مولانا عبدالغفور قاسمي - حافظ محمد شريف ڀٽي نوابشاهه


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

----------------------
حافظ محمد شريف ڀٽي
نوابشاهه
----------------------
شيخ الحديث سائين عبدالغفور قاسمي رحه
جو وڇوڙو ..

اڀرندي پرين جي نه پسنديون
جاني جدا ٿي وئين ٻٽا پائي بَک گهوريان
توتان لک جي موٽي پوين مٺڙا

هي ڪائنات جيڪا فنا جي مٺ  ۾ بند آهي، اها پنهنجي رفتار سان اصلي ماڳ ڏانهن سفر ۾ مصروف آهي. هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي، بقا فقط رب جي ذات کي آهي. انبياء ڪرام به موت کان آزاد نه آهن. موت اٽل حقيقت آهي.
 اللھ یتوفی  الانفس حین موتھا
الله ئي آهي جيڪو اسان جي روحن کي قبضي ۾ ڪري ٿو


زندگي جو مقصد آهي هارڻ موت جو مقصد آهي کٽڻ پر سنڌو ماٿري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڪي شخصيتون اهڙيون آهن. جيڪي موت کي مات ڏئي هميشه ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهيا آهن. 20 محرم الحرام جو منهنجي موبائيل ۾ ميسيج جي گهنٽي وڳي جڏهن موبائيل کوليم ته موبائيل جي اسڪرين ۾ برادر محترم مولوي نياز الله مستوئي جا هي لفظ تحرير ٿيل هئا؛ سائين عبدالغفور قاسمي دار البقاء جا پانڌيئڙا ٿي چڪا آهن. پڙهيم ته خشڪ اکين جا ڪنارا ڪجهه ساعتن لاءِ آلا ٿي ويا. ڏڪندڙ هٿن سان انا للہ وانا الیہ راجعون
معنيٰ خيز آيت ٽائيپ ڪري اکين کي صاف ڪيم.
سائين عبدالغفور قاسمي علماءِ جي صف جا اهڙا عالم هئا، جيڪي سادگي جا مجسما، شيخ الحديث، علم جا پروانه منطقي، جامع فهم رکندڙ، فلسفي جي وصف کان آشنا ۽ ختم نبوت جا پروانا هئا. جن وک وک تي ختم نبوت جي حفاظت ڪري حضور اَنور ﷺ  جن جي عظمت جو ترانو ڳايو مون کي ياد آهي، ڪنڊ ۾ اوٻاسيون ڏيڻ ۾ مصروف هئس ته اچانڪ اسٽيج تي هڪ هجوم کي ايندو ڏٺم. سفيد ڏاڙهي ۽ سفيد لباس ڳاڙهي رومال جو پٽڪو شاگردن جي سهاري اسٽيج تي رونق افروز ٿيڻ واري شخصيت ٻي نه پر سنڌ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت سائين قاسميءَ صاحب جن جي هئي سائين کي ڏسندي ئي منهنجي ذهن تي هي سٽون تري آيون.
ڪڏهن ڪڏهن مون سوچيو آهي مان آهيان سا لاٽ
ٻُجهي ٻجهي جا ٻرندي آهه کٽي نه جيسن واٽ

ڪجهه لمحن کان پوءِ سائين پنهنجي تقرير شروع ڪئي، مختصر خطبو، منفرد آواز سان سندس جملن ۾ ايترو تسلسل ڄڻ سمنڊ جون لهرون، ماکي جهڙي مٺاس موتئي جي مهڪار سان ختم نبوت تي ڳالهائيندي فرمائڻ لڳا. سندس تقرير جا پڙاڏا سڄي سنڌ ۾ گونجڻ لڳا . ان لمحي جرئت مندانه بيان ٻڌي منهنجي سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهي ويو. ڪيتريون ئي شخصيتون، سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙ سندس مداح هوندا هئا. وٽس ايترو علم هو جو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل وٽ يڪسان مقبول هو. سندس گفتگو ۾ اهڙو ڪو اثر هوندو هو. جو ٻڌندڙ مجال آهي. جو بور ٿئي. جهڙي به موضوع تي ڳالهائيندا هئا. ته اها ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ اچانڪ مسڪراهٽ جو گل نڇاور ڪري سامعين جي چپن تي مرڪ وکيري ڇڏيندا هئا ٻڌندڙ اها آس ڪندو هو. جيڪر سائين جن پنهنجي تقرير جاري رکن ۽ اسان علم جي ڪڪرن مان وسندڙ بوندن ۾ پسندا رهون جيئن ٿري ماڻهو بارش جي بوند کان پوءِ آس ڪندا آهن. ته بارش جو سلسلو جاري رهي ۽ سڪايل ٿر سر سبز ٿيندو رهي ٿو جڏهن به نوابشاهه ۾ ڪنهن جلسي ۾ ايندا هئا ته مون سميت ڪيترائي عقيدتمند پنهنجي معمولات کي پاسيرو ڪري جلسي گاهه جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ اچي ويهندا هئا.
تقرير جي اختتام تي آئون هجوم جي پيڙه مان پيڙهجي سندس ٻاجهارن هٿن سان مصافحو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هئس.
اڄ مون سان مليا ماءِ جنين پسيو پرين کي
تنين سندي ڪاءَ ڪري نه سگهان ڳالهڙي

ڄڻ منهنجي تڙپندڙ روح کي راحت ملي وئي هجي.سائين جي علم، فهم مان ڪيترائي اڃايل چپ سيراپ ٿيا. جيتوڻيڪ سائين علم جي پينگهي کي لوڏڻ ۾ مصروف هوندا هئا. پر ان مصروفيت جي باوجود سائين جن جو سياسي شعور به ڪنهن کان ڳجهو نه هو. ڪا تحريڪ هجي يا مظاهرو يا احتجاج، آئين شريعت متعلق يا شريعت بل جي مخالف يا وري سنڌ جي وحدت جو سوال هجي يا ڪالا باغ ڊيم اشو ــ سائين قاسمي صاحب هر مورچي جا سپهه سالار هوندا هئا. پر هاڻي سنڌ ڌرتي تان علم ادب جو هڪ روشن ڏيئو اجهامي چڪو آهي. جنهن سنڌ سونهاري کيس جنم ڏنو هو. ان وري پنهنجي امانت کي پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو آهي.
اڄ جمعيت جا دفتر جمعي جا منبر، مڪتب جي اها ڪنڊ سوڳوار آهي جنهن جاءِ تان سائين پنهنجي علم جي پورهئي جو سوجهرو ونڊيندو هو. ڪتاب پڻ آداس آهن فضا به سوڳ ۾ آهي. شل ڌڻي تعاليٰ اسان کي سائين جو متبادل عطا ڪري کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. (آمين)

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت