بدھضمي ۽ ان جو علاج

بدھضمي ۽ ان جو علاج
حڪيم نور محمد عبدالڪريم کتري سجاولي

بدھضميءَ کي طبي اصطلاح ۾ بسوئي ھضمي Dyspepsia جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آھي بدھضمي يا ته خود غذائي ناليءَ جي ڪنھن خرابي جي ڪري پيدا ٿيندي آھي يا ھن جا ٻيا سبب ٿيندا آھن.
جيئن: کائڻ پيئڻ ۾ بي اعتدالي مثلاً پيٽ ڀري کائڻ يا کاڌي مٿان کاڌو کائڻ، بي وقتي ماني کائڻ غذا کي چٽي يا ٺيڪ طرح سان چٻاڙي نه کائڻ، ڪچي يا سڙيل غذا کائڻ، نين نين دوائن کي بنا ڄاڻڻ سڃاڻڻ جي کائيندي رھڻ مان ھي نتيجو نڪري ٿو ته جسم کي اھي غذائي جزا نه ٿا پھچن، جيڪي غذائي نالي ۽ ھن جي فعل کي صحيح رکڻ لاءِ گُھربل ھوندا آھن، نظام ھضم ۾ خطرناڪ ۽ سنگين مرضن جي پيدائش جو سبب بنجن ٿا، انھيءَ کانسوا تماڪ نوشي جي گھڻائي ۽ شراب نوشي جي گھڻائي مطالعو ۽ ورزش نه ڪرڻ سان به نظامِ ھضم جي عمل ۾ خرابي ٿي پوندي آھي، تنھن کان سواءِ تيز مصالحن جو زيادھ استعمال ۽ ھڪ ئي قسم جي غذا استعمال ڪرڻ ھن مرض جي سببن ۾ شامل آھي.
ھن مرض جون علامتون يعني نشانيون مختلف مريضن ۾ ۽ پوءِ مرض جي مختلف حالتن ۾ گھڻي قدر مختلف ٿينديون آھن، ڪڏھن ھن مرض جون علامتون سُور اڄڪن يا اوڪارن ۽ الٽين سان گڏ اوچتو ئي طوفان وانگر وارد ٿينديون آھن، ڪڏھن علامتون آھستي آھستي وڌنديون آھن، کاڌو کائڻ کان پوءِ پيٽ آڦرجي پوندو آھي ۽ ڳرو معلوم ٿيندو آھي، ڪليجو ھنيون سڙندو آھي، کاڌو کائڻ کان ڪجھ وقت پوءِ معدي ۾ سُور سستي ۽ بيچينيءَ جي شڪايت ٿيندي آھي، رات جو ھر ھر اک کلي ويندي آھي، معدي ۽ آنڊن ۾ بدبودار (ھوا) ڀريل ھوندي آھي. دست ٿيندا آھن يا وري قبضي ٿيندي آھي، پراڻي بدھضمي ۾ بک گھٽجي ويندي آھي،  معدي جي سوراخ تي بار ۽ ھلڪو ھلڪو سُور رھندو آھي، خصوصن کاڌو کائڻ کان پوءِ پيٽ ۾ ھوا ڀرجي ويندي آھي.

علاج:
ھن مرض ۾ دوا جي بجاءِ غذا ڏانھن زيادھ توجھ ڏيڻ گھرجي جيڪي جلدي ھضم ٿيڻ واريون غذائون مقرر وقتن تي کائڻ ۽ چٽي طرح چٻاڙي کائڻ گھرجن، فرائي يعني تريل ۽ سڙيل غذائن کان پرھيز ڪرڻ گھرجي، مٺائي، ڪيڪ، بسڪيٽ، مربو، آچار يعني سانڌاڻو ۽ چٽڻين وغيرھ کان به پاسو ڪرڻ گھرجي شراب جي ته بلڪل ويجھو ئي نه وڃڻ گھرجي، جيڪڏھن معدو ڪمزور ھجي ۽ ڪليجو نه سڙي پر بدبودار اوڳرايون اچن ته لوڻ، تيز ۽ گرم مصالحا کاڌي ۾ استعمال ڪجن پر جيڪڏھن ھن جي برعڪس ھجن ته کاڌي ۾ لوڻ ۽ گرم مصالحه انتھائي گھٽ استعمال ڪجن، کاڌو ھر طرح جي فڪرن ۽ ڳڻتين کان آزاد سڪون ۽ تسلي سان کائڻ گھرجي، پيٽ ڀري نه کائجي پوءِ ڪجھ بک باقي ھجي کاڌي مان ھٿ ڪڍي ڇڏڻ گھرجن سنت به اھا ئي آھي.
ماني کائڻ کان اڳ ھٿن کي چڱي طرح ڌوئي صاف ڪرڻ گھرجي ۽ بنا ھٿ ٽوال وغيرھ سان اگھڻ جي ماني کائڻ شروع ڪجي پر ماني کائڻ کان اڳ بسم  الله شريف مڪمل پڙھجي، واضح رھي ته ھٿ ڌوئڻ ۽ بسم الله شريف مڪمل پڙھڻ سان رزق ۾ برڪت پوي ٿي ۽ سڀ آفتون دفع ٿين ٿيون.
انھيءَ کان سواءِ ھيٺيان نسخا پڻ ڏجن ٿا جيڪي استعمال ڪرڻ سان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.
جيڪڏھن بک نه لڳي ته (جوارش آمله) استعمال ڪجي ۽ سُور ھجي ته (جوارش ڪموني) 5 گرام جي مقدار ۾ کائڻ کان پوءِ استعمال ڪجي ۽ جيڪڏھن معدي جي ترشي ھجي (کٽيون اوڳرايون اچن) ۽ ڪليجو سڙندو ھجي ته غذا کان ٽي 3 ڪلاڪ پوءِ گلقند ٻن تولن ۾ مصطگي رومي ٻه  گرام ملائي کائڻ گھرجن، جيڪڏھن قبضي ھجي ته حب ايارج استعمال ڪجي.

بک لڳائڻ ۽ غذا کي ھضم ڪرڻ لاءِ ھي نسخو استعمال ڪجي.

نسخو:
سنڍ 6 گرام، مريون ڪاريون 12 گرام، لوڻ سيندو 12 گرام، نر ڦوٽا 12 گرام، بالڇڙ 12 گرام، ڦودنو 12 گرام، گوماندر 12 گرام، سونف 12 گرام ۽ گندڪ آنو، لاسار 24 گرام، الڳ الڳ پيھي سنھون ڪري ۽ پوءِ وري سڀئي دوائون گڏي مڪس ڪري انھن دوائن کي ليمن جي رس ۾ ڏھن ڏينھن تائين کرل ڪجي ۽ پوءِ ھڪ گرام جون گوريون ٺاھي رکجن، ھڪ کان ٻه گوريون ماني کائڻ کان پوءِ استعمال ڪرڻ گھرجن.
  

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت