ڪلامِ قلندر ۽ قلندري مشرب تي تحقيق - تاج جويو



ڪلامِ قلندر ۽ قلندري مشرب تي تحقيق

نهالِ حيدري و بلند پرواز،   سُخن سرور قلندر لعل شهباز،
]حيدر رضه جو اولاد ۽ مٿاهين پرواز وارو، سخن جو سردار قلندر شهباز آهي.[

تاج جويو

قلندر شهباز، سنڌ جو برگزيدو بزرگ ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ فارسي زبان جو مقتدر شاعر هو. سندس فارسي ڪلام تي ڪابه تحقيق نه ٿي آهي، ۽ جيڪو ڪلام مختلف ذريعن سان هٿ ڪري، مختلف اديبن ۽ محققن شايع ڪيو آهي. اُن مان وڏي حصي کي، فارسيءَ جي مختلف شاعرن سان منسوب پئي ڪيو ويو آهي. اُن ڪري ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته قلندر شهباز جي ڪلام تي جديد سائنسي اناز ۾ تحقيق ڪجي، ۽ قديم تذڪرن ۽ ماخذن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ’قلندر جو ڪلام‘ ڇنڊي ڦوڪي، نج نبار صورت ۾ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪجي.


 سال 2006ع جي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي مون پنهنجي مقالي ۾، سنڌ جي مقتدر عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هڪ اعليٰ تصنيف ’مدح نامه سنڌ‘ مان، قلندر شهباز جو ’خاموشيءَ جي اهميت‘ بابت هڪ اعليٰ خيال وارو ’غزلُ‘، اصل متن ۽ سنڌي معنيٰ سميت ڏنو هو. ’مدح نامه سنڌ‘ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ 1146هه يعني اڄ کان 280 سال اڳ لکيو هو- اُن ڪري، مون پنهنجي مقالي ۾ ڄاڻايو هو ته جيئن ته اهو غزل سنڌ جي هڪ جيد عالم حوالي طور ڪم آندو آهي، اُن ڪري اهو بنا شڪ شبهي، قلندر شهباز جو ئي غزل آهي.


اهڙيءَ طرح هن ڀيري، اُن کان به آڳاٽي، فارسيءَ ۾ لکيل هڪ تذڪري، ’تذڪره مشائخ سيوستان‘- مان قلندر شهباز جو مشهور زمانه غزل پيش ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو، جيڪو ڄاڻايل تذڪري ۾، سيوهڻ جي ئي رهاڪو هڪ بزرگُ، عبدالغفور بن حيدر، سن 1039هه ۾ قلمبند ڪيو هو. اهو غزل، اُن حساب سال 384 سال اڳ هڪ تذڪري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

تذڪره مشائخ سيوستان‘ جو فارسي خِطي نسخو، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن ۾ موجود هو، ۽ سنڌ جي محب وطن عالم ۽ تاريخدان، پير حسام الدين راشديءَ کي، سندس دوستَ، مسٽر سائمن ڊگبي (Sigmon Digby) فوٽواسٽيٽ ڪري موڪليو هو(12. جولاءِ 1971ع تي). اهو اصل نسخو، هڪ انگريز آفيسر، اي. جي. ائلس (A. G. Ellis) کي سنڌ ۾ ملازمت دوران هٿ آيو هو، جنهن تي ان انگريز آفيسر جا دستخط (Signature) ۽ تاريخ 17.03.1909 لکيل آهي. ڪتاب جي اصل نسخي جا 24 ورق هئا ۽ هر صفحي ۾ 13 سِٽون هيون.

اُن نسخي ۾، فاضل مصنف، سيوهڻ جي مشائخن جو تذڪرو لکندي، مقامي عوامي روايتن ذريعي ٻڌل ڪيتريون اعتقادي طور ضعيف ڳالهيون به شامل ڪيون آهن، پر نسخي جي قدامت ۽ سنڌ جي حوالي سان افاديت ضرور آهي؛ ڇو ته پير صاحب چواڻي: اُن زماني ۾ اوليائن ۽ مشائخن جي تذڪرن لکڻ جو گهڻي ڀاڱي ڍنگ اِهو ئي هوندو هو.

پير صاحب، هن تذڪري کي ايڊٽ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي پرچي 3-4/1974ع ۾ ڇپايو هو. بعد ۾ اُن جو سنڌي ترجمو، نامور اديب ۽ شاعر، نياز همايونيءَ ڪيو هو، جيڪو پڻ ’مهراڻ‘ 3-4/1979ع ۾ ڇپيو هو- ۽ اهو سنڌي ترجمو، ان کان پوءِ، نامور محقق ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، پير صاحب جي مقالن، تقريرن، خَطن ۽ انٽريوئن تي ترتيب ڏنل ڪتاب: ’ڳالهيون منهنجي سنڌ جون‘ ۾ ڏنو آهي، جيڪو 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران ڇپرايو ويو آهي.

پير حسام الدين راشديءَ، ايڊٽ ڪيل تذڪري جي ’گذارش‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته:

آءٌ سمجهان ٿو ته ’سنڌ جي تاريخي ماخذ‘ جي سلسلي ۾، هي تذڪرو قابل قدر اضافو آهي، ۽ سنڌ جي تصوف جي تاريخ لکندڙن لاءِ مفيد ٿيندو.“

تذڪره مشائخ سيوستان ۾، حضرت مخدوم لعل شهباز جو ذڪر ڪندي فاضل ليکڪُ، عبدالغفور بن حيدر، قلندر شهباز جي نالي، سندن والد ۽ پيڙهيءَ جو شجرو، سندن حضرت امام جعفر صادق رضه سان تيرهين پيڙهيءَ ۾ نِسبت، قلندر شهباز جي وفات جو سن، وفات سان لاڳاپيل تاريخ ابجد، سندن وطن مولود، سندس هم صحبت بزرگن جو تذڪرو ڏيڻ سان گڏ اُهو تاريخي غزل به ڏنو آهي.

هن غزل بابت به ڪيترن بزرگن ۽ دور جديد جي اديبن اختلاف ڏيکاريندي، اُن کي قلندر شهباز بدران عثمان هارونيءَ جو غزل ڄاڻايو آهي، پر منهنجي نظر ۾، هيءُ غزل قلندر شهباز جو ئي آهي، ڇو ته ذڪر ڪيل ’تذڪره مشائخ سيوستان‘ جي حوالي سان ئي ڏسجي ٿو ته فاضل ليکڪ، ان کي اڄ کان لڳ ڀڳ چار سؤ سال (384) اڳ قلمبند ڪيو آهي. اُن کان سواءِ هن غزل جي اهميت اها به آهي ته ان کي اڪثر تذڪره نگارن، ’ڪلامِ قلندر‘ ۾ پڻ شايع ڪيو آهي- ۽ اهو قلندري مسلڪ، مستيءَ ۽ رنديءَ جو غماز ۽ علامت پڻ آهي. اهڙيءَ طرح قلندر شهباز جي هر هڪ غزل ۽ شعر کي تاريخي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ڇنڊي ڇاڻي، ’ڪلام قلندر‘ جو هڪ مستند نسخو ترتيب ڏيڻ گهرجي.

تذڪره مشائخ سيوستان‘ ۾ شامل اُهو غزل ۽ محترم نياز همايونيءَ جو نثري ترجمو: اوهان جي مطالعي لاءِ پيش ڪجي ٿو:

زِ عشقِ دوست هر ساعت، دُرونِ نار مي رَقصم،
گهي در خاڪِ مي غلطم، گهي بر خار مي رقصم!
(يار جي عشق ۾ هر گهڙيءَ، باهه جي مچ تي نچان ٿو،
ڪڏهن مِٽيءَ ۾ ٿو ليٿڙجان ته ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو.)

شدم بدنام در عشقق، بِيا اي پارسا اَڪنُون،
نمي ترسم زِ رُسوائي، به هر بازار مي رقصم!
(زاهد! اچي ڏس ته ڪيئن سندس عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان،
ڪنهن به خواريءَ کان نه ٿو ڊڄان، ڀريءَ بازار ۾ نچان ٿو.)

بيا اي مطربِ مجلس، سماعِ شوق را دارد،
که من در شاديء وصلش، قلندر واري رقصم.
(هلي آءُ، اي مجلس جا مطرب، سماع جو شوق اچي ڏيار!
جو مان يار سان ملڻ جي ڌُن ۾، قلندرن وانگي نچان ٿو.)

مِرا خلقي همي گويد گدا چند ين چھ مي رقصي،
به دل داريم اسراري، ازان اسرار مي رقصم.
(مون کان خلق پُڇي ٿي ته ڀلا ايترو ڇا جي لاءِ ٿو نچين؟
کيس جواب ٿو ڏيان ته ’ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو.‘)

منم عثمان مروندي، کھ يارِ خواجه منصورم،
ملامت مِي ڪُنم خلقي و من بردار مي رقصم.
(آءٌ عثمان مروندي، خواجه منصور جي يارن مان آهيان،
خلق ملامت ٿي ڪري ۽ مان ڦاهيءَ جي تختي تي نچان ٿو.)

اگر صوفي شدند ياران، بِياتا خرقھ در پوشم،
اگر زنار در بستند، دران زنارمي رقصم.
(جيڪڏهن يارَ صوفي ٿيا آهن ته پاڻ به گودڙي ڍڪينداسون،
جيڪڏهن جڻيا پاتا اٿئون ته پاڻ به جڻيا پائي نچنداسون.)

قلندري مَسلڪ ۽ مشرب جو، مٿئين غزل جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته لعل شهباز جي غزل ۾ موجود رندي، مستي، قلندرانه رقص، عشق ۾ خواريءَ ۽ بدناميءَ کان نه ڊڄڻ، سماع جي مستي ۽ مدهوشي، يار جي رسم وراهه جي پيروي- سڀ ڪجهه قلندري مسلڪ جو حصو آهي.

سنڌ جي ٻن مايه ناز عالمن ۽ اديبن- علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ۽ رئيس ضياءُ الدين ’بلبل‘ قلندري مشرب تي جيڪا تحقيق ڪئي ۽ راءِ ڏني آهي، اُها تحقيق مستند آهي. صوفين جا مختلف مشرب، طريقا ۽ دائرا رهيا آهن، جن ۾ ادهمي، هبيري، قادري، سهروردي، چشتي، نقشبندي، شطاري، جُنيدي، اويسي، ملامتي ۽ قلندري وغيره اچي وڃن ٿا. علامه قاسمي صاحب لکي ٿو ته: ”قلندري مشرب هنن مڙني کان نرالو ۽ ممتاز طريقو آهي.. اسان جي سنڌڙيءَ جي سائين قلندر لعل شهباز حضرت مخدوم محمد عثمان مرندي، سيوهاڻيءَ جو لاڳاپو به اُنهيءَ قلندري مشرب سان آهي.“
(حوالو: ’مقالات قاسمي- ص 112)

فرهنگ امير ڪبير فارسي (تاليف علي اصغر شيخ، ص 521) ۾، قلندر لفظ جي معنيٰ ”درويش شخصِ بي قيد به دنيا“ ڏني وئي آهي، جنهن جو مطلب ٿيندو: ”اهو درويش، جنهن جو دنيا سان لاڳاپو ۽ سنٻنڌ نه هجي.“

علامه تقي الدين احمد بن علي المعروف بالمقريزيءَ، قلندري مشرب وارن کي ملامتي صوفين جي گروهه سان لاڳاپيل ڄاڻايو آهي ۽ لکيو آهي ته ’قلندرن جي حقيقي وصف اها آهي، جو اُهي مجلس ۽ ڳالهه ٻولهه جي آدابن جا پابند نه هوندا آهن ۽ اُهي پاڻ وٽ ڪجهه به ذخيرو نه رکندا آهن ۽ نه ڪي مال ۽ دولت کي ميڙيندا آهن. هو دنياداريءَ کان پاسيرا رهندا آهن.“ (مقالات قاسمي- ص 42-143)

محقق پروفيسر بديع الزمان، ’قلندر‘ لفظ تي کوجنا ڪندي ڄاڻايو آهي ته: ”اهو لفظ پنجين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري فارسيءَ ۾ آيو.“

مشهور عرب سياح ابن بطوطه، قلندري فرقي جو موجد، شيخ جمال الدين قلندري ساوي دمياطيءَ کي ڄاڻايو آهي؛ جڏهن ته ٻيا مؤرخ ۽ مُحقق ان راءِ جا آهن ته ’قلندري فرقي جي ابتدا، قلندر يوسف اندلسيءَ کان ٿي ۽ شيخ جمال الدين ساويءَ اهو مسلڪ دمياط ۾ آندو. اها تحقيق، مشهور مستشرق هوارٽ جي آهي، جيڪا ئي وڌيڪ مناسب ۽ موزون آهي. هن جي کوجنا مطابق قلندري فرقو دمشق ۾ 610هه مطابق 1312ع ۾ پيدا ٿيو.

علامه قاسميءَ به ڄاڻايو آهي ته: ”اسان جي لعل سائينءَ جو دور، شيخ جمال الدين قلندر دمياطيءَ جي دور سان لڳ ڀڳ ملي ٿو.“ هن قلندر شهباز جي لباس بابت تاريخ ۽ تذڪري جي ڪتابن مان تحقيق ڪري ٻڌايو آهي: ”قلندر شهباز لاءِ سُرخ لباس جو احوال ملي ٿو.“ (مقالات قاسمي- ص 145)

قلندر شهباز جي ’ڳاڙهي لباس‘ واري حقيقت قياس کي ويجهي آهي، جو حضرت عثمان مرونديءَ کي ”قلندر لعل“، ”لعل شهباز“، ”لعل سائين“، ”لالڻ، ۽ ”مروندي لال“ سڏيو وڃي ٿو. ميلي جي موقعي تي ”مينديءَ“ جي رسم پڻ لال رنگ جي علامت آهي.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو ضياءُ الدين بلبل لکي ٿو ته: ”قلندر جو ’لال لباس‘ ۽ ’لال‘ لقب، وڏي معنيٰ رکي ٿو. اُن ۾ شهادت جي سُرخي ۽ سج اُڀرڻ جي ڳاڙهاڻ شامل آهي. سج جي ڳاڙهاڻ، زندگيءَ کي زيب بخشي ٿي، ۽ ائين حق لاءِ شهادت به دائمي زندگيءَ جو حسن آهي.“

قلندري طريقي يا مشرب ۾ رقص، رندي ۽ مستي شامل آهي. ضياءُ الدين بلبل جي راءِ آهي ته: ”مستي، تغير، تبديليءَ ۽ انقلاب جو بدل، بلڪ مظهر آهي. مستيءَ جي عمل جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته اهو عمل، قومن جي تقديرن ۽ قسمتن بدلائڻ وارو آهي. ساڳئي وقت ضياءُ الدين بلبل هن مستيءَ کي ”ملامتي صوفين“ واري مستي نه ٿو ليکي، بلڪ چوي ٿو ته: ”قلندر، هن مستيءَ کي پنهنجي خرقي سان منسوب ڪيو آهي، پر پاڻ ٻنهي کان مٿانهون آهي.“

منم عثمان مروندي کھ يارِ خواجه منصورم،]
ملامت مي ڪند خرقم که من بردار مي رقصم!

هُو قلندر جي غزل جي سٽ ’ملامت مي ڪُنم خلقي‘ بدران ’ملامت مي ڪُند خرقي‘ ڪم آڻي ٿو. بهرحال، مست الست ٿي نچبو ته ملامت جو گهانگهو سرتي کڻڻو ئي پوندو ۽ عاشقن ’سختيون‘ توڙي ’ملامتون‘، ’محب جون موڪليل مهمانيون‘ سمجهيون آهن. منبر وارن هميشه علم ۽ عرفان کي توڙي حلاج جي سوريءَ ۽ قلندر جي مستيءَ کي پنهنجو رقيب سڏيو آهي. ڪنهن اردو شاعر چواڻي:

رقابت علم و عرفان کي غلط بيني سي منبر کي
کھ وه حلاج کي سولي کو سمجها رقيب اپنا!

سنڌي شاعر گرهوڙي صاحب ’قلندري قال‘ ۽ ’لال رنگ‘ جي حقيقت کي هيئن بيان ڪئي آهي:
قلندر قال ڪئو، ٻاهر نه ٻولي،
حقيقت هولي، لايائين لاهوت ۾!

ـــــــــ

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت