Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

روحاني راڳ - مادر جمالي



روحاني راڳ
مادر جمالي

ڏکايل سنڌ چاهي ٿي
قلندر فيض روحاني
ڀٽائيءَ جو اهو پيغام لافاني
محبت ميٺ آ جنهن ۾
ستارن هيٺ آ جنهن ۾
پرين هر ڪنهن نماڻيءَ جو
ڪهاڻيءَ جو
جتي عنوان آ سسئي
جتي ڪاري نه آ مومل
جتي آ ناز نوريءَ جو
جتي سهڻي چمي سيرون
سڀئي ويرون سواگت ڪن اٿي بيهي
اسان کي رقص ٿو گهرجي
اهو ئي عڪس ٿو گهرجي
قلندر تنهنجو وجداني
ڏکايل سنڌ چاهي ٿي
اهو آواز ٿا چاهيون
اهو ئي راز ٿا چاهيون
رڳن ۾ راڳ روحاني.

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more