لطيف سنڌ آ، سنڌ لطيف آ - علي نواز وفائي



انسان ڇو ٿو جُهڪي، ڇا لاءِ ٿو جُهڪي، ڪڏهن ٿو جُهڪي، ڪنهن لاءِ ٿو جُهڪي، ڪيئن ٿو جُهڪي ۽ ڪنهن جي اڳيان ٿو جهڪي. اهي نهايت ئي نازڪ ۽ نفيس مسئلا ۽ معاملا هوندا آهن.

جڏهن انسان صرف پنهنجي دل ۾ جهڪڻ، جهڪائڻ، جهڪجڻ ۽ جهڪجي وڃڻ جو خيال ڪري ٿو تڏهن ائين سمجهڻ گهرجي ته همراهه سمورين انسانيت جي اوچين ۽ اعليٰ خوبين ۽ خاصيتن کان خالي ۽ کوکلو ٿي رهيو آهي.


هن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو جيڪو ناقابل معافي جرم آهي، سو آهي جهڪجڻ. انسان کي گهرجي ته نه ٻئي کي جهڪائي ۽ نه پاڻ ئي ڪنهن جي اڳيان جهڪي، ڇو ته مسلمان سڏائيندڙن لاءِ خاص حڪم ٿيل آهي ته صرف پنهنجي پالڻهار پروردگار جي اڳيان ئي سر جهڪائيندا ۽ سجدو ڪندا رهو. جيڪي هن جهان ۾ جهڪجي ويا تن جهڪندڙن کي جهان وارن ڪڏهن به ياد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، مگر جيڪي ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪيا ۽ ٻين کي به جهڪڻ جي بدعت ۽ بيهودگي، بڇڙائي، برائي ۽ بدي کان باز رکڻ جي تاڪيد ۽ تبليغ ڪندا رهيا، تن وٽ جهان وارا هر روز سوين سلام ڪندا رهن ٿا ۽ ڪندا رهندا.

سنڌ جي سر تاج ۽ سائين، بادشاهي ڪندڙن بادشاهن، حڪم  هلائيندڙن حاڪمن، جاگيردارن جي جلالن، ڪمدارن ۽ ڪاروان جي ڪم ۽ ڪارگذرين، زميندارن ۽ زردارن جي زيادتن ۽ زورن، طاقت وارن جي تواناين ۽ تيزين، وڏن ۽ وڏيرن جي وڏائن ۽ واکاڻين، ڪوڙن ڪاريگرن جي ڪڌن ڪرتوتن، فتني انگيزن جي فتوائن ۽ فيصلن، ملن ۽ مفتين جي مڪرن، پڳدارن ۽ پيرن جي پارسائين، مخدومن جي معاملن، علم وڪندڙن عالمن ۽ علمائن جي آثارن ڏانهن ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڌريو، ڇو ته فطرتي شاعر اڳيان صرف ڪائنات جي کليل ڪتاب جا ورق ئي هوندا آهن. هو خالق جي خلقيل هر شيءِ جي صحيح ۽ سچي ترجماني ڪندو رهندو آهي.
سنڌ جي سائين سامهون صرف سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ سنوان سڌا، سادا سودا، ساٿي، سٻاجهڙا، سانگيئڙا، جهانگيئڙا، ماروئڙا، مالوند، غريب غربا، مسڪين ۽ محتاج، مجبور ۽ مايوس، هيسيل ۽ هيسايل، ڪمزور ۽ ڪم طاقت، بکيا ۽ ڏکيا، ڪامي ۽ ڪڙمي، هاري ۽ ناري، مزدؤر۽ محنت ڪندڙ، بي زبان ۽ بي سهارا، الڙ اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ، اڻ پڙهيل پٺيءَ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا، دؤررهندڙ  ڌڪاريل، دردمند ۽ دانهن ڪندڙ، صبر ۽ سانت ڪندڙ، ڀلائي ۽ ڀلو ڪندڙ، امن ۽ امان ڪندڙ هئا. جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته:

لطيف سنڌ آ، سنڌ لطيف آ. لطيف سنڌ جو لطف آ، لطيف سنڌ جي لڄ آ، لطيف سنڌ جي لوئي آ، لطيف سنڌ جي لوچ آ، لطيف سنڌ جو لال آ، لطيف سنڌ جي لالائڻ آ، لطيف سنڌ جو لاکيڻو آ، لطيف سنڌ جي سوچ آ، لطيف سنڌ جي سونهن آ، لطيف سنڌ جو سينگار آ، لطيف سنڌ جو سهرو آ، لطيف سنڌ جي سمجهه آ، لطيف سنڌ جي ساڃهه آ، لطيف سنڌ جي ساک آ، لطيف سنڌ جي سنهنجائي آ، لطيف سنڌ جي سمجهاڻي آ، لطيف سنڌ جي سرهاڻ آ، لطيف سنڌ جو ساٺ آ، لطيف سنڌ جو سنوڻ  آ، لطيف سنڌ جو سينگاريندڙ آ، لطيف سنڌ جو سوانريندڙ آ، لطيف سنڌ جو سنڀاليندڙ آ، لطيف سنڌ جو ساريندڙ آ، لطيف سنڌ جو سڏائيندڙ آ، لطيف سنڌ جو سمجهندڙ آ، لطيف سنڌ جو سمجهائيندڙ آ، لطيف سنڌ جو سهارو آ، لطيف سنڌ جو سونهارو آ، لطيف سنڌ جو سپوت آ، لطيف سنڌ جو سورهيه آ، لطيف سنڌ جي سيرت آ، لطيف سنڌ جي سچائي آ، لطيف سنڌ جو سرمايو آ، لطيف سنڌ جي سينڌ آ، لطيف سنڌ جو سرمو آ، لطيف سنڌ جو سورمو آ،  لطيف سنڌ جو سوز آ، لطيف سنڌ جو ساز آ، لطيف سنڌ جو سرتاج آ، لطيف سنڌ جو سردار آ، لطيف سنڌ جو سچار آ، لطيف سنڌ جي سڳنڌ آ، لطيف سنڌ جو سٻاجهڙو آ، لطيف سنڌ جي سٺائي آ، لطيف سنڌ جو سوجهرو آ، لطيف سنڌ جو سنيهو آ، لطيف سنڌ جو سلام آ، لطيف سنڌ جو سهاڳ ا، لطيف سنڌ جي سجاڳي آ، 

لطيف سنڌ جي ثقافت آ، لطيف سنڌ جو ثمر آ، لطيف سنڌ جو ثواب آ. لطيف سنڌ جو صوفي آ، لطيف سنڌ جو صادق آ، لطيف سنڌ جي صورت آ، لطيف سنڌ جو صبر ا، لطيف سنڌ جو صلح آ، لطيف سنڌ جو صوم آ، لطيف سنڌ جي صلوات آ، لطيف سنڌ جي ابرو آ، لطيف سنڌ جو آرام آ، لطيف سنڌ جو اطمينان آ، لطيف سنڌ جي اَن آ. لطيف سنڌ جي آس آ، لطيف سنڌ جو امن آ، لطيف سنڌ جو امان آ، لطيف سنڌ جي اميد آ، لطيف سنڌ جي آس آ، لطيف سنڌ جو ادارڪ آ، لطيف سنڌ جو ارمان آ، لطيف سنڌ جو اهڃاڻ آ، لطيف سنڌ جو انصاف آ، لطيف سنڌ جو امام آ، لطيف سنڌ جو اڳواڻ آ، لطيف سنڌ جو اُنس آ، لطيف سنڌ جي انسانيت آ، لطيف سنڌ جي امانت آ، لطيف سنڌ جو اخلاق آ، لطيف سنڌ جو ارادو آ، لطيف سنڌ جو آڌار آ، لطيف سنڌ جو ادارو آ، لطيف سنڌ جو آواز آ، لطيف سنڌ جي ادا آ، 

لطيف سنڌ جو عروج آ، لطيف سنڌ جو علم آ، لطيف سنڌ جو عالم آ، لطيف سنڌ جو عدل آ، لطيف سنڌ جي عزت آ، لطيف سنڌ جو عقل آ، لطيف سنڌ جو علاما آ، لطيف سنڌ جو عمل آ، لطيف سنڌ جو عامل آ، لطيف سنڌ جي جان آ، لطيف سنڌ جي جند آ، لطيف سنڌ جو جذبو آ، لطيف سنڌ جو جوش آ، لطيف سنڌ جو جامي آ، لطيف سنڌ جو محب آ، لطيف سنڌ جو مهتاب آ، لطيف سنڌ جي محبت آ، لطيف سنڌ جي مروت آ، لطيف سنڌ جو منارو آ، لطيف سنڌ جو ماڳ آ، لطيف سنڌ جو مير آ، لطيف سنڌ جو مرشد آ، لطيف سنڌ جي مهاڳ آ، لطيف سنڌ جو مان آ، لطيف سنڌ جو  محاذ آ، لطيف سنڌ جي مضبوطي آ، لطيف سنڌ جو محبوب آ، لطيف سنڌ جو معشوق آ، لطيف سنڌ جو ماضي آ، لطيف سنڌ جو محافظ آ، لطيف سنڌ جو معمار آ، لطيف سنڌ جو موڙ آ، لطيف سنڌ جو مڙس آ، لطيف سنڌ جو مهندار آ، لطيف سنڌ جي تاريخ آ، لطيف سنڌ جو تهذيب آ، لطيف سنڌ جي تمدن آ، لطيف سنڌ جي تحقيق آ، لطيف سنڌ جي تبليغ آ، لطيف سنڌ جي تعمير آ، لطيف سنڌ جي ترقي آ، لطيف سنڌ جي توانائي آ، لطيف سنڌ جي تازگي آ، لطيف سنڌ جي تدبير آ، لطيف سنڌ جي  تقدير آ، لطيف سنڌ جو تڳاءُ آ، لطيف سنڌ جو ترهو آ، 

لطيف سنڌ جي طاقت آ، لطيف سنڌ جو طريقو آ، لطيف سنڌ جي طراوت آ، لطيف سنڌ جو رهبر آ، لطيف سنڌ رهنما آ، لطيف سنڌ جي ريت آ، لطيف سنڌ جي رسم آ، لطيف سنڌ جو رواج آ، لطيف سنڌ جو روايت آ، لطيف سنڌ جي رسم آ،  لطيف سنڌ جي رواداري آ، لطيف سنڌ جو رازدار آ، لطيف سنڌ جو رازدان آ، لطيف سنڌ جو راکو آ، لطيف سنڌ جو رکوال آ. لطيف سنڌ پارکو آ، لطيف سنڌ جو پيار آ، لطيف سنڌ جي پارسائي آ، لطيف سنڌ جو پير آ، لطيف سنڌ جو پيغمبر آ، لطيف سنڌ جي پڪار آ، لطيف سنڌ پارت آ، لطيف سنڌ جي پت آ، لطيف سنڌ جو پيغام آ، لطيف سنڌ جي شرافت آ، لطيف سنڌ جي شائستگي آ، لطيف سنڌ جو شان آ، لطيف سنڌ جو شناسائي آ، لطيف سنڌ جي شوڪت آ، لطيف سنڌ جو شاعر آ، لطيف سنڌ جو شعور آ، لطيف سنڌ جو شائق آ، لطيف سنڌ جو شوق آ،  

لطيف سنڌ جو شرم آ، لطيف سنڌ جو بچاءُ آ. لطيف سنڌ جي برادر آ، لطيف سنڌ جي برابري آ، لطيف سنڌ جي بهبودي آ، لطيف سنڌ جي بالائي آ، لطيف سنڌ جو ڀاڳ آ، لطيف سنڌ جي ڀلائي آ، لطيف سنڌ جو ڀرم آ، لطيف سنڌ جو ڀروسو آ، لطيف سنڌ جو ڀرجهلو آ. لطيف سنڌ جو همدرد آ، لطيف سنڌ جو همدم آ، لطيف سنڌ جو همراه آ، لطيف سنڌ جو هادي آ، لطيف سنڌ جي همت آ، لطيف سنڌ جي هوشاري آ، لطيف سنڌ جي هٻڪار آ، لطيف سنڌ جو حوصلو آ، لطيف سنڌ جي حقيقت آ، لطيف سنڌ جي حجت آ، لطيف سنڌ جو حجاب آ، لطيف سنڌ جي حفاظت آ، لطيف سنڌ جو حڪيم آ، لطيف سنڌ جي حڪمت آ، لطيف سنڌ جي حڪومت آ، لطيف سنڌ جو حاذق آ، لطيف سنڌ جي حب آ، لطيف سنڌ جو حامي آ، لطيف سنڌ جو داناء آ، لطيف سنڌ جو دانشمند آ، لطيف سنڌ جو درد آ، لطيف سنڌ جود رمان آ، لطيف سنڌ جو دلبر آ، لطيف سنڌ داد آ، لطيف سنڌ جي ديناداري آ، 

لطيف سنڌ جي دل آ، لطيف سنڌ جي دلجاءِ آ، لطيف سنڌ جو دلاور آ، لطيف سنڌ جو دلاسو آ، لطيف سنڌ جي دعا آ، لطيف سنڌ جو دم آ، لطيف سنڌ جو دلبند آ، لطيف سنڌ جو دودو آ، لطيف سنڌ جو درياهه خان آ، لطيف سنڌ جو دک ا، لطيف سنڌ جو دارون آ، لطيف سنڌ جي ديد آ، لطيف سنڌ جو ديدار آ، لطيف سنڌ جو درشن آ، لطيف سنڌ جوف خر آ، لطيف سنڌ جو فياض آ، لطيف سنڌ جو فقير آ، لطيف سنڌ جو فهم آ، لطيف سنڌ جي فراست آ، لطيف سنڌ جي فتح آ، لطيف سنڌ جي فلاسافي آ، لطيف سنڌ فيلسوف آ، لطيف سنڌ جي فضيلت آ، لطيف سنڌ جي خوشي آ، لطيف سنڌ جي خوشبوءِ آ، لطيف سنڌ جو خير خواه آ، لطيف سنڌ جو خيال آ، لطيف سنڌ جي خوشبوءِ آ، لطيف سنڌ جو خير خواه آ، لطيف سنڌ جو خيال آ، لطيف سنڌ جو نظر دار آ، لطيف سنڌ جو نگهبان آ، لطيف سنڌ جو نيهن آ، لطيف سنڌ جو ننگ آ، لطيف سنڌ جو ناز آ، لطيف سنڌ جي نزاڪت آ، لطيف سنڌ جو نام آ، لطيف سنڌ جو ناتو آ، لطيف سنڌ جو نياز آ، لطيف سنڌ جي نوڙت آ، لطيف سنڌ جي نرمائي آ، لطيف سنڌ جي نهٺائي آ، لطيف سنڌ جو نيشان آ، 

لطيف سنڌ جو وقار آ، لطيف سنڌ جي واکاڻ آ، لطيف سنڌ جي وصف آ، لطيف سنڌ جو وڏو آ، لطيف سنڌ جو وينجهار آ، لطيف سنڌ جو وجود آ، لطيف سنڌ جو وڏائي آ، لطيف سنڌ جو ڪوشش آ، لطيف سنڌ جي ڪشش آ، لطيف سنڌ جي ڪاميابي آ، لطيف سنڌ جي ڪامراني آ، لطيف سنڌ جي ڪاوش آ، لطيف سنڌ جو ڪلام آ، لطيف سنڌ جي ڪهاڻي آ، لطيف سنڌ جو قصو آ، لطيف سنڌ جو قدردان آ، لطيف سنڌ جي قوم آ، لطيف سنڌ جي زينت آ، لطيف سنڌ جي زبان آ، لطيف سنڌ جو زور آ، لطيف سنڌ جو ضمير آ، لطيف سنڌ جو ظرف آ، لطيف سنڌ جو ذهن آ، لطيف سنڌ جي ذر آ، لطيف سنڌ جي ضمانت آ، لطيف سنڌ جي ڇانو آ، لطيف سنڌ جو ڇپر آ.

لطيف سنڌ آ، سنڌ لطيف آ

علي نواز وفائي

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت