ماحول جو مزو پئي ورتو.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سمونڊ ۾ ترڻ به هڪڙي وڏي ٽيڪنڪ آهي. سمونڊ ۾ ترڻ به ڪو ايڏو سولو ڪم نه آهي، بلڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان لاءِ هڪ ته دل کپي ۽ ٻيو ڏان هجي ۽ ٽيون پاڻيءَ جو خوف بنهه نه هجي. اهو ئي ماڻهو سمونڊ ۾ تري سگهي ٿو. انگريز ان ڪري ترندا آهن جو انهن کي ننڍي هوندي کان ئي ترڻ سيکاريندا آهن. اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪا به سکيا نه آهي.

منهنجو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن توهان جي ان معاملي ۾ ڪا به مشق نه آهي ته توهان کي سمونڊ ۾ نه وهنجڻ گهرجي ۽ سمونڊ سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لائيف جيڪٽ هئڻ جي ڪري ماڻهو ٻڏڻ کان بچيو وڃي. پر تنهنجي جي باوجود سمونڊ جيڏي وشال همت کپي، سمونڊ کي ڀاڪي پائڻ جي لاءِ.

 ان سمونڊ جي سامهون هڪڙو ٻيو تمام وڏو ۽ خوبصورت ٻيٽ هيو. جنهن جا وڏا وڏا وڻ هتان ئي اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا هيا. انهن ناريل جي وڻن ۾ ايڏي ڪشش هئي. ڇا ته سونهن هئي، ان ٻيٽ ۾. ميلان ٻڌايو،”ته هي پرائيوٽ ٻيٽ آهي. هتي ڪنهن به عوامي ماڻهو کي وڃڻ جي اجازت نه آهي“.

 ماڻهن ته هتي پنهنجا ٻيٽ نه فقط بڪ ڪرائي ڇڏيا هيا پر شايد خريد به ڪري ڇڏيا هيا.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more