ڌيان طلب - بلوچ صحبت علي



ڌيان طلب

بلوچ صحبت علي


عام شهري؛
مان
بي قصور آهيان،
بي ڏوهي آهيان،
منهنجي مٿان،


ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس ناهي؟
نه ئي
مان ڪو مفرور ملزم آهيان ،
ئي اشتهاري ڏوهاري آهيان،
مان اڪيلو ناهيان،
مون سان گڏ ،
هن ڪار ۾،
منهنجي زال،
منهنجا چار معصور ٻارڙا به آهن،
۽ اسان سان گڏ
اسان جو ڊرائيور ذيشان به آهي،
اسين دهشتگرد نه آهيون،
اسان جي نه روڪيو وڃي،
اسان جي تلاشي نه ورتي وڃي،
اسان کي نه ماريو وڃي،
پوليس؛ ٺا ٺا ٺا، ڊ ڊڊ
سڀ مري ويا، سواءِ ٽن ٻارڙن جي.....

سفيد پوش جوابدار؛
مان لٽيرو آهيان،
ملڪ جو ، قوم جو،
مون ملڪ جي بي انتها دولت لُٽي آهي،
مون تي نيپ جا ڪيئي ڪيس آهن،
منهنجي ملڪ کان ٻاهر پراپرٽي آهي،
مان اشتهاري ڏوهاري آهيان،
مون وٽ گاڏي ۾ بارو د آهي،
۽ خطرناڪ هٿيار آهن،
گاڏي ۾ مان اڪيلو آهيان،
مون کي عدالتن به معاف ڪري،
آزاد ڪري ڇڏيو،
توهان مون کي روڪيو،
منهنجي گاڏي جي تلاشي وٺو،
چيڪنگ ڪيو،
مون کي ماريو،
مون تي گوليون هلايو،
پوليس:
سيليوٽ ڪندي،
توهان وڃي سگهو ٿا،
توهان کي نه ٿا روڪي سگهون،
اسان ۾ ايتري طاقت نه آهي،
اسان بيوس آهيون،
اسان لاچار آهيون........ 


Comments

  1. زبردست سائين

    ReplyDelete
  2. محترم سائين منهنجي ريسرچ تي هڪ ڪتاب ڇپرايو آهي جنهن جو نالو آهي ( کجيء جو فصل ۽ عالمي مارڪيٽ) ان ڪتاب کي ڪينئن آن لائن ڪجي يا سنڌيانا سان شيئر ڪجي ٿوري رهنمائي ڪندا مهرباني

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت