مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا الله وسايا ــ شير احمد رحيمي



مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

 ------------------


مولانا الله وسايا ــ  شير احمد رحيمي
استاد جامعه فاروقيه ــ سڪرنڊ
دارالعلوم هاشميه سجاول  ضلغ ٺٽي جا شيخ الحديث
 ------------------
آهه!! شيخ الڪل مولانا عبدالغفور قاسمي رحه!
حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي 25 نومبر 2013 (مطابق 20 محرم  الحرام 1435 هه) تي صبح جو آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪري ويا. ضلع ٺٽي ۾ سجاول هڪ مشهور تاريخي شهر آهي. اُن جي ويجهو پنج ــ ڇهه ميل جي فاصلي تي گجو نالي هڪ ڳوٺ آهي اُن ڳوٺ ۾ 1942ع ۾ حضرت مولانا محمد قاسم صاحب ميمڻ جي گهر ۾ سائين عبدالغفور قاسمي رحه پيدا ٿيا.
گجُو جي ويجهو
مرڪزي شهر سجاول آهي. هتي 1939ع ۾ حاجي سيد عبدالرحيم شاهه صاحب جن دارالعلوم هاشميه جو بنياد رکيو. مولانا قاسمي رحه جڏهن پڙهڻ جي لاءِ هتي آيا ته اُن وقت اداري جا مهتمم استاذ الحديث مولانا نور محمد رحه سجاولي هُئا ــ دار العلوم هاشميه ۾ مولانا نور محمد مرحوم جن وقت جا وڏا وڏا فاضل ۽ نالي وارن عالمن جون خدمتون حاصل ڪندا هئا. ڪنهن زماني ۾ حضرت مولانا شمس الحق افغاني رحه اُتي پڙهائيندا هئا. جامعه خير المدارس جا شيخ الحديث مولانا محمد شريف ڪشميري رحه جن حضرت افغاني رحه جن کان اتي سجاول ۾ ئي تڪميل ڪئي هئي ۽  اتي ئي سندن دستار بندي ٿي هُئي ــ دارالعلوم هاشميه سجاول ۾ هڪ دفعو حضرت مولانا فيض علي شاهه مانسهروي رحه به تدريس جي لاءِ آيا هئا . مولانا سيد فيض علي شاهه رحه صاحب دارالعلوم ديوبند ۾ به مدرس رهي چڪا هئا. سندن کان مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جن سجاول ۾ معقولات جي تعليم ورتي. مولانا سيد فيض علي شاهه رحه صاحب گوجرانواله جي جامعه اشرف العلوم ۾ حضرت مولانا مفتي محمد خليل صاحب جن جي دعوت تي ويا. ته مولانا عبدالغفور قاسمي رحه به ساڻن گڏ ويا ۽ هڪ سال پڙهيا. مولانا قاسمي رحه جن حضرت مولانا عبدالخالق صاحب باني دار العلوم ڪبيروالا جن کان به معقولات پڙهيا. جڏهن ته طاهر والي مدرسه انوريه حبيبه ۾ به حضرت مولانا حبيب الله رحه گمانوي ۽ حضرت مولانا منظور احمد نعماني رحه کان به پڙهندا رهيا. دوره حديث شريف جي لاءِ پاڻ جامعه العلوم الاسلاميه بنوري ٽائون ڪراچي ويا 1964-65 ۾ هتان دوره حديث شريف ڪيائون. حضرت مولانا محمد يوسف بنوري رحه، مولانا مفتي ولي حسن ٽونڪي رحه، مولانا محمد ادريس ميرٺي رحه جهڙين شخصيتن کان تعليم حاصل ڪئي. اُن زماني ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي سڀني مدارس ۾ پاڻ سڀني کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا.
حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي رحه کي مولانا سيد محمد يوسف بنوري رحه پنهنجي جامعه ۾ مدرس ڪري رکڻ چاهين پيا، ليڪن مولانا نور محمد سجاولي رحه جي چوڻ تي پاڻ دار العلوم هاشميه آيا ۽ هتان کان تدريسي خدمتن جو آغاز ڪيو. مولانا نور محمد صاحب رحه کان پوءِ پاڻ اُنهن جا علمي جانشين قرار ڏنا ويا. پاڻ درالعلوم هاشميه کي ترقي ڏنائون. نئين عظيم الشان بلڊنگ ۽ مسجد تيار ڪرائي جيڪا پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ پوءِ اتان کان ئي سندن جنازو کنيو ويو. سنڌ جي ان حصي ۾ حضرت مولانا نور محمد صاحب رحه جن تنظيم “اصلاح المدارس” قائم ڪئي. اندرون سنڌ ڄڻڪ هيءَ تنظيم ديني مدارس جو بورڊ آهي. هن وقت 95 مدارس اِن تنظيم سان لاڳاپيل آهن. پهريان مولانا نور محمد صاحب جن صدر هئا. اُنهن کان پوءِ سائين مولانا عبدالغفور قاسمي رحه صدر ٿيا. اُن جا ناظم اعليٰ مولانا غلام محمد سومرو صاحب جن آهن.
هن وقت اِنهن مدارس ۾ پڙهائڻ وارا سڀ جا سڀ حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي رحه صاحب جن جا شاگرد آهن. سجاول ، ٺٽو، بدين ۽ پري پري تائين سنڌ جي علائقي ۾ مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جن ڪيتريون مسجدون ٺهرايون. اُتي مڪتب قائم ڪيا. انهن جي سرپرستي، رهنمائي ۽ مالي معاونت ڪندا هئا.
مولانا عبدالغفور قاسمي رحه معقول ۽ منقول علوم ۾ اٿارٽي مڃيا ويندا هئا. سندن هزارن جي تعداد ۾ شاگرد آهن. پاڻ ملڪ جي اُنهن چند شُيوخِ حديث مان به هئا جن کي آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو. مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جن جِتي اعليٰ درجي جا مدرس هئا اُتي ڪامياب خطيب پڻ هئا. پاڻ تدريس ۽ خطابت، مسندِ حديث ۽ منبر و محراب سان دينِ اسلام جي اشاعت ۽ واڌاري جو فرض ادا ڪيو. مولانا عبدالغفور قاسمي رحه چناب نگر، ملتان، ڪراچي تائين ختمِ نبوت ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندا هئا. مولانا مفتي محمد جميل خان رحه جي درخواست تي پاڻ لنڊن ختمِ نبوت ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي. تڏهن مولانا محمد يوسف لڌيانوي رحه ساڻن گڏ هئا. مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جن اِن موقعي تي حديث اَنَا اَوَّلُھُمۡ فِی الۡخَلۡقِ وَ اٰخِرُھُمۡ فِی الۡبَعۡثِ  تي خطاب ڪيو. خطاب ڇا هو ڄڻ علم جو سمنڊ هو جيڪو ڇوليون هڻي رهيو هو. پورو اجتماع هڪ ڪَنون ٿي ويٺل هو. تقرير کان پوءِ مولانا محمد يوسف لڌيانوي رحه جن سندن پيشانيءَ تي چُمي ڏئي چيو ته مولانا! توهان جي خطابت جي پويان ڪنهن بزرگ جي دُعا آهي.
مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جن فرمايو ته توهان صحيح سمجهيو، مولانا نور محمد سجاولي رحه جون دعائون حاصل ڪرڻ جو مون کي اعزاز حاصل آهي. حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جن جو جمعيت علماءِ اسلام سان جماعتي تعلق هو. پاڻ بيماريءَ جي باوجود پوري ملڪ ۾ جمعيت جي ڪانفرنسن ۾ خطاب ڪيو.
سائين جن شگر جا مريض هئا. ڪيترا دفعا بيمارين گهيرو ڪيو. آپريشنون ٿيون. ليڪن بيماريءَ کي پاڻ تي مسلط ٿيڻ نه ڏنائون. عمرا، حج، ملڪي ۽ غير ملڪي سفر جاري رهيا. آخري دفعو گلي جي آپريشن جي لاءِ اسپتال ويا ته پيغام اجل کي لبيڪ چيائون. سجاول ۾ جنازه نماز ٿي. سندن استاد جي فرزند جنازه نماز پڙهائي ۽ پوءِ مصري شاهه قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيا ويا. حق تعاليٰ جل شانه سندن درجات بلند فرمائي. آمين
(روزنامه اسلام ڪراچي جي ٿورن سان)
عبدالباسط نظاماڻي
ڊگهه موري ٽنڊو محمد خان

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت