اسان جي غذا جا جزا

اسان جي غذا جا جزا
اسان جو کاڌو ھيٺين جزن تي مشتمل ھوندو آھي.
(1)           ڪاربو ھائڊريٽس (Carbohydrates)
(2)           چرٻي (Fat)
(3)           پروٽين (Protein)
(4)           وٽامنس (Vitamins)
(5)           معدنيات (Minerals)
(6)           پاڻي (Water)


(1)           ڪاربو ھائڊريٽس (Carbohydrates)
ڪاربو ھائڊريٽس جو عام مثال گلوڪوز ۽ نشاستو آھن سڀ کان وڌيڪ تيز تر توانائي گلوڪوز يعني انگور جي کنڊ مان حاصل ٿئي ٿي. ڪاربو ھائڊريٽس کي جسم جو پئٽرول به چئبو آھي.

(2)           چرٻي (Fat)
چرٻي نامياتي مرڪب آھي ۽ وڌيڪ توانائي واري غذا آھي. چرٻي جانورن مان مکڻ ۽ گيھ جي صورت ۾ ملي ٿي ۽ ٻوٽن مان تيل جي صورت ۾ ملي ٿي چرٻي گھرڙن جي بناوت ۾ به شامل ھوندي آھي.

(3)           پروٽين  (Protein)
پروٽين گھرڙن جي واڌ، مرمت، بچاءُ ۽ رت جي ڄمڻ وغيرھ جي ڪم ايندي آھي وارن ۽ ننھن لاءِ به پروٽين فائديمند آھي. پروٽين گوشت، مڇي، کير، پنير ۽ خشڪ ميون مان ملي ٿي.

(4)           وٽامنس (Vitamins)
ھي نامياتي مرڪب آھن جيڪي جسم جي واڌ ويجھھ ۽ ڪيميائي عملن لاءِ  ڪار آمد آھن وٽامنس ٻوٽن ۽ ڀاڄين مان ملن ٿا. وٽامنس کي ڇھن قسمن ۾ ورھائي انگريزي E,D,C,B,A ۽ K نالا ڏنا ويا آھن.

(5)           معدنيات (Minerals)
معدنيات ۽ لوڻ به کاڌي جو جزو آھن. ھي ڪيترن ئي ڪيميائي عملن ۾ جسم جي واڌ ويجھ لاءِ مدد گار آھن. ھن جو ھڪ قسم ڪئلشيم آھي جيڪو اناج، کير، آنن ۽ ميون مان ملي ٿو جيڪو ڏندن ۽ ھڏن کي مضبوط ڪري ٿو ٻيو قسم لوھ يا فولاد آھي جيڪوپالڪ ۽ ٻين ڀاڄين مان ملي ٿو جيڪو رت جي رطوبت ھيمو گلوبن ۽ مايو گلو بن جي تياريءَ  ۾ڪم اچي ٿو ھن جو ٽيون قسم فاسفورس آھي جيڪو گوشت ۽ ڀاڄين ۾ آھي ھن جو ڪم ڏندن ۽ ھڏن جي مضبوطي ۽ ATP لاءِ مدد آھي.

(6)           پاڻي (Water)
پاڻي  کاڌي جو اھم جزو آھي ھي جسم جي ھر ڪيميائي عمل ۾ ڪم اچي ٿو ۽ کاڌي کي جذب ڪرڻ ۽ اڳتي ڌڪڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت