قلندر لعل کي ڀيٽا : سرور نواز ٻگهيو
جو مَن جون مُرادون ۽ آسون پُڄائي، اُهو لعل
لجپال لکپال آ.
جو بَرپٽ کي باغات، پَلَ ۾ بڻائي، اُهو لعل
لجپال لکپال آ.
ننڍپڻ ۾ جيڪو وڏن جيان ڳالهائي، اَمڙ توڙي
دائيءَ جي حيرت وڌائي،
ننڍي هُوندي کان ئي جو مُعجزا پَسائي، اُهو
لعل لجپال لکپال آ.
ڪِتابن کي پاڻيءَ ۾ اُڇلي ڇڏي جو، وري تن کي
حالت سُڪل ۾ ڪڍي جو.
۽ اسڪولي ساٿين کي واپس ڪَرائي، اُهو لعل
لجپال لکپال آ.
ڪري حِفظ قُرآن سالن ستن ۾، ۽ پهچي وڃي ڳالهه
ساري وطن ۾.
جو ڪنڊن تي پنهنجي بدن کي نچائي، اُهو لعل
لجپال لکپال آ.
جو بدڪار ماڻهن لئه دُعائون گُهري ٿو، وٺي تن
کي ربّ کان هِدايت ڏئي ٿو،
اُنهن کي جو نيڪيءَ جي رستي لڳائي، اُهو لعل
لجپال لکپالُ آ.
جي بيمار آ يا شفاياب ٿي ويا، ۽ دَمُ ٿيل پاڻيءَ
ساڻ سيراب ٿي ويا.
جو آيات کي ٿو سهارو بڻائي، اُهو لعل لجپال
لکپال آ.
جو دنيا جي عِشقن کان اِنڪار واري، ۽ عِشق
اِلاهيءَ جو اقرار واري.
جو پنهنجي عمل سان ٿو سڀڪجهه سُڻائي، اُهو لعل
لجپال لکپال آ.
قلندر جي درگاهه تي ايندا ها مِهمان، هَزارين
پکي ۽ ڪَئي سَوَ انسان،
ننگر، داڻو، پاڻي سڀن کي کارائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
نظر جي اثر سان جِنن کي ئي، مگر تن کي ٻَڪريءَ
جو کير پِياري،
جو هر درد جو دارون درمل ٻُڌائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
جي چاهي ته مَسواڪ مان وڻ بڻائي، قلندر
شهنشاههُ اِهڙو ئي آهي،
جو رِحلت پُڄاڻان اُنهيءَ کي سُڪائي، اُهو لعل
لڄپال لکپال آ.
ڪَڙهائي تتل تيل ۾ ڀي نچي جو، ۽ نعره عليءَ
سان ٿو ٻاهر اچي جو،
اِئين بُزرگي پنهنجي ثابت ڪرائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
جڏهن هِڪڙي عورت مسئلو هو ٺاهيو، قاضيءَ هو
قلندر کي تڏهين سڏايو،
اُتي ٻارڙو ماءُ خلاف پيو ڳالهائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
جڏهن ڳوٺ هِڪڙي جا سرڪش ڪي ماڻهو، نه سُڌريا
قلندر کان بدبخت ماڻهو،
خدا کان سندن ڳوٺ اُونڌو ڪرائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
قحط خاتمي لئه دُعا جڏ گُهري ٿو، ته ڏِسندي ئي
ڏسندي اَچي مينهنُ لَهي ٿو،
جو خُشڪيءَ کي هَريالي ۾ ٿو آڻائي، اُهو لعل لڄپال
لکپالُ آ.
جڏهن ڪوئي ماڻهو “انا” ساڻ ڀرجي، قلندر سان
بدشد ڳالهائڻ لڳي ٿو،
اُنهيءَ کي ٿو ماڻهوءَ مان ڪُتو بڻائي، اُهو
لعل لڄپال لکپال آ.
جو قاضيءَ شهر کي به مُعجزا ڏيکاري، عِبادت ۾
پُورو مهينو گذاري،
۽ هڪ ماني پوري مهيني پچائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
جنبيل ۽ ڏنڊي کي جو پَڪڙي وٺي ٿو، ۽ بُزرگ جي
آڏو اچي ٻئي رکي ٿو،
۽ بُزرگ کي جنبيل شاهه داتا بڻائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
بو علي شاهه هو ديوار کي گهوڙو بڻايو، ڪَرامت
سان اُن کي قلندر روڪايو،
نه سگهيو قلندر سان، زور آزمائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
قلندر سان ڪاٿي جي خيانت ٿئي ٿي، اُتي جو اُتي
کيس اَمانت مِلي ٿي،
ٿو مُجرم فقر پنهنجو هٿ سان ڦرائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
ڪَئي بي اولادي ٿِيا اوالاد وارا، صلاح الدين
۽ سيّد يعقوب پارا،
سوالين جا سڏ لحظي ۾ جو وَرنائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
اُهو سڀ خُدا جي رضا سان هو “سرور”، مگر دل
سان دُعائون گُهريون پئي قلندر،
جو ٻارهن مهينا لنگر پيو هَلائي، اُهو لعل لڄپال
لکپال آ.
Comments
Post a Comment