ڀٽائيءَ جي دؤر جو آئينو



ڀٽائيءَ جي پارکن کي گهرجي ته ڀٽائيءَ جي مذهبي فلسفي کي ملان جي مذهب ۽ هڪ صوفيءَ جي مذهب واري فرق سان ڏسن.

هندوءَ کي مخاطب ٿيندي ڀٽائيءَ چيو:

ڪوڙو ٿون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ
هندوءَ هڏ مَ آهين، جڻيو تون نه جڳاءِ
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

۽ مسلمانن کي مخاطب ٿيندي چيائين:


جي بي شرڪ ڀانئين پاڻ کي، ته عين شرڪ ايءُ
وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءُ
هڏهن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪونهي هن ري.

جيڪڏهن بي شرڪ ٿئين ٿو ته اصل شرڪ اهو آهي، پنهنجي وجود کي وڃائي پاڻ کان پري ٿيءُ. هي يعني انسان ڪجهه ناهي، پر هو يعني ”الله“ ۽ ”انسان“ کان سواءِ ڪجهه ڪينهي، ڇاڪاڻ ته شعاع ۽ ان جو ڪرڻو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي نه ٿا سگهن.

وري ڏسون ته ڀٽائيءَ جو خدا ڪهڙو آهي؟

سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله
سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.

”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو“

”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

اهو آهي ڀٽائيءَ جو الله، ڀٽائيءَ جي فڪر تي جاگيرداري قدرن واري تهمت هڻڻ وارن پارکن کي سمجهڻ گهرجي ته جنهن شاعر ”سهڻيءَ“ کي پنهنجي سڀني ڪردارن کان وڌيڪ اهيمت ڏني آهي، سو جاگيرداري قدرن جي ڪيئن ٿو پاسداري ڪري.

سِياري سِههَ راتِ ۾، جا گِھڙي وَسندي مِينهَن؛
هَلو ته پُڇُون “سُهڻِي”، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن؛
جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئِي مَنَ ۾.

سهڻيءَ جو ڪردار ته خود جاگيراداري تابوت ۾ ڇپندڙ آخري ڪوڪو آهي. ڀٽائي جاگيرداري قدرن سان ٽڪراءُ، عورت جي آزادي جو ساٿ ڏئي ڪيو آهي. ڀٽائيءَ جا گهڻو ڪري سڀيئي هيرو ڪردار عورتون آهن. هن جي فلسفي مطابق عشق ۽ قرباني مرد وٽ گهٽ ۽ عورت وٽ وڌيڪ آهي. ان ڪري عورت مرد کان وڌيڪ جدوجهد ڪري سگهي ٿي.

”سسئي لنگهي سو، مرد جنهن مات ڪيا.

مومل جو ڪردار پڻ جاگيرداري قدرن خلاف بغاوت آهي. مارئي ڀٽائيءَ جو اهڙو ئي هڪ ڪردار آهي، جنهن عمر بادشاهه سان ٽڪر ۾ اچي آخر تائين آڻ نه مڃي ۽ آخر بادشاهه کي پوئتي هٽڻو پيو ۽ مارئي کي قيد مان آزاد ڪيو ويو.

بهرحال ان حقيقت کي وسارڻ نه گهرجي ته شاعر ۽ تخليقڪار پنهنجي دؤر جو آئينو هجڻ گهرجن. پوءِ سماج جي انهيءَ آئيني ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو چهرو نه ٿو وڻي ته ان ۾ آئيني جو ڪو به قصور ڪونهي.

سو ڀٽائيءَ جي دؤر۾ جيڪو مذهب هو، جهڙو نظام هو، جيڪي معاشي حالتون هيون ۽ انهيءَ سموري وايو منڊل ۾ سرجيل ويچاري ماڻهوءَ جي جيڪا سوچ ٿي سگهي ٿي. ان جو آئينو اوهان کي رسالي ۾ صاف نظر ايندو.

Sindh
Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت