سٺو مھمان

سٺو مھمان
ابو زبير صادق فقير خاصخيلي ميرپور خاص

اوھان وٽ مھمان ته ايندا ھوندا ۽ اوھان به ڪٿي مھمان ٿي ويندا ھوندا. مھمان ۽ ميزبان ٻنھين تي ڪجھ ذميواريون آھن. ڇا اوھان انھن ذميوارين جو پورو پورو خيال رکو ٿا. جيڪڏھن خيال رکو ٿا ته اوھان پڪ سان سٺا مھمان ۽ ميزبان آھيو. جيڪڏھن اوھان انھن قيمتي ڳالھين جو خيال نٿا رکو ته اوھان به سٺا مھمان نه آھيو نه وري ميزبان.
ھڪ ميزبان ۽ مھمان ۾ ڪھڙيون خوبيون ھئڻ کپن ھنن اصولن کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو ٺاھيو.
·       جنھن کي دعوت ڏني وڃي اھو دعوت قبول نه ڪري ته ھن الله ۽ ھن جي رسول ﷺ جي نافرماني ڪئي.
·       حضور اڪرم ﷺ فرمايو ته مھمان لاءِ ھي جائز ناھي ته ھو ميزبان وٽ ايتري دير ترسي جو ھن جي دل تنگ ٿي پوي.
ھڪ شخص حضرت علي رضه کي دعوت ڏني ته پاڻ فرمايائون ته مان ٽن شرطن تي ھي دعوت قبول ڪري سگھان ٿو. ھڪ ته تون بازار مان ڪجھ به خريد نه ڪري آڻيندين، ٻيو ھي ته گھر ۾ جيڪو آھي تنھن جو ذخيرو نه ڪندين. ٽيون ھي ته اھل و عيال کي ڪنھن مصيبت ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا نه ڪندين.
·       پاڻ فرمايو جيڪو شخص بنا دعوت جي ماني کائڻ لاءِ داخل ٿيو اھو ڄڻ چور ٿي داخل ٿيو ۽ ڦورو ٿي ٻاھر نڪتو. مطلب ته ڪنھن جي گھر دعوت جو بندوبست ھو. اتي جن ماڻھن کي گھرايو ويو ته ڪو ٻيو به بنا دعوت جي ھن دعوتيءَ سان گڏجي ھليو ويو ته اھڙو شخص چور بنجي ويو ۽ ڦورو ٿي نڪتو.
ابو والڪر رضه فرمائين ٿا ته:
آئون پنھنجي ساٿي حضرت مسلم بن فارس رضه وٽ ملاقات لاءِ ويس. انھي منھنجي اڳيان جَوَن جي ماني ۽ پيٺل لوڻ اچي رکيو. منھنجي ساٿيءَ جيڪو مون سان گڏ ھليو ھو انھي اھو کاڌو ڏسي چيو ته ادا ابو والڪر جيڪڏھن ھن لوڻ سان گڏ ڦودني جي چٽڻي به ھجي ھا ته ڪيڏو نه سٺو لڳي ھا. اھو ٻڌي حضرت مسلم رضه گھر کان ٻاھر نڪتو پنھنجو لوٽو گروي رکي ڦودنو ورتائين ۽ گھر اچي ڦودني جي چٽڻي تيار ڪري مھمانن جي اڳيان رکيائين جڏھن ماني کائي بس ڪيائون ته منھنجي ساٿي چيو (الحمدالله) جنھن اسان کي ھيءَ روزي ڏني ان تي اسان قناعت ڪئي. اھو ٻڌي حضرت سلم رضه فرمايو جيڪڏھن اوھان ڏنل روزي تي قناعت ڪريو ھا ته مون کي پنھنجو لوٽو گروي نه رکڻو پوي ھا.
مطلب ته مھمانن کي فرمائشن کان پرھيز ڪرڻ کپي.
نبي اڪرم ﷺ جو ارشاد آھي جيڪڏھن مھمان کي ميزبان سان بي تڪليف آھي ته پوءِ مھمان کي کپي ته پنھنجي پسند ۽ ناپسند جو اظھار ڪري ڇڏي.
·       ميزبان کي گھرجي ته آيل مھمان جو آڌر ڀاءُ ڪري، صدق دل سان ويھاري مھمان جو ھٿ ڌوئاري، مھمان کي به گھرجي ته ھو انڪار نه ڪري.
حضرت انس بن مالڪ رضه فرمائين ٿا تنھنجو ڀاءُ تنھنجي عزت ڪري ته تون ھن جي عزت ڪر. عزت افزائي کي قبول ڪر انڪار نه ڪر. انھي لاءِ ته ھو الله تعاليٰ جو اڪرام ڪري رھيو آھي.
·       مھمان کي گھرجي ته ھو پنجن ماڻھن جي دعوت قبول نه ڪري.
·       بدعتي مشرڪ جي دعوت قبول نه ڪري.
·       ظالم ۽ ان جي مددگارن جي.
·       وياج ڏيڻ واري جي
·       اھڙو فاسق منافق جنھن جي منافقت (فسق) ظاھر ھجي جنھن جو مال حرام جو ھجي
·       ھن ڪري ته نبي ڪريم ؐ جو ارشاد آھي ته صرف پرھيزگارن جي ماني کاءُ.
·       ظالمن جي دعوت کائڻ جو مقصد ھي ته کائڻ واري ڄڻ ان جي ظلم تي ان جي مدد ڪئي.
حضرت ذوالنون مصري رح کي ھڪ ڀيري بادشاھ قيد ڪري ڇڏيو. ان کي حڪومت جي پاران ماني موڪلي وئي. ھن کائڻ کان انڪار ڪيو. ھڪ نيڪ پوڙھي ھن لاءِ ماني تيار ڪري موڪلي ۽ لکي موڪليائين ته ھي ماني منھنجي پاران آھي. ليڪن حضرت ذوالنون رح اُن جي به ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. قيد خاني مان نڪتو ته ان پوڙھي پڇيو.
منھنجي ماني اوھان ڇو واپس ڪئي. حضرت ذوالنون مصري رح وراڻيو اوھان جي ماني به ان ظالم جي ٿالھيءَ ۾ آئي ھئي. تنھن ڪري واپس ڪري ڇڏيم. الله الله اھڙي پرھيزگاري ڪھڙا نه اسلاف ھئا. جن ظالمن جي ٿانوَ ۾ کائڻ به پسند نه ڪيو.
ھينئر ته پاڻ ڏسون ئي نٿا ڪنھن جي دعوت آھي حلال جي مال مان آھي يا حرام جي مال مان، صرف دعوت ملي. اڳواٽ پڄيو وڃون. الله پاڪ اسان سڀني کي ھدايت ڏئي ۽ اسلام جي صحيح واٽ تي ھلائي جنھن ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني آھي.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت