سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
بورڊنگ جو سلسلو هلي رهيو هو. هن وقت هتي ايئرپورٽ
تي 12 لڳي45 منٽ ٿيا آهن. جڏهن ته پاڪستاني ٽائيم موجب هتي منجهند جا 12 لڳي 15 منٽ
ٿيا آهن. سري لنڪا اسان کان اڌ ڪلاڪ اڳتي آهي. سري لنڪا ۽ انڊيا جو وقت ساڳيو ئي
آهي. انهن ٻنهي ملڪن جي ٽائيم ۾ ڪو به فرق ڪونهي ڪو. جڏهن ته مالديپ ۽ اسان جي ملڪ
۾ ٽائيم جو ڪو به فرق نه آهي.
اسان هاڻي بورڊنگ واري مرحلي مان گذري سري لنڪن
جهاز ۾ UL-115 مالديپ روانگي لاءِ ويٺا
آهيون. هن جهاز ۾ ته تمام گهٽ ماڻهو هيا. اسان کي تقريبن جهاز خالي لڳو. جنهن کي
جتي آيو پنهنجون سيٽون ڇڏي اتي وڃي دريءَ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. اسان کي مالي Male (MLE) ايئرپورٽ تي لهڻ جو وقت 2 لڳي 25 منٽ ٻڌايو ويو هو.
جڏهن ته هتان هي جهاز ڏيڍ وڳي نڪتو هو. هي ڪلاڪ کن جو سفر هو. جيڪو مزيدار هيو.
اميگريشن وارن اسان جي پرتاب جي ساٿين دي ٽيچرز وارن کي روڪي وڌو هيو ۽ انهن کي پاڻ
وٽ حبس بيجا ۾ رکي ڇڏيو هو. ان جي بدلي ۾ پرتاب کي رسيد ڏنائون ته واپسي مهل
پنهنجن مهمانن کي هتان کان پاڻ سان وٺي وڃجو. ڇو ته مالديپ ۾ سوم رس جي اجازت نه
آهي.
مالي ايئرپورٽ ڏاڍو خوبصورت آهي. ايئرپورٽ کان نڪرڻ
مهل اسان کي گهڻي ڏکيائي نه ٿي هئي، ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ جنيد جو ايجنٽ نالي محمد
احمد (ٽوئر گائيڊ) جنيد جي نالي جو پوسٽر کنيو بيٺو هو، هو اسان سان اچي گڏيو. اچڻ
سان ئي هن جلدبازي ڪندي چيو ته،”جلدي ڪريو، تڪڙ ڪيو، فيري نڪري ويندي“. اتي ئي هن
مني ايڪسچينج واري ڪائونٽر ڏي اشارو ڪندي چيو ته،“جنهن دوست کي مالديوين روفيا کپن
ته هتان ئي وٺي ڇڏي”. سو ان همراهه جي چوڻ تي اتان ئي ڊالر مٽاياسين ۽ اتان
مالديپي ”روفيا“ ورتاسين. هڪڙو مالديپي روفيو اسان کي 16 روپين جو مليو. جڏهن ته
ان جو اهو اگهه مناسب نه مليو هو ۽ ٻاهر هن جو اگهه مٿي هيو.
اسان تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجا بيگ گهليندا، ايئرپورٽ کان ٻاهر
نڪري اچي منهوڙي وٽ بيٺاسين. هرطرف فاسٽ بوٽس (تيز رفتار ٻيڙيون) ۽ بتيلا پئي نظر
آيا. اتي پهچندي همراهه چيو ته،”توهان دير ڪئي آهي. فيري نڪري ويئي آهي“.
جڏهن ته جيڪا ڦيري بُڪ ٿيل هجي، ان جي نڪري وڃڻ جو
سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. پر شايد اها بوڪ ٿيل نه هئي. يا وري ٻيو سبب به ٿي سگهي ٿو.
هتي سرڪاري فيريون به هيون ته پرائيوٽ ماڻهن جون به، هوٽلن جون به ٻيڙيون هيون.
خير اسان اتي پئي چڪر ڪاٽياسين. اهو همراهه به ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي پئي ڦريو.
مون کي ته پهرئين نظر ۾ ئي جڳاڙي لڳو. مون کي بعد ۾ خبر پئي جنهن فيري جو هو چوي ٿو
ته اُھا نڪري ويئي سا سرڪاري فيري هئي، ان جو ٽائيم مقرر هيو. بوڪ ٿيل ڪا به فيري
نه هئي. سو ان سرڪاري ڦيري جو ڪرايو بنسبت ٻين ٻيڙين کان ٻيٽ تائين يا پنهنجي منزل
تائين پهچڻ جو الڳ ٿلڳ ڪرايو هيو، جيڪو سستو هيو. سو اهو ته تڪ نه پيو ٺهي ته فيري
نڪري ويئي.
ٿوري دير ۾ مون ڏٺو ته هن سمونڊ ڪناري، مظفر سوچن ۾
گم ٿي ويو هو ۽ هن کي شايد پنهنجي ازلي اڃ اجهائڻ جي ڳڻتي هئي ۽ هو ان سوچ ۾ ٻڏل
هيو ته،“يار هتي ته سڃ ئي سڃ آهي. هيڏو سامونڊي پاڻي هوندي به ۽ سمونڊ جي ڪناري تي
بيٺل هوندي به پاڻ پاڻي لاءِ پياسا آهيون ۽ اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو. وڏا ڪي ظالم
آهن. هيترا ڏينهن هتي ڪيئن رهنداسين“.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment