سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ – جائزو
سنڌي ٻولي – جائزو
· ايڪويهين صديءَ ۾
سنڌي ٻوليءَ جي صورت وڃي ڪهڙي بيهندي؟
· اصلي سنڌي ٻوليءَ
جو مزو، چس ۽ مزاج ماڻڻو آهي ته ڀٽائيءَ ڏانهن موٽڻو پوي ٿو.
· اڄ اسان جو شهري
نوجوان ڀٽائيءَ کي مس 20 سيڪڙو سمجهي ٿو. نئين ٽهيءَ جو اديب ڇڪي تاڻي 50 سيڪڙو ۽
پراڻي ٽهي سميت باقي ماڻهو وڌ ۾ وڌ 70 سيڪڙو.
· ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ
۾ ٻين ڪيترين ٻولين جا لفظ استعمال ڪيل آهن پر هن جي ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ٺيٽ سنڌي
آهي. ايتري تائين جو هن پاڻ سنڌيءَ تي فارسيءَ جي بالا دستي برداشت نه ڪئي.
· اڳتي هلي شاهه جو
رسالو اسان لاءِ شايد سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنتري ٿي پوي.
· اسلام آيو ته اسان
جي سنڌي عالمن سنڌي ۽ عربيءَ جي کچڻي رڌي کائڻ شروع ڪئي.
· ايران جي حاڪميت
جون حدون سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري تائين پهتيون ته سنڌي ٻولي کي فارسي زده ڪيو
ويو.
· جڏهن ڊچن،
پورچوگيزن ۽ انگريزن سالن تائين سنڌ تي راڄ ڪيو ته وري سنڌيءَ ۾ انگريزي گاڏڙ ٿي
وئي ۽ اڃا تائين صاف نه ٿي سگهي آهي.
ڀٽائيءَ جنهن ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي سا
سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڄ به ڳالهائي وڃي ٿي. ان ڪري ڀٽائي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عوام کي بيحد
ويجهو آهي، ان ڪري ڀٽائيءَ جي ٻولي متروڪ نه ٿي آهي پر اسان جي ٻولي متروڪ ٿي آهي.
ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورت وڃي
ڪهڙي بيهندي؟ ۽ ان حوالي سان ڀٽائي ڪيترو اوپري يا ڪيترو ويجهو محسوس ٿيندو؟ اچو
ته جائزو وٺون.
هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو بگاڙ ٿيو
آهي. ان سان اصلي ۽ نج سنڌي ٻولي ڏاڍي متاثر ٿي آهي، انگريزي ٻوليءَ جو استعمال وڌي
رهيو آهي، ان سان گڏ اردو ٻوليءَ جا اثر پڻ خاص ڪري سنڌ جي شهري علائقن ۾ ڪراچيءَ
جي سنڌي ٻارن تي نمايان آهن. سنڌي ٻوليءَ تي ڌارين ٻولين جون جهلون ڪا نئين ڳالهه
به ناهي.
· اسلام آيو ته اسان
جي سنڌي عالمن سنڌي ۽ عربيءَ جي کچڻي رڌي کائڻ شروع ڪئي.
· ايران جي حاڪميت
جون حدون سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري تائين پهتيون ته سنڌي ٻولي کي فارسي زده ڪيو
ويو.
· جڏهن ڊچن،
پورچوگيزن ۽ انگريزن سالن تائين سنڌ تي راڄ ڪيو ته وري سنڌيءَ ۾ انگريزي گاڏڙ ٿي
وئي ۽ اڃا تائين صاف نه ٿي سگهي آهي.
پر ڀٽائي واد ادبي استعارو (metaphor) آهي جو هن ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي شاعري ڪئي. ڊاڪٽر
سورلي چيو ته ڀٽائي جا مون کي ٻه عجب آهن. هڪ ته هن پنهنجي شاعري ان دؤر ۾ عظيم
شاعريءَ وارين ٻولين جهڙوڪ فارسي، هندي ۽ عربي ۾ نه ڪئي پر ان لاءِ هن هڪ اهڙي ٻوليءَ
جي چونڊ ڪئي، جيڪا اڃا مڪمل ٻولي به نه هئي ۽ ٻيو هن عظيم شاعري وارن موضوعن بدران
عام ماڻهن ۽ هنن جي رواجي زندگي کي موضوع ڪري کنيو.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ ۾ عربي، فارسي، هندي، بلوچي، سرائڪي، ڪڇي، گجراتي، ترڪي، پورچوگيز ۽ ڪرد ٻوليءَ
جا به اکر پڻ استعمال ڪيا ويا آهن. ”ڪارايل“ ڪردش ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ
آهي ”ڪارو نانگ“ يا ڪاريهر اهو لفظ عراق جي ڪردن واري هڪ ڳوٺ ۾ منهنجي هڪ دوست هڪ ڳوٺاڻي
کي چوندي ٻڌو ۽ جڏهن هن کي چيائين ته اهو لفظ ته سنڌي ٻوليءَ جو آهي ته هن چيو ته
نه هي ته ڪردن جي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اهڙي طرح ”طول وهاڻا، توشڪون“، واري سٽ ۾ لفظ
”توشڪ“ جي ترڪي ٻولي ۾ معنيٰ آهي هنڌ يا بسترو. ”رات لڌم سُهنو، کٿيءَ ۾ خاصو“ ان
سٽ ۾ لفظ ”سُهنو“ پورچوگيز ٻولي جو لفظ
(Sohno) آهي.
سو ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ٻين ڪيترين ٻولين
جا لفظ استعمال ڪيل آهن پر هن جي ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ٺيٽ سنڌي آهي. ايتري تائين
جو هن پاڻ سنڌيءَ تي فارسيءَ جي بالا دستي برداشت نه ڪئي ۽ چيو ته:
جي تو سکيو
فارسي، گولو توءِ غلام.
هونئن ڀٽائي پاڻ خاص ڪري عربي ۽ فارسي ٻولين
تي ته ايتري مهارت رکندو هو، جو انهن ٻولين جي اسمن مان سنڌيءَ جون صفتون ۽ فعل پڻ
ٺاهي سگهندو هو.
مون کي ڏنءُ ڏيئي،
وڃي ڍوليو ڍٽ قرارئو.
هتي ”قرار“ اسم مان سنڌي فعل ”قرارئو“ ٺاهي
ورتائين ــ اهڙي طرح ”حسن“ اسم مان ”حسناڪ“ صفت ٺاهي سنڌي گرامر ۾ اضافو ڪيائين.
ان ڪري اصلي سنڌي ٻوليءَ جو مزو، چس ۽
مزاج ماڻڻو آهي ته ڀٽائيءَ ڏانهن موٽڻو پوي ٿو. اها اڃ ڪيترين حالتن ۾ جديد سنڌي
شاعري به نه ٿي لاهي، ان جو هڪڙو اهو به ڪارڻ آهي ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي
سڀني جاگرافيائي ۽ ثقافتي علائقن جي ٻولين ۽ لهجن جي لئه موجود آهي. ان ڪري مون کي
محسوس ٿئي ٿو ته جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو تيئن تيئن اصلي، خالص ۽ ٺيٺ سنڌيءَ جو
مزو وٺڻ لاءِ اسان کي رسالو کولڻو پوندو. ۽ خاص ڪري ايڪويهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن
شهري سنڌي ٻار وڏا ٿيندا ۽ جديد سنڌي ڳالهائيندا ته انهن جا والدين پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون
وجهي ڇڏيندا ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي جماليات جي چس وٺڻ لاءِ شاهه جو رسالو کولي
ويهندا.
اڄ اسان جو شهري نوجوان ڀٽائيءَ کي مس
20 سيڪڙو سمجهي ٿو. نئين ٽهيءَ جو اديب ڇڪي تاڻي 50 سيڪڙو ۽ پراڻي ٽهي سميت باقي
ماڻهو وڌ ۾ وڌ 70 سيڪڙو.
هڪ دفعي هندستان جو هڪ هندو سنڌي ليکڪ
سوڀي گيانچنداڻي کي چيو: ”سوڀا منهنجي پوٽي هڪ ڏينهن مون کي ڪنَ ۾ اچي چيو ته ڏاڏا!
تون ۽ ڏاڏي پاڻ ڪهڙي ٻولي ٿا ڳالهايو؟“
سو اها منهنجي سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته
ايڪويهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڀٽائيءَ جي ادبي اهميت اڃا به وڌي
ويندي. ايندڙ صديءَ جي آخر ۾ شاهه جو رسالو اسان لاءِ شايد سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنتري
ٿي پوي. ڇاڪاڻ ته جنهن رفتار سان اسان پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿيندا پيا وڃون، ته اڳتي
هلي ٺيٺ سنڌي رڳو اسان کي ڀٽائيءَ وٽ ملندي.
ڪجهه جاکوڙي ليکڪن سان گڏ ٿوري گهڻي سنڌ
جيڪا مون گهمي ڏٺي آهي ان مان مون کي معلوم ٿيو ته هن وقت به سنڌ جي اڪثر عوام کي ڀٽائي
ياد آهي ۽ هن جو ڪلام روزاني زندگي ۾ ورجائين ٿا. ان جو ڪارڻ سنڌ جون ٻهراڙيون
آهن. جتي سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر ۽ سنڌي روايتون اڃا زنده آهن. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو
ماڻهو ڀلي هو جبل ۾ رهندو هجي، هن کي ڀٽائيءَ جو ڪجهه نه ڪجهه ڪلام ضرور ياد
هوندو. بدين ۽ لاڙ ۾ ته ڀٽائيءَ جا جيئرا جاڳندا حافظ ويٺا آهن. خاناڻي جت ۽ ڪي ٻيا
اهڙا قبيلا آهن جي زالين مڙسين ڀٽائيءَ جو ڪلام قرآن جي حافظن جيان ياد ڪن ٿا ۽ پڙهن
ٿا.
بدين ۾ هڪ دفعي ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جا
مهمان ٿي وياسي، ميزبان اسان لاءِ نيرن مڇيءَ سان تيار ڪرائي هئي. اڳتي سفر لاءِ
رواني ٿيڻ جي جلدي هئي. اسان ميزبان کي چيو ته اسان جي هڪڙي حسرت پوري نه ٿي سگهي،
جو بدين جي ڪنهن جت کان ڀٽائي ٻڌون ها. هن هڪدم پنهنجي هڪ همراهه کي رڙ ڪئي ته اڙي
ٻاهر ڏس بازار ۾ ڪو جت هجي ته وٺي اچينس.
اڃا ماني ئي ڪانه آئي ته جت ذات جو هڪ
همراهه اچي نڪتو. ويهندي چيائين: ”سائين ڇا ٻڌندئو؟“، ”سسئي داستان جا اهي بيت جن
۾ بلوچي ٻوليءَ جا لفظ ۽ جملا استعمال ٿيل آهن.“ ...
۽ پوءِ بدين جو جت شروع ٿي ويو ...
ايتري ۾ ماني به اچي وئي جا اسان کائڻ به شروع ڪئي ۽ بيت ٻه ٻڌندا رهياسين. ماني
ايڏي لذيذ هئي جو هٿ ڪڍڻ واڪ ئي نه پيو ٿئي. پر اڳتي جي سفر واري اوسيئڙي اٿاري وڌو
... پر جت اڃا ڀٽائي جا اهي بيت ختم نه ڪيا هئا، جن ۾ بلوچي ٻوليءَ جا لفظ ۽ جملا
استعمال ٿيل آهن.
چون ٿا ته اهي جت پنهنجن ٻارن کي
پهريائين شاهه جو رسالو ياد ڪرائيندا آهن ۽ ان کان پوءِ ئي ڪنهن ٻئي ڌنڌي سان کين
لڳائيندا آهن. سنڌ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به سمجهن ٿا، جيڪي مماتيءَ وقت ماڻهو جي مڙهه مٿان
رڳو ڀٽائيءَ جا بيت پڙهن ٿا.
ٿر ۾ ماڻهو ڀٽائيءَ جي بيتن سان هڪ راند
کيڏندا آهن. جنهن سان سڀ اشارا ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ هوندا آهن. اها سڄي راند ڀٽائيءَ
جي بيتن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ اردو واري ڳجهارت يا سنڌي واري ڪسوٽي سان ملندڙ آهي.
ٿر جو الهداد جهنجي جنهن پنهنجي
يادگيريءَ سان ڀٽائي جو رسالو ڇپرايو آهي، تنهن اسان کي ٿر جي هڪ دوري دوران اها
راند کيڏي ڏيکاري. هن ميز تي هڪ ڪپڙو وڇايو جنهن تي چورس خانا ليڪيل هئا، جن جو
تعداد 20 هو. هن پنهنجي هڪ ڇوڪري کي چيو ته تون پري ڪٿي وڃي لڪ. پوءِ هن اسان کي
چيو ته اوهان مان ڪو هڪ همراهه اڳتي اچي هنن خانن مان ڪنهن به هڪ خاني تي آڱر رکي.
اسان ائين ڪيو ۽ پوءِ لڪل ڇوڪر کي پاڻ وٽ گهرائي ميز آڏو بيهاريو. ڇوڪر جي تيز
اکين ميز تي وڇايل ڪپڙي تي ليڪيل خانن مان ان خاني جي تلاش شروع ڪري ڏني، جنهن تي ڪنهن
ماڻهوءَ پنهنجي آڱر رکي هئي. ايتري ۾ جهنجهي، ڀٽائيءَ جا بيت پڙهڻ شروع ڪيا. بيت
هو بنا اسٽاپ پڙهي رهيو هو ۽ انهن بيتن ۾ ڇوڪر کي گهربل اشارا ڏئي رهيو هو ۽ ٿيو
به ائين ته ڏهن يا ٻارنهن بيتن کان پوءِ ڇوڪر برابر انهيءَ خاني تي هٿ رکيو، جنهن
تي ڪنهن مهمان آڱر رکي هئي.
Comments
Post a Comment