المسعودي


مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي





المسعودي

ابو الحسن علي بن حسين المسعودي نائين صدي جي پڇاڙي ۾ بغداد ۾ ڄائو. 957ع ۾ سندس وفات قاھرھ ۾ ٿي. ھو ھڪ سياح ھو. پنھنجي تصنيفن جي ذريعي ھن جاگرافي ۽ تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو. 915ع ڌاران ھو اڃان جوان ھو، اڳ ۾ايران جو سفر ڪيو. ھڪ سال کان پوءِ بغداد موٽيو. 916ع ۾ ھندستان آيو. ھو ملتان ۽ ان وقت سنڌ جي دارالحڪومت منصورھ اچي پوءِ وري ايران ھليو ويو. 918ع ۾ وري ھندستان جي صوبي گجرات جي بندرگاھ چمور ۾ آيو. جتي ان وقت ڏھ ھزار عرب مسلمان آباد ھئا. گجرات کان ھو دکن ۽ سري لنڪا کان ٿيندو انڊونيشيا پھتو. جتان وري ھو چين جي سفر تي نڪتو. چين کان واپسي وقت ھو مڊغاسڪر ۽ انجبار کان ٿيندو بصرھ آيو ۽ ڪافي وقت بصري ۾ رھي پيو. بصري کان شام آيو. اتي ڪجھ عرصو رھڻ کان پوءِ قاھرھ ھليو ويو. زندگي جا باقي ڏينھن اتي گذاريا.

بصري ۾ رھڻ وقت مسعودي پنھنجو جڳ مشھور ڪتاب (مروھ الذھب) مڪمل ڪيو. ھن ڪتاب ۾ ھن مختلف قومن، ملڪن ۽ اتان جي اب ھوا بابت پنھنجا تجربا دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيا، پيرس ۾ ھن ڪتاب جو فرانسيسي ترجمو 1865ع ۾ ڇپيو. جيڪو 9 جلدن ۾ آھي. (فلپ ڪي ھٽي) ھن ڪتاب بابت لکي ٿو جاگرافي ۽ تاريخ جي ھن انسائيڪلو پيڊيا ۾ مصنف پنھنجي وسيع نظري ۽ سائنسي تحقيقي صلاحيت جو ثبوت ڏنو آھي.)

قاھرھ ۾ رھڻ دوران ھن پنھنجو ٻيو تفصيلي ڪتاب (مروج الزمان) مڪمل ڪيو. جيڪو ٽيھن جلدن تي آھي. ان ۾ مسعودي انھن ملڪن جي جاگرافي تاريخ ۽ معاشرتي حالتون لکيون، جتي جتي ھو ويو ھو. ھن جي ھڪ ٻي تصنيف (ڪتاب الاوسط آھي. جنھن ۾ تاريخ وار ھن تاريخي واقعا بيان ڪيا. پنھنجين ٻين تصنيفن ۾ مسعودي زلزلي جا سبب ٻڌايا. بحرمردار يا ٻئي طبقات الارض جي مسئلن تي به بحث ڪيو سڀ کان اھم سندس علمي خدمت ھي آھي ته تاريخي واقعن جو تنقيدي مطالعو ڪري تاريخ نويسي ۾ ھڪ نئين اسلوب جي ابتدا ڪئي ۽ قومن جي عروج ۽ زوال جي سببن تي به بحث ڪيو. جنھن کان پوءِ تاريخي نويسن ڪافي لاڀ پرايو. آخرڪار ابن خلدون ان کي ترقي ڏئي ھڪ باضابطه سائنسي صورت ڏني.




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت