هوشو شيديءَ جي آخري شام - امر جليل
هوشو شيديءَ
جي آخري شام
امر جليل
جيجل منهنجي ماءُ
ڏسين ٿي –
هوشو منهنجو ڀاءُ
تنهنجي خاطر جنهن ڪيا
هيڻا پنهنجا حال،
جسم جنهن جو
پرزا پرزا –
گهائل جنهنجو ساهه،
اڄ اڪيلو بيٺو آهي
چچريل جنهن جو ماهه،
ڪير نه ڀلندو همت جنهنجي
ڪير نه جنهن جو چاهه.
پوءِ ائين ئي ٿيو –
ته سج حيدرآباد جي منگهن کان منهن موڙيو
۽ سنڌين جي شڪست تي خون جا لڙڪ لاڙيندو، آسمان کي رت سان رڱيندو، ڪنهن اوڙاهه ۾
اجهامندو ويو، لڙندو ويو، لهندو ويو، ڪرندو ويو.
سنڌ جي سپوتن مٺڙي ماءُ جي سيني ۾ سازش
۽ غداريءَ جون بڙڇيون هنيون – ڀالا هنيا،
نيزا هڻي خنجر هنيا. سنڌ جو سينو درد و غم ۾ جهرندو ويو. اٻاٽجي ويو، سڪندو
ويو، سنڌ جي سڪل گود کي آلو ڪرڻ لاءِ سرڪش سنڌين مياڻيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي خون جو
ٻليدان ڏنو.
شام جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾.
بارود جو دونهو،
۽ گهوڙن جي سنبن سان اڏايل دز تحليل ٿيل.
ماحول ۾ نه گولن جي دل ڏاڙيندڙ ڌماڪن جو
آواز هو ۽ نه ئي زخمي گهوڙن جي هڻڪار.
هر طرف انڌڪار
مسلسل ماٺ، خاموشي
۽ نه للڪار.
جن تلوارن جي جيت ٿي، سي مياڻن ۾ موٽي
ويون. جن جي هار ٿي، سي مٽيءَ ۾ منتشر ٿي ويون. تيرن جا ترڪش خالي. بندوقون بارود
بنا بيڪار. زخمين جا جسم ۽ شهيدن جا لاش مٽيءَ ۾ لٿڙيل.
هيبتناڪ ماحول ۾ موت جا پاڇا انساني
زندگين جي ورڇ ۾ ۽ ترڇ ۾، نچندا رهيا، ٽپندا رهيا، ڪڏندا رهياـ
۽ اچانڪ آفتن جا گود مان،
هڪ قداور ۽ بهادر
زخمي ۽ گهائل سورمو،
بيٺو اٿي
عشق وطن جي بود مان.
سڄو جسم رت جي کونڀي ۾ رڱيل هئس. وارن
کان پيرن تائين عضوو عضوو چچرجي چور ٿي چڪو هئس. پر تڏهن به، دل ۾ پنهنجي ديس جي
حب جي مشعل کڻي، چاهت جا چراغ کڻي، اڪيلي سر اٿي بيٺو جنگ جي ميدان ۾.
زخم اکلي پيس. تڪليف جي احساس ۾ سيسڙاٽ
نڪتس. اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پنبڻين ۾ خون جي جهالر اٽڪي پيس. اوچتو، درد
جي شدت ۾ سڄي ڪائنات هن جي نگاهن ۾ متزلزل ٿي، ڀرندي وئي، ٻئي گوڏا ڌرتيءَ تي کوڙي
ڇڏيائين. سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي ٻيهر اٿي بيٺوـ
زخمن مان وهي نڪتس خون جي ڌارا
جسم ۾ چڀندا رهيس ايذاءَ جا آرا
پر ٻڙڪ نه نڪتس چپڙن مان
ظلم سٺا هن سارا
ڏٺائين، ميدان جي پرئين پاسي دشمن جي
فاتح فوج. سنڌ جي هوائن ۾ فرنگين جو رنگا رنگي جهنڊو ڦڙڪندي ڏٺائين. ڏسندي ڏسندي،
سندس وجود مان حقارت ڦٽي نڪتي، چوٽن جي چهڪ ۽ ضربن جا وَڍ وساري ڇڏيائين. دشمن ڏانهن
وکِ وڌائڻ چاهيائين، پر وڌائي نه سگهيو.
سندس سيني ۾،
جولا جلندي رهي
نهائين دکندي رهي
وڙهڻ ۽ لڙڻ جي تمنا تڙپندي رهي.
اڪيلي سر، جتي سندس سمورا ساٿي ڇڏي،
پنهنجي جندڙي قربان ڪري شهيد ٿي چڪا هئا، هن دشمن کي للڪاريو، پڪاريو.
انگريز سپاهين ميدان ۾ گهائلن ۽ لاشن جي
انبار درميان، هڪ قداور جوان کي بيٺل ڏٺو. رڳ رڳ مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هئس. هو
سندن شڪل سڃاڻي نه سگهيا، پر سندس قد بت ڏسي پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳاـ
"He
who stands among the dead there,
Is the one who, can dare
To fight alone for his mother
land"
سندس گجگوڙ ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ـ ته،
”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.“ ڪئپٽن رچرڊس چيو ـ
He is Hoshoo, the giant
ها، هو هوشو شيدي هو، سنڌ جو سٻاجهو
سپوت هو، وطن جي لڄ ۽ سنڌڙيءَ جو شان هو، شجاعت جي جان هو. زندگيءَ جي شام ۾ هو اڪيلو
هو، تنها هو، ساهه ماهه کان ڌار ٿي رهيو هئس، پر تڏهن به، چيريل جسم کي سڌو ڪري، وڍيل
ڪٽيل ٻانهن سان ڪهاڙي کڻي بيٺو،
ڪئپٽن چيو ـ
Ruthlessly he fights
He has killed our knights.
Now, some one kills him right.
پر ڪنهن به گوري سپاهيءَ هوشو کي مارڻ
جي حامي نه ڀري. جنگ جي دوران سڀني فرنگين سندس بي پناهه قوت ڏٺي هئي. وطن لاءِ
سندس محبت ڏٺي هئي. سڀني سندس ڪهاڙيءَ جا ڪڙڪاٽ ۽ تلوار جا تجلا ڏٺا هئا.
ڪئپٽن جي اکين ۾ بدلي جو خون لهي آيو،
هن هڪ سپاهيءَ کي ساڻ ڪيو ۽ ميدان ۾ ڪاهي پيو،
سنڌ جي سيني کي قدمن سان ڪٽيندو،
ڇتي ڪتي وانگر ڀونڪندو
هٿ ۾ نيزي کي نچائيندو، وڌندو رهيو
نيٺ اچي هوشوءَ جي آڏو بيٺو،
هوشوءَ چاڪ گريبان جي ڪنڊ سان، پنهنجي
پنبڻين تان رت جا ڄميل تهه اگهي، پنهنجي دشمن ڏانهن نهاريو. سپاهي مياڻ مان تلوار ڪڍي
ڏانهس وڌي آيو. هوشوءَ جي ٻانهن ڪلهي کان ڪپجي، مشڪن ۾ لٽڪي رهي هئي. ڪهاڙي کاٻي هٿ
۾ قابو ڪري، رهيل سهيل طاقت ميڙي، وڄ وانگر سپاهيءَ کي سيني تي ڪهاڙي اڇلائي
هنيائين. گورو سپاهي رڙ ڪرڻ بنا ڦهڪو ڪري ڪِري پيو، ڪئپٽن بنا دير، اک ڇنڀ ۾ ڀالو
هوشوءَ جي ڇاتيءَ مان پار ڪري ڇڏيو.
ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو، پٺيءَ
کان وڃي نڪتو. هوشوءَ جي وات مان ساڳي سدا بلند ٿي ـ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.“
کاٻي مٺ ڀالي ۾ وجهي، سٽ ڏيئي سيني مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. خون جو ڦوهارو شرڙاٽ ڪري
وهي نڪتس.
رت جي ريلن کي ڏسي،
نيا گرا جو آبشار
ترسي پيو،
سنڌونديءَ جو وهڪرو
رڪجي ويو،
کيرٿر جون سر بلند چوٽيون
جهڪنديون ويون.
هوشو ٿڙندو ٿاٻڙندو پوئتي ڌڪجي ويو ۽
پوءِ آهستي آهستي ڌرتيءَ تي ويهندو ويو. هن پنهنجا رت آلود چپ سنڌ جي مٽيءَ سان
پيوست ڪندي چيو ـ
”منهنجي مٺڙي ماءُ
منهنجي جيجل ماءُ،
تنهن جي مٿان جڏهن ڀي
ظلم ٿيندا
ستم ٿيندا
مان تنهنجي آن تان
مان تنهنجي شان تان،
سر صدقي ڪري، ٻليدان ڏيندس.
هر دور ۾
هر دور جي طوفان ۾
ڏيندو رهندس پنهنجي جان.“
جنهن وقت ڪائنات مڪمل اونده ۾ جذب ٿي
رهي هئي، تنهن وقت هوشوءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ۽ جيجل ماءُ جي هنج ۾
سمهي پيو .
Comments
Post a Comment