ابن خلدون

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار
جوھر بروھي

ابن خلدون

ابن خلدون 1332ع ۾ تيونس ۾ ڄائو ۽ 1406ع ڌاران قاھره ۾ وفات ڪئي، ھي پھريون شخص آھي، جنھن تاريخ نويسي کي سائنس جو درجو ڏنو. ھن کان اڳ مستند ۽ اڻ مستند واقعن ۾ پرک ڪرڻ بنا ڪنھن سال وار ڪنھن ترتيب کان سواءِ واقعن کي ترتيب ڏيڻ جو نالو تاريخ ھو، ابن خلدون تاريخ کي رڳو واقعا نگاري نه پر پوري تشريح ۽ تحقيق ۽ دليل سان پنھنجا جوڙيل نوان اصول آڏو رکي تاريخ لکي ۽ عمرانيات جي فلسفي جي حيثيت سان ان کي ترتيب ڏنو.
سندس سڀ کان اھم تصنيف (مقدمه) آھي جنھن ۾ ھن معاشري جي ابتدا، واھڻن ۽ شھرن جي ابتدا، حڪومت ۽ اقتدار، واپار ۽ گذران ۽ علمن جي ترقي تي بحث ڪيو. ھن ڏس ۾ ھن معاشيات (اھو علم، جنھن ۾ دولت جي پيدائش، واڌ ۽ ورھاست بابت بحث آھي) عِمرانيات (اھو علم جنھن ۾ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي جا اصول بيان ھجن) ۽ تاريخ جھڙي موضوعن جو حيرت جوڳي ذھانت ۽ تخليقي قوت سان جائزو ورتو آھي. حڪومت ۽ رياست يا اقتدار اعليٰ بابت ھن جي لافاني نظرين کي (ميڪائولي) ۽ ٻين مفڪرن پنھنجي تصنيفن ۾ آندو آھي.
سندس ٻيو ڪتاب (ڪتاب الابار) چئن جلدن تي آھي. ان جو ٻيو حصو عربن ۽ ٻين بادشاھن (ايراني، سلجوقي، ترڪ، يھودي، يوناني رومن ۽ فرانسيس) بابت آھي. ھن ڪتاب جا ڪيترا باب ھن پنھنجي زندگي متعلق لکيا. ھي پھرين خود نوشت  سوانح آھي، جيڪا سائنسي طرز تي لکي وئي. اڳ ۾ خود نوشت ڊائري جي انداز ۾ لکي ويندي ھئي (ڊي بوئير) لکي ٿو، ابن خلدون اھو پھريون شخص آھي، جنھن معاشري جي ارتقاء جي سائنسي بنيادن تي تشريح ڪئي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت