شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَمَّارِ بۡنِ یَاسِرٍ قَالَ مَنْ صَامَ الْيَوْمَ الَّذِي يُشَكُّ فِيهِ فَقَدْ عَصَى أَبَا الْقَاسِمِ صلى الله عليه وسلم   ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی کراھیۃ صوم یوم الشک ج 1 ص 86۔ 87۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی صیام یوم الشک ص 120۔
”حضرت عمار بن ياسر ؓ  کان روايت آهي انهن فرمايو ته جنهن ماڻهوءَ شڪ واري ڏينهن روزو رکيو ته ان پاڻ ڪريم ﷺ جن جي نافرماني ڪئي.


شڪ واري ڏينهن مان مراد اهو ڏينهن آهي جنهن جي باري ۾ شڪ هجي ته اهو شايد رمضان المبارڪ جو ڏينهن هجي. مثال جي طور تي 29 شعبان تي آسمان صاف نه هجي ۽ چنڊ به نظر نه اچي ته ايندڙ ڏينهن جي باري ۾ شڪ هوندو آهي ته شايد اڄ چنڊ اڀريو هجي ۽ آسمان صاف نه هجڻ جي ڪري نظر نه آيو هجي ۽ انهيءَ لحاظ سان سڀاڻي رمضان شريف جي ڏينهن هجي ته شريعت ۾ ان شڪ ۽ وهم جو اعتبار نه آهي ۽ انهيءَ جي بنياد تي ان ڏينهن جي روزي رکڻ کان پاڻ ڪريم ﷺ جن منع فرمايو آهي.

(الدرالمختار والرد المحتار کتاب الصوم مبحث فی صوم یوم الشک ج 2 ص 119۔ فتح الباری شرح البخاری کتاب الصوم ج 4 ص 110۔ عمدۃ القاری شرح البخاری ج 5 ص 190-191 ھدایۃ مع فتح القدیر کتاب الصوم ج 2 ص 245-247-248 فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 200-201 کتاب الفقھ علی المذاھب الاربعۃ ج 1 ص 896)





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت