نئين دور جا نوان سبق (سبق پنجون) - ادل سومرو





سبق پنجون
ت ـــ تاج
تاج کي ڇَٽُ به چئبو آهي. تاج گهڻو ڪري بادشاهه پائيندا آهن پر ڪي بي تاج بادشاهه به هوندا آهن. جديد دور جا بادشاهه تاج نه پائيندا آهن.
ڪي تاج سون جا، ڪي چانديءَ جا ۽ ڪي وري ڪپڙي جا تاج ٿيندا آهن، جن ۾ هيرا موتي جَڙيل هوندا آهن.
ڪي وري گهمندڙ ڦرندڙ انسانن جي روپ ۾ تاج هوندا آهن.
جيئن:
تاج صحرائي، تاج بلوچ ۽ تاج جويو، اهي ٽيئي تاج اديب ۽ شاعر آهن. تاج بلوچ جي شاعريءَ جو مجموعو ”درد جو صحرا“ ڇپجي چڪو آهي، جيڪو حقيقت ۾ تاج صحرائيءَ جو هئڻ گهربو هو.
صحرا درد جا هوندا آهن ۽ سهرا (ڳيچ) وري خوشيءَ جا هوندا آهن. اردوءَ ۾ وري سهرا، موڙن کي چئبو آهي. رستي جا موڙ نه پر مٿي جا موڙ يعني گُل ڦل وغيره ـــ موڙ مٿي جا هار ڳچيءَ جا. هڪڙي هار يعني شڪست هوندي آهي. جن جي هار ٿيندي آهي، اُهي هار پائي نه سگهندا آهن.
تاج بلوچ کي پنهنجي شعرن جي مجموعي ۾ هار ٺهرائڻا ڪين هئا، تنهن ڪري هُن سڀني جا هٿ زخمي ڏيکاري، پڙهندڙن کي اُداس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
ڪـر گُــلـــن جــا پوئي هار
هٿ سڀن جا زخمي زخمي.
زخمي هٿ هار پوئي نه سگهندا آهن ۽ اٽو ڳوهي نه سگهندا آهن.
قديم دور جا بادشاهه يا راجا پنهنجن تاجن ۾ کنڀ اٽڪائيندا هئا. هينئر اُهي بيوقوف راجا ڪونه آهن جيڪي ڪانوَ جي کنڀ عيوض ٻگهي گهوڙو ڏين. تنهن ڪري ٻارن کي هي ٻول وسارڻ گهرجن ته:
ڪـــــانــوَ ڏنـــو کــــنــڀ
ڪـــنــڀُ ڏنــم راجا کي
راجــا ڏنــو ٻـگهي گهوڙو
چڙهي گُهم چڙهي گُهم.

انڌير نگريءَ جي راجا کي چرٻٽ چئبو آهي. چرٻٽ راجا کاڄا کائيندا آهن ۽ واڄا وڄائيندا آهن ڇوته اُنهن جي نگريءَ ۾ ڀاڄي ۽ کاڄا ساڳئي اگهه تي وڪامبا آهن.
بادشاهه تاج پائيندا آهن ۽ تخت تي ويهندا آهن. جنهن جو بخت ٺهندو آهي اُهو تخت ماڻيندو آهي ۽ جنهن کان بخت رُسندو آهي اُن جا تختا نڪري ويندا آهن. گذريل دور ۾ ڪيترائي بادشاهه زوريءَ پنهنجي بخت بڻائڻ لاءِ پنهنجن ڀائرن، چاچن ۽ مامن جو قتل ڪرائي تاج ۽ تخت حاصل ڪندا هئا. ان کي اقتدار جي هَوس چئبو آهي. تاج تخت ۽ دولت جي هَوس انسان کي انڌو بڻائي ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري ٻارو! اوهان کي حرص ۽ هوَس کان پري ڀڄڻ گهرجي.

مشق

سوال نمبر 1:       بخت ۽ تخت جو پاڻ ۾ تعلق بيان ڪريو؟
سوال نمبر 2:       جن ماڻهن جي هار ٿيندي آهي، اُهي هار ڇونه پائيندا آهن؟
سوال نمبر 3:       چرٻٽ راجا جون مشغوليون ڪهڙيون هونديون آهن؟

نوان لفظ
شاعر 
:
شهرت جي شڪري جو شڪاري
اٽو 
:
جيڪو پيٽ ۾ سُور نه ڪري
تخت  
:
بخت جو وڏو ڀاءُ



فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers










Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت