Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

گوتم سان ڦوٽا

 

گوتم سان ڦوٽا

 

پنهنجو جهاز هاڻي ڪولمبو ايئرپورٽ تي لهڻ وارو هو. پر ٻاهر زوردار برسات هلي رهي هئي. ان برسات ۾ ئي اسان جو جهاز سري لنڪا جي ڌرتيءَ کي چمي ڏيندي لٿو. جهاز جيئن ئي لينڊ ڪيو ته مسافر آهستي آهستي ٿي هيٺ لهڻ لڳا. جهاز جي ڪرو، سڀني مسافرن کي ٻانهون ٻڌي موڪلائيندا رهيا. انتهائي ڪو آپريٽو جهاز جو عملو، داد لهڻي. سو جهاز کان جيئن ئي هيٺ لٿاسين ته برسات هلي رهي هئي. هن ڌرتي جي پنهنجي خوشبو هئي پر برسات کان پوءِ سنڌ ڌرتي جي مٽيءَ مان جيڪا سڳنڌ نڪرندي آهي، اها ڪٿي. خاص ڪري برساتي موسم کان پوءِ جڏهن ٿر جي ڀٽن مان مهڪ نڪرندي آهي، ان جو نشو ئي ٻيو آهي. جهاز جي پاسي سان ئي ايئرپورٽ جي شٽل (بس) تيار بيٺي هئي. اها اسان کي ڀنل روڊن تان کڻي ايئرپورٽ جي گيٽ وٽ اچي لاٿو. هي ايئرپورٽ برساتن جي ڪري گهڻو مشهور آهي. جنيد ٻڌايو ته،”مان اڳ ۾ به جڏهن هتي آيو هيس ته ان مهل به برسات ۾ لينڊنگ ٿي هئي ۽ هن مهل به هتي برسات هلي رهي آهي.” مون نوٽ ڪيو ته ان مهل اتي گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريٽ هيو. جيڪا نارمل موسم ۾ شمار ٿئي ٿو.

پاڻ هينئر بندرا نائڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪولمبو ۾ آهيون. هتي اسان جي منزل نه آهي، اسان کي اڃان به اڳتي وڃڻو آهي، اسان جو پنڌ اڃان به پري آهي. اسان کي سري لنڪا کان مالديپ وڃڻو آهي. سو اسان جي فلائيٽ ساڍي ٻارنهن وڳي مالديپ لاءِ آهي. جڏهن اسان ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين ته سامهون کان گوتم ٻڌ جو تمام وڏو مجسمو رکيل آهي. هي ڏاڍو خوبصورت اسٽيچو آهي. هن جاءِ تي ايندڙ ويندڙ مسافر گوتم جي ان مجسمي سان ڦوٽو ڪڍرائي رهيا هيا. اسان به اتي ڪيترائي ڦوٽا ٺهرايا. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين ته اهي ساڳيا ئي ملان اسان کي ڪاوڙ ۾ گهوري رهيا هيا. اهي به هتي گوتم جي مورتي جي سامهون ئي بيهي رهيا هيا. جڏهن اسان مان هر هڪ دوست ان گوتم سان گڏ بيهي، ملن جي سامهون ڦوٽا ڪڍرايا ته ملن جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي. هو سمجهن پيا ته اسان مسلمان آهيون. پوءِ گوتم سان ڇو پيا تصويرون ڪڍرايون. اسان انهن کي اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته جي ها اسان پڪا مسلمان آهيون، پر بنيادپرست ملا ٺپ نه آهيون. اسان جي دل ۾ گوتم جي لاءِ ايتري عزت آهي، عيسائين جي حضرت عيسيٰ جي لاءِ. سو ملان کي اها ڳالهه نه وڻي. خير اسان اڳتي زون ”آر ٽو“ کي ڳولهيندا وڌياسين ته انهن مولانن مان ٻه ڄڻا اسان کي رستي ۾ ئي ٽڪرائجي ويا. اهي پريشان لڳي رهيا هيا. انهن مان هڪڙي چيو ته،”اسان وٽ تمام گهڻو ٽائيم آهي ۽ اسان جي بنگلاديش لاءِ فلائيٽ شام جو ڇهين وڳي آهي، تيسيتائين اسان ڪٿي ويهي انتظار ڪيون.“

هي ويچارا شريف مُلان هيا، ان سان گڏ وري سادا به هيا، سو هنن کي ڪنهن به ڳالهه جي خبر نه هئي. سو مون هنن کي سيڪيورٽي گارڊ جي آفيس ڏانهن اشارو ڪندي، ا نهن کي ان دفتر ڏانهن موڪليندي چيو ته، “منهنجا سائين! اهي ئي توهان جو مسئلو حل ڪندا. اسان ته پاڻ پرديسي آهيون. اسان جو سفر اڃان اڳتي آهي“.

هاڻي اسان گيٽ نمبر R-2 جي انتظار گاهه ۾ اچي ويٺا آهيون. ٿوري دير کان پوءِ اميگريشن وارن چيڪنگ جو اهو ئي ساڳيو طريقو پاڪستانين وارو عمل ۾ آندو. هي ايئرپورٽ صفائي سٿرائي جي خيال سان مون کي ڏاڍو سٺو لڳو. 




 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more