شينجن ويزا جو طريقو
اسان جو دوست ڊاڪٽر سنتوش مل ان خيال جو هو ته
شينجن ويزا Schengen Visa وٺي يورپ جو ٽوئر ڪري
اچجي. انهن ملڪن ۾ آسٽريا، بيلجم، بلگيريا، چيڪيا
Czechia، ڪروايشا Croatia، ڊينمارڪ،
ايسٽونيا Estonia، فنلينڊ، فرانس، جرمني،
گريس(يونان)، هنگري، آئسلينڊ Iceland، اٽلي،
ليٽويا Latvia، لٿيواينيا Lithuanai، لِڪ ٽنسٽائن Liechtenstein، ليڪسم
برگ Luxemburg، مالٽا، ناروي، دي نيدرلينڊس،
پولينڊ، پورچوگال، رومانيا، سلوويڪيا، سلوينيا، اسپين، سويڊن ۽ سئزرلينڊ اچي وڃن ٿا.
هي ٽوٽل 29 ملڪ آهن. هن شينجن ويزا جون گهرجون تمام گهڻيون ۽ سخت آهن. انهن مٿين
ملڪن ۾ بلگيريا، ڪروايشا، سائيپرس (قبرص)، رومانيا ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم اهي ملڪ
يورپين رياستن ۾ اچن ٿا، اهي شينجن ۾ نه ٿا اچن ۽ اڃان تائين شينجن جو حصو نه ٿيا
آهن.
ان جو مطلب اهو آهي ته انهن ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ
جي اڏام ان کي ٻاهرين اڏام تصور ڪئي ويندي آهي ۽ اها بارڊر چيڪنگ جي ماتحت هوندي
آهي. توهان کي هر ملڪ جي ويزا آساني سان ملي سگهي ٿي بشرطيڪ توهان پنهنجن ڪاغذن
ذريعي اهو ثابت ڪيو ته توهان پاڪستان واپس ايندو. ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته
توهان جي پاسپورٽ تي ٽريول هسٽري هجي. بغير ٽريول هسٽري جي توهان کي ويزا نه ٿي
ملي سگهي. پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ملڪن جي پاليسي جي مطابق توهان جي ٽريول
هسٽري نه به هجي ته به توهان کي اهو ويزا ملي سگهي ٿو.
2024ع ۾ ڪجهه شينجن ملڪ اهڙا آهن، جيڪي ويزا ڏيڻ
لاءِ بلڪل تيار آهن ۽ انهن جو ڪم سولو ٿيل آهن. يعني اهي ملڪ آساني سان ويز ا ڏيئي
رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ ٽاپ تي چار ملڪ آهن. سڀني کان اول جرمني جو ويزا ريشو سٺو وڃي
رهيو آهي. جرمني جي ڪائونسليٽ جنرل ۾ توهان جو تمام مختصر انٽرويو ورتو وڃي ٿو.
جنهن ۾ جيڪڏهن توهان انهن کي پنهنجي ويزا جي مقصد لاءِ مطمئن ڪري وڃو ٿا ته سمجهو
توهان جو ڪم ٿي ويو. پر ٻين ملڪن جهڙوڪ فرانس وغيره جي ڪائونسليٽ ۾ توهان جا ڪاغذ
ويندا آهن. توهان جو ڪو به انٽرويو نه ٿيندو. پر جرمني واحد ملڪ آ، جيڪو توهان جو
فزيڪل انٽرويو ڪندو آ. جرمني جي ويزا جي في صرف 80 يوروآهي. في يورو euro 301.68 آهي، جيڪو پاڪستاني 24134.31 روپيا ٿين ٿا.
ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
بهرحال ڊاڪٽر سنتوش مل جو خيال هو ته جيترا پئسا ٻن
ملڪن کي گهمڻ تي خرچ ٿين ٿا، اوتري رقم ۾ ته يورپ جا ملڪ گهمي اينداسين. پر مان ان
خيال جو هئس ته منهنجي ٽريول هسٽري ايتري نه آهي، ان ڪري منهنجي شينجن ويزا شايد
نه لڳي. جنيد به ان خيال جو هو ته وقت ٿورو آهي. ان ويزا ۾ وقت لڳندو آهي. ايترو
جلدي شينجن ويزا نه ٿي لڳي سگهي.
سو دوستن اهو فيصلو ڪيو ته پاڻ کي ماليديو ۽ سري لنڪا
گهمڻ گهرجي. اسان جي سائين پروفيسر مختيار سمي صاحب جو به اهو خيال هو ته هن سانوڻي
موسم ۾ سري لنڪا ۾ رڳو برساتيون هونديون، برساتن ۾ ماڻهو هوٽل تائين محدود ٿي
ويندو ته پوءِ گهمندو ڇا؟. ازکانسواءِ هو سري لنڪا اڳ ۾ به ٻه ٽي ڀيرا گهمي آيو
آهي. پر هي اهڙا ملڪ آهن، جن کي بار بار
گهمڻ تي دل چوندي آهي ۽ هون به ڪو ملڪ ڀلا ڏهن يا ٻارنهن ڏينهن ۾ ٿورئي گهمبو آهي.
ملڪ کي گهمڻ لاءِ جيڪڏهن سڄي زندگي به ماڻهو اتي رهي گهمي ته به نه ٿو گهمي سگهي. ڊاڪٽر
سنتوش به ان خيال جو هو ته سري لنڪا هن جو به گهميل آهي، سو به ٻه ٽي دفعا. بهتر
آهي ته يورپ هلون.
ان کان پوءِ دوستن جو پروگرام ٿيو ته ڀلا پاڻ سڀ باڪو
۽ ترڪي ٿا هلون. ان تي ڪافي بحث مباحثا ٿيا. نتيجي ۾ اهو پروگرام به نه ٿيو. هن
دفعي به اڳين سال وارو ڪم ٿئي پيو. پروگرام ٺهن پيا وري ڊهن پيا. پر معاملا طئي نه
پيا ٿين. اڳي سال به اسان چار ئي دوست نڪري ويا هياسين. پر گروپ نه هليو. پروفيسر
مختيار صاحب ان خيال جو هو ته ڪنهن به ملڪ کي گهمڻ لاءِ 4 يا پنج ڏينهن ٿورا آهن.
بهتر آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ٻارنهن ڏينهن اُتي هلجي. ان ملڪ کي چڱي طرح ايڪسپلور ڪجي.
آرام سان رهجي، گهمجي، ڦرجي. جنهن تي جنيد ڏهر به راضي ٿي ويو هو. پر هاڻي وري به
ملڪن جو مسئلو اچي پيو ته ڪاٿي هلجي.
ان کان اڳ ۾ مسئلو اهو هيو ته اهو پروگرام جون
مهيني ۾ طئي ڪيو ويو. جنهن لاءِ ڊاڪٽر سنتوش راضي نه ٿيو هو. ڇو ته هن جو نواب
شاهه روڊ تي فلور مل جو ڪم هلي رهيو هو. ان ڪري هو ان ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هو. ڇو ته
اهو هن جو نئون نئون ڪم هو. مزدورن جي ديک ڀال ڪرڻ، انهن جي ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻ،
شام جو انهن کي اجرت ڏيئي روانو ڪرڻ، اهو سڄو ڪم ڊاڪٽر جي اڪيلي سر مٿان اچي ڪڙڪيو
هيو. ان کان علاوه جاني پنهنجي ننڍڙي مصطفيٰ کي ڏيکارڻ لاءِ اسلام آباد ويل هيو.
هتي موجود نه هيو ۽ هن لاءِ جون ۾ هلڻ ڏاڍو مشڪل هيو. ان ڪري هن بار بار اهو چيو
پئي ته هو جولاءِ جي ٻي هفتي ۾ هلي سگهندو. ڇو ته ڊاڪٽر ظفر، جاني جو ڀيڻوو، آمريڪا
کان جون مهيني جي آخري هفتي ۾ فيملي سان دادو اچي پيو ۽ جاني وارن وٽ ئي هن جي
رهائش جو بندوبست آهي. جاني کي هن لاءِ ٺيڪ ٺاڪ وقت ڪڍڻو هيو. ڇو ته ڊاڪٽر ڪافي
سالن کان پوءِ فيملي سان اچي پيو ۽ ان مهل جاني به نه هجي ته پوءِ ڪير هن کي وقت ڏيندو.
دادو ۾ لوڊ شيڊنگ جا مسئلا، گهر جا ڪم ڪار، انهن سڀني ڪمن ڪارن جي ذميواري جاني تي
آهي.
اعجاز سيف صاحب جو پنهنجو اسڪول آهي، هو اسڪول جي ڪمن
ڪارن ۾ وڪوڙيل آهي. ان کان پوءِ شام جو وري ڪوچنگ سينٽر. سينٽر تي به اعجاز کي ڪافي
وقت ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه اعجاز به گهر جو وڏو آهي. هن تي به ڪافي ذميواريون
عائد ٿين ٿيون. باقي ڪجهه ٻيا دوست آهن، جيڪي
Hen packed آهن، يعني زال جا ماريل،
سو انهن کي جيسيتائين اجازت نه ملندي تيسيتائين اهي گهران نڪرندا به نه آهن. بلڪ
ساهه به گهرن وارن جي اجازت سان کڻندا آهن.
سو خير هر ڪنهن جو پنهنجون مجبوريون ان مهل سامهون
اچي ويون، جڏهن پروگرام طئي ٿي ويو. واقعي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ويچارو پرائي وس ٿيو وڃي
پوءِ نه هِتان جو رهي ٿو ۽ نه ئي وري هُتان جو. سو خبرون خير ڪافي دوستن جو
پروگرام ملتوي ٿي ويو. پرتاب کي شاباش آهي جو هن برداشت ڪيو ۽ دل ۾ دوستن جي ڳالهه
نه رکي. نه ته ماڻهو جڏهن دوستن سان دوستيون نڀائڻ جي رڳو سوچي به ٿو ته به هو ڪيئن
به ڪري وقت کي ۽ شين کي مينيج به ڪري وٺي ٿو. باقي نه هلڻ جا ته سوين بهانا. مون ڪٿي
دوستي جي باري ۾ گفتگو پڙهي هئي، جيڪا توهان سان ونڊ ڪيان ٿو؛
هڪ نوجوان ڳالهايو: ”اسان کي دوستيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ! “
مصطفيٰ جواب ڏنو: توهان جو دوست توهان جي اها ضرورت
آهي، جيڪا پوري ٿي وئي هجي. اهي توهان جو فصل آهن. جنهن ۾ توهان محبت جا ٻج ڇٽيندا
آهيو ۽ شڪر ۽ تحمل سان ان جا گوشا پٽيندا آهيو. اهي ئي توهان جو دسترخوان ۽ اهي ئي
توهان جو چلهو آهن. ان ڪري جو توهان پنهنجي بک کڻي انهن ڏانهن ويندا آهيو ۽ انهن
جي ڀر ۾ امن ۽ اطمينان تلاش ڪندا آهيو.
جڏهن توهان جو دوست پنهنجي دل جي ڳالھه اوهان سان
سليندو آهي ته توهان پنهنجي دل جي ’نه‘ جي اظهار کان نه لهرائيندا آهيو، نه ئي
پنهنجي ’ها‘ کي پنهنجي نڙيءَ ۾ ئي جھلي رکندا آهيو ۽ جڏهن هن جي چپن تي خاموشي ڇانيل
هوندي آهي، ان مهل به توهان جي دل هُن جي دل جي ڳالھه ٻڌڻ کان مرحوم نه ٿيندي آهي.
انڪري جو هر دوستيءَ ۾ سڀ خواهشون، سڀ توقع ۽ سڀ
خيال لفظن جي بنا پيدا ٿيندا آهن ۽ نفس ان ۾ شامل ٿي خوشي حآصل ڪندو آهي. بي طلب!
جڏهن توهان پنهنجي دوست کان ڌار ٿيڻ لڳو ته توهان کي ڏکارو ٿيڻ نه گھرجي، انڪري جو
هن جي وجود ۾ جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ پياري آهي، ممڪن آهي هن جي جدائيءَ ۾ وڌيڪ
روشن ٿي وڃي. جيئن پهاڙ، پهاڙ ماپڻ واري کي واديءَ کان صاف نظر ايندو آهي، توهان
جي دوستي هر تمنا ۽ هر غرض کان پاڪ هئڻ گھرجي. سواءِ روح جي گھراين ۾ پيهي وڃڻ جي.
ان ڪري جيڪا محبت پنهنجي رازن تان پردو کڻڻ چاهيندي آهي، محبت ناهي، هڪ وکريل ڄار
آهي، جنهن مان لاحاصليءَ کان سواءِ ڪجھھ به حاصل نه ٿيندو آهي
توهان ۾ جيڪا سڀ کان بهتر شيءِ هجي اها دوست کي ڏيو.
جيڪڏهن هو توهان جي بحر حيات جو جذبو ڏسڻ ٿو گھري ته ان جي دوستيءَ جي تقاضا اها
آهي ته توهان ان جو سيلاب به ڏيکاريو.
ڀلا اهو به ڪو دوست هوندو جنهن کي واندڪائيءَ جون
گھڙيون گذارڻ لاءِ تلاش ڪريو. دوست کي ته هميشه ان وقت تلاش ڪرڻ گھرجي، جڏهن توهان
ان سان زندگيءَ جون گھڙيون گذاريو. ان ڪري ته دوست جو ڪم توهان جي خالي وقت جو
پورو ڪرڻ ناهي پر توهان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي.
دوستيءَ جي راحت ۾ ٽهڪن ۽ گڏيل خوشين کي سمائي ڇڏيو.
ان ڪري جو ماڪ انهن ڦڙن ۾ جيڪي ننڍين ننڍين شين تي ڪرندا آهن، دل کي پنهنجو صبح
ملندو آهي ۽ اهو تر و تازو ٿي ويندو آهي.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment