دولت، ناموس ۽ هڪ ڪنوارو امر جليل
دولت، ناموس ۽ هڪ
ڪنوارو
امر جليل
مان ڪنوارو آهيان.
پر جڏهن کان پنجوهين سالگرهه ملهائي اٿم، تڏهن کان منهنجو ڪنوارپڻو سڀني کي ککڻ لڳو آهي.
بابا صبح جو سڏ ڪندي چيو؛
”مون
کي سيٺ نورو ڀائيءَ جي ڇوڪري پسند آهي.“ ان کان اڳ جو مان ڪجهه جواب ڏيان، امان
پريان ئي رڙ ڪئي:
”شرم
نٿو اچيو، هن عمر ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪيو؟“
”تون
وچ ۾ بڪ بڪ نه ڪر. پنهنجو ڪم ڪر.“
”مان
بڪ بڪ ٿي ڪيان؟“
”توکي
ٽي هزار ٽي سئو دفعا چيو اٿم ته بزنس جي معاملي ۾ نه ڳالهائيندي ڪر.“
امان جواب نه ڏنو ۽ نرم ڪشن جي صوفا سيٽ تي ڌڙام ڪري ويهي رهي. منهنجي
ماءُ هن شهر جي مشهور هستي آهي. ڪيترن ئي جماعتن جي سرگرم رڪن آهي ۽ عورتن جي ترقي
پسند جماعت
L.P.A جي جنرل سيڪريٽري آهي. الاءِ ڪيئن بابا جي ڇڙٻ سهي
ويئي. ڪوچ تي پاسا پي بدلايائين. سندس رخ مان ظاهر هو ته هوءَ جلد ڪنهن فيصلي تي
پهچي. بک هڙتال جو اعلان ڪندي.
بابا چيو: ”ڇوڪري مون کي پسند آهي. اهڙو سڱ سالن ۾ هڪ دفعو ملندو آهي.
تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“
”توهان
بزرگ آهيو.“
”شاباس.
فرمانبردار اولاد هجي ته اهڙي.“
”مان
توهان جو ۽ توهان جي فيصلي جو احترام ڪندو آهيان“
”شاباس.
سيٺ نورو ڀائيءَ جي ڌيءَ تو به ته ڏٺي هوندي؟“
”ها.
اڪثر ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ کيس ڏٺو اٿم.“
”ڪيئن
آهي؟“
”توهان
کي پسند آهي، ته سمجهو مون کي به پسند آهي.“
”شاباس.
نورو ڀائي شاديءَ ۾ ڌيءَ کي هڪ لک رپيا روڪ، هڪ بنگلو ۽ هڪ ڪار ڏيندو.“
”ائين
چيو نه،“ امان اٿي کڙي ٿي، ”دولت تي ڀنڀليا آهيو.“
"shut
up" بابا رڙ ڪئي. ”فقط دولت جي ڳالهه ڪونهي. ڇوڪري به
مون کي پسند آهي.“
”شرم
ڪونهي، ٻيو سڀ ڪجهه آهي. اڇن وارن ۾ عقل وڃايو اٿو.“
”ڇا،
هن گهر ۾ مون کي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو حق ڪونهي؟“
”آهي.
پر حق جائز هئڻ گهرجي.“
”تون
ڪير ٿيندي آهين حق ۽ ناحق جي ساهمي سنڀاليندڙ!“
”مان
ڪا پراڻي زماني جي دقيانوسي عورت نه آهيان. مان اهو مسئلو ايل. پي. اي. جي هنگامي
اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
مون وچ ۾ پئي صلح ڪرائڻ خاطر چيو: ”امان، هيءَ ويهين صدي آهي، ترقي پسند
آزاد زمانو آهي. بابا کي اسلام ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.“
"what!"
، بابا آرام ڪرسيءَ تان راڪيٽ وانگر اٿي کڙو ٿيو.
ڪشميري ٽيبل تي پير رکندي چيائين:
”ٻي
شادي! بدتميز، نالائق!“
”پر
بابا توهان
...“
”shut
up بابا جا ٻچا“
”پر ...“
”No.
تو اهڙي واهيات ڳالهه زبان تي آڻڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟“
”هن
جو ڪهڙو ڏوهه. توهان ئي ته نورو موئي جي ڌيءَ جا ڪلما ٿا ڀريو.“
”Old
woman، توکي ٽي هزار ٽي سئو ٽي دفعا چيو اٿم ته
پنهنجو کنڊو وات بند رکندي ڪر.“
”کنڊا
هوندءُ توهان. مون کي ته ٻٽيهه ڏند آهن.“
”سڀ
نقلي آهن. چوچن جا چيني ڊينٽسٽ جا ٺهيل آهن.“
”بابا،
توهان ئي چيو پئي، ته سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ توهان کي پسند آهي.“
”آهي. Bloody fool، پسند
آهي.“
”ته
پوءِ؟“
”پسند
ڪئي اٿم، پنهنجي لاءِ نه، پر تنهنجي لاءِ.“
”ڇا!“
”اسان
کي پاڻ جهڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
امان جي ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. سندس منهن تي خوشي موٽي آئي.
مون همٿ ڪندي چيو: ”اها ڇوڪري مون کي پسند ناهي.“
”ڇو
پسند ناهي؟ لک رپيا روڪ، هڪ ڪار، هڪ بنگلو، پسند نه اٿئي؟“
”سڀ
ڪجهه پسند اٿم. پر ڇوڪري پسند ناهي.“
”ساڳي
دقيانوسي پسند. اڙي بيوقوف، عقل کان ڪم وٺ. اسان سنڌين کي ترقي ڪرڻي آهي.“
”نه
نه. ڇوڪري ڪاري آهي. ٿلهي آهي. منهن تي ماتا جا داغ اٿس. هڪ دفعو پنهنجي ڊرائيور
سان ڀڄي به ويئي هئي.“
”غلطي
انسان جي فطرت آهي.“ امان ڪاوڙيندي چيو:
”توهان
مرد سنگدل آهيو. عورت جي هڪ غلطي هزار سالن تائين سوچيندا رهندا آهيو.“
”هي
سڀني عورتن جو مسئلو ناهي.“ مون وراڻيو.
”آهي.
مار پوي مئي شيڪسپير کي، سوين سال اڳ هڪ دفعو چيو هئائين Frailty thy name is woman
توهان اڄ تائين انهن اکرن جو تعويذ ٻڌي ٿا گهمو.“
”توکي
ٽي هزار ٽي سئو
...“
”مان
اهو مسئلو ايل. پي. اي. جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
”ڪجهه
به هجي، پر مان سيتاڦل سان شادي هرگز نه ڪندس.“ مون جواب ڏنو.
بابا اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن ڏٺو.
امان چيو؛ ”مان احمد جي ماءُِ آهيان. ڇوڪري پسند ڪرڻ منهنجو ڪم آهي.“
”تون
ڪير ٿيندي آهين پسند ڪرڻ واري؟ ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
”ڇوڪري
پسند ڪرڻ عورتن جو ڪم آهي، توهان عورتن جي معاملي ۾ نه پئو.“
”اڄ
جي شادي بزنس آهي. بزنس ۾ عورتن کي دخل ڏيڻ نه گهرجي.“
”توهان
عورتن جي توهين ڪري رهيا آهيو.“
”ڪراڙي،
بي عقل...“
”خبردار
جو مون کي ڪراڙي سڏيو اٿو.“
”بيوقوف
ناهين ته ٻيو ڇاهين؟ وساري ڇڏيو اٿئي ته انيتا کي شاديءَ ۾ اسي هزار ڪيش، هڪ ڪار ڏني
هئي سين؟“
انيتا منهنجي ڀيڻ آهي. بيحد ذهين ۽ حاضر جواب آهي. آمريڪا وڃڻ کان اڳ انڪساريءَ
کان ڪم وٺندي هئي. هڪ دفعو بابا کيس سمجهائيندي چيو هو:
”اسان
سنڌي آهيون. ترقيءَ طرف قدم کنيو اٿئون. اسان کي پاڻ جهڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
”سڀ
انسان هڪ جهڙا آهن. دولت انسانن جي وچ ۾ ديوار ٿي نه سگهندي.“ هن جواب ڏنو هو.
ان اعتراض جو جواب امان ڏنو هئس: ”سڀ انسان گهوڙا هجن ها، ته گڏهن جو ڪم ڪير
ڪري ها؟“
”ڪجهه
به هجي، مان بهادر خان جهڙي شرابيءَ جي زال ٿيڻ تي موت کي ترجيح ڏيان ٿي.“ انيتا هڪ
ڏينهن انقلابي فيصلو ڪيو هو: ”مان رشيد سان شادي ڪنديس. هو غريب آهي، مسڪين آهي. ڏينهن
جي نوڪري اٿس، رات جو ڪاليج ۾ پڙهندو آهي.“
اسان سڀني تي بم ڪري پيو. بابا، جنهن جتن ڪري دولت جمع ڪئي آهي. تنهنجي
منهن جو پنو لهي ويو. امان کي ناموس جو فڪر رهندو آهي. سا فڪرمند ٿي ويئي هئي.
پر انيتا، جڏهن نوجوانن جي مٽاسٽا واري پروگرام ۾ هڪ سال لاءِ آمريڪا مان
ٿي آئي، تڏهن سندس خيال به مٽجي ويا. اچڻ شرط رشيد کي ٽيليفون کڙڪائي هئائين:
”رشيد،
تون منهنجي لاءِ
Unfit آهين.“
هن ڪجهه وراڻيو هو، جنهن تي انيتا جواب ڏنو هئس:
”منهنجو
اعتقاد راڪيٽن جي رفتار ۾ آهي. تون سڙهه بنا ٻيڙي آهين.“
ڪجهه عرصي کان پوءِ بابا اسي هزار رپيا ڪيش ۽ موٽر ڏيئي انيتا جي شادي ساڳي
زميندار سان ڪرائي هئي. انيتا بيحد مسرور هئي. هن پنهنجي ساهيڙين کي شاديءَ رات هڪ
فلمي راڳ به ٻڌايو هو. پر جڏهن کان انيتا جي شادي ٿي آهي، بابا ڏاج جي ڏنل دولت هٿ
ڪرڻ لاءِ مون کي اهڙين نظرن سان ڏسندو آهي، ڄڻ ته مان سندس پٽ نه، بلڪ بونس وائوچر
آهيان.
چيائين: ”جيڪي ڪجهه انيتا کي ڏنو اٿم، تنهن کان وڌيڪ وٺندس.“
مون احتجاج ڪيو: ”توهان مون کي وڪڻي رهيا آهيو.“
”بيوقوف.
اڄ جي انسان جو خدا کان وڌيڪ دولت ۾ اعتقاد آهي.“
امان چيو: ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائينديس.“
”تو
کي ٽي هزار ٽي سئو ٽي دفعا چيو اٿم ته تون واپاري معاملن ۾ دخل نه ڏيندي ڪر.“
”مون
کي پنهنجي پٽ جي زال ڳولهڻ جو به حق ڪونهي؟“
”ڪونهي،“
بابا گجگوڙ ڪئي.
”مان
اها ڳالهه ايل. پي. اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
”مون
رڙ ڪئي خدارا منهنجي به ته ٻڌو.“
”مان
تنهنجو پيءُِ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
”مان
تنهنجي ماءُ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
”توکي
ٽي هزار ٽي سئو
...“
”توهان
ماٺ ڪيو“ امان چيو: ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائينديس. ڇوڪري ايم. اي. آهي. يورپ جو
سفر ڪيو اٿائين. عورتن جي ازدواجي ۽ سماجي مسئلن تي بهترين تقريرون ڪري سگهندي آهي.“
”تقريرون!“
مون ذري گهٽ روئيندي چيو.
”نه
پٽ، توکي ليڊر نه، زال يعني گهر واري گهرجي.“ بابا همدردي ڪئي.
”مون
کي ڪجهه به نه گهرجي.“
”سيٺ
نوروءَ جي ڌيءَ....
“
”نه
نه.“
”هوءَ
ايم. اي. آهي ۽
.... “
”مان
شادي نه ڪندس.“
”ڇا؟“
امان ۽ بابا گڏجي رڙ ڪئي.
”مان
ڪنوارو رهندس.“
”تون
پاڳل آهين، Crack آهين.“
ڪرسيءَ تان ٿي ڊوڙ پاتم ۽ تير وانگر ڪمري مان ٻاهر نڪري ويس.
1965
Comments
Post a Comment