ايّام بِيض جا روزا



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ايّام بِيض جا روزا
-------
 (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ذَرٍّ رضہ قَالَ   قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَا أَبَا ذَرٍّ إِذَا صُمْتَ مِنَ الشَّهْرِ ثَلاَثَةَ أَيَّامٍ فَصُمْ ثَلاَثَ عَشْرَةَ وَأَرْبَعَ عَشْرَةَ وَخَمْسَ عَشْرَةَ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی صوم ثلاثۃ من کل شھر ج 1 ص 95۔ سنن نساءی شریف کتاب الصوم باب فی صیام ثلٰثۃ ایام من الشھر ج 1 ص 329۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی صیام ثلاثۃ ایام من کل شھر ص 123۔ مسند احمد بن حنبل ج 4 ص 165۔ ج 5 ص 27 و 28۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201)
”حضرت ابو ذر غفاري ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مون کي فرمايو ته اي ابو ذر جڏهن تون مهيني جا ٽي روزا رکين ته پوءِ تون تيرهين، چوڏهين، پندرهين تاريخ جا روزا رکندو ڪر.


(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ  ابْنِ عَبَّاسٍٍ رضہ قَالَ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم لاَ يُفْطِرُ أَيَّامَ الْبِيضِ فِي حَضَرٍ وَلاَ سَفَرٍ (نساءی شریف کتاب الصوم)
”حضرت ابن عباس ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ ايامِ بيض ۾ بغير روزي جي نه رهندا هئا. نه گهر ۾ ۽ نه وري سفر ۾.

(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ   قَتَادَۃَ بۡنِ مَلَحَانَ قَالَ کَانَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم یَاۡ مُرُنَا اَنۡ نَّصُوۡمَ الۡبِیۡضَ ثَلاَث عَشَرَۃَ وَاَرۡبَعَ عَشَرَۃَ وَ خَمۡسَ عَشَرَۃَ وَقَالَ ھُوَ کَھَیۡءَۃ الدَّھۡرِ۔ (سنن ابی داؤد شریف کتاب الصوم باب فی صوم الثٰلث فی کل شھر ج 1 ص 332 )
”حضرت قتاده بن ملحان ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن اسان کي حڪم فرمائيندا هئا ته اسين ايام بيض يعني مهيني جي تيرهين، چوڏهين، پندرهين تاريخ جا روزا رکون ۽ فرمائيندا هئا ته مهيني جي انهن ٽن ڏينهن جا روزا رکڻ اجر و ثواب جي لحاظ کان هميشه روزا رکڻ جي برابر آهي.
صاحبِ مظاهر حق رحه جن ايام بيض جي باري ۾ فرمايو آهي ته ”انهن کي بيض ان ڪري چيو ويندو آهي جو انهن ڏينهن جا روزا گناهن جي اونداهين کي روڪيندا آهن ۽ پري ڪندا آهن ۽ دلين کي روشن ڪندا آهن يا اهي ڏينهن ايامِ بيض ان ڪري چورائيندا آهن جو حضرت آدم عليھ السلام کي جنت مان زمين تي لاٿو ويو ته ان جو پورو بدن ڪارو ٿي ويو هيو جڏهن انهن جي توبه قبول ٿئي ته انهن کي حڪم ڏنو ويو ته انهن ڏينهن ۾ ٽي روزا رکو چنانچه حضرت آدم عليھ السلام جن تيرهين تاريخ جو روزو رکيو ته اُنهن جي بدن جو ٽيون حصو سفيد ۽ روشن ٿي ويو، جڏهن انهن چوڏهين تاريخ جو روزو رکيو ته ٻه حصا بدن جا سفيد ۽ روشن ٿي ويا ۽ جڏهن پندرهين تاريخ جور وزو رکيو ته تمام بدن سفيد ۽ روشن ٿي ويو. (مظاهر حق جديد ج 2 ص 363) ۽ ان ڏينهن جي روزن رکڻ کي فقهاءِ ڪرام مستحب فرمايو آهي. (الدر المختار ڪتاب الصوم ج 2 ص 114)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت